سياست ۾ بليل ميلنگ جي بدبوء.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    سياست ۾ بليل ميلنگ جي بدبوء.

    شفيق شاڪر

    پاڪستان جي موجوده سياسي صورتحال جي حوالي سان اردوغزل جون هي سٽون ٿيون ياد اچن ته

    “ هر شخص ڪو دعوى هي پارسائي ڪا،سڀي فرشتي هين يهان پرڪوئي بشر ڀي هي؟”

    سو فرشتن جي هن ديس ۾ ڪنهن ۾ عيب تلاش ڪجن،ڪنهن تي ڪيئن ڪو الزام هڻجي،ڪنهن تي ڪيئن آڱر کڻڻ جي همت ڪجي؟ گھڻو عرصو پهرين پاڪستان جي هڪ اڳوڻي صدر اها ڌمڪي ڏني هئي ته سندن خلاف آڱر کڻڻ وارن کي ياد رکڻ گھرجي ته هن به جيڪر سندن ڪارا چٺا پڌرا ڪيا ته کين لڪڻ جي جاء نه ملندي.ڪجھ عرصو پوء وفاقي وزير داخلا ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي وچ ۾ ساڳئي قسم جي جملن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي ته جيڪڏهن اوهان اسان جي طرف آڱر کڻڻ جي همت ڪئي ته اسان وٽ به اوهان جي خلاف ثبوت آهن.پوء خفيه وڊيو منظرعام تي آڻڻ جون به ڌمڪيون سامهون اينيديون رهيون.انهيء کان پوء خود وزيراعظم به ميدان ۾ لهي پيو ۽ نيب جا ڪن مهٽيندي چوڻ لڳو ته پنهن جو رويو درست ڪري نه ته حڪومت ڪو بندوبست ڪندي.اهڙيون ڌمڪيون ڏيڻ جي حوالي سان “ويچارو” بيمار الطاف ته هونئن ئي بدنام آهي.تازو مولانا فضل الرحمان به حڪومت کي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن هو چاهي ته حڪومت ڊاهي سگھي ٿو.ڪپتان صاحب ته ڌمڪين واري حوالي سان اڳيئي ٻه وکون اڳتي آهي.هاڻي پنجاب جي وڏي وزير به انڪشاف ڪيو آهي ته نيب جي پرڪارن جي جيڪا وٽس رپورٽ آهي جيڪر هن اها ظاهر ڪري ڇڏي ته نيب وارن جا پگھر نه بيهندا پر هو اهي انمول ڳالهيون ڪنهن ٻئي وقت تي ٻڌائيندو.اها آهي اسان جي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي سياسي صورتحال! الزام،طعنا ۽ مهڻا،ڪردار ڪشي،بليڪ ميلنگ۽پنهن جي پارسائيء جون دعوائون. انهيء تماشي کان سواء جيڪر توهان کي هتي بيو ڪجھ نظر آيو هجي ته اسان کي به ٻڌايو.روزانو هڪ نئين ڊرامي لاء عوامي اسٽيج سجايو وڃي ٿو،ڊرامو ساڳيو صرف ڪردار بدلجن ٿا.ڪڏهن عيان علي، ڪڏهن صولت مرزا،ڪڏهن ڊاڪٽر عاصم،ڪڏهن عذير بلوچ ته ڪڏهن مصطفى ڪمال ۽ پويان ايندڙ ڪجھ ٻيا ڪردار به اڳواٽ ئي نوٽ ڪري ڇڏيو جن ۾ حماد صديقي پوء سرفراز مرچنٽ مطلب ته نه کٽندڙ فهرست آهي.الزامن جي فهرست ڏسو ته دنيا جو ڪو اهڙو ڏوه نه آهي جنهن جو الزام ڪنهن نه ڪنهن تي لڳايو ويو هجي.پر هي دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي جن تي قاتل هئڻ جو الزام لڳي رهيو هوندو آهي انهن کي ٻئي طرف سرڪاري پروٽوڪول به مليل هوندو آهي. جن تي را جو ايجنٽ هئڻ جو الزام هوندو آهي انهن تي ئي گلن جي ورکا به ڪئي ويندي آهي.جي آئي ٽيز ٺهن ٿيون، انهن جون خطرناڪ رپورٽون به سامهون اچن ٿيون پر سزا نالي شيء ڪنهن جي به حصي ۾ نٿي اچي.ماڻهو ان روز روز جي تماشي مان ڪڪ ٿي پيا آهن.ان بدبودار سياست پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ تماشو بنائي ڇڏيو آهي.هتي فوج جي خلاف ڪنهن ڪنهن ناهي ڳالهايو،عدليا جي خلاف ڪنهن ڪنهن زهر ناهي اوڳاڇيو پر غداري ۽ ملڪ دشمنيء وارو ڳٽ ڪيترن جي ڳچيء ۾ پيو آهي؟ ڪرپشن ڪنهن ڪنهن ناهي ڪئي پر انهن مان ڪيترا قانون جي گرفت ۾ اچي سگھيا؟ دهشتگردن سان ڪنهن ڪنهن جا واسطا سامهون ناهن آيا پر ڪيترن جا ڪيس فوجي عدالتن جي حوالي ڪيا ويا؟هي واحد ملڪ آهي جتي هڪ ئي وقت نيب دنيا جو شفاف ترين ادارو به آهي ته بدترين ڪرپٽ ادارو به سڏجي ٿو.ساڳئي قسم جون ڪاروائيون هڪ صوبي ۾ ته آئيني ۽ جائز آهن پر ٻئي صوبي ۾ ناجائز ۽ غيرآئيني آهن.ان سموري بحث ۽ تماشي ۾ عوام ڪٿي بيٺل آهي،ملڪ جي معاشي ۽ سيڪيورٽي صورتحال ڇا آهي. آسپاس ڪهڙا بحران جنم وٺي رهيا آهن. مهانگائيء ماڻهن جو ڇا حشر ڪيو آهي،صحت ۽ تعليم جي ڇا صورتحال آهي، بي روزگاريء نوجوانن کي مايوسيء جي ڪهڙي اوڙاه ۾ اڇلي ڇڏيو آهي،شهرن ۽ ڳوٺن ۾ صفائيء جي ڇا حالت آهي،لوڊ شيدنگ ڪيتري گھٽي آهي، گئس ۽ بجليء جا اگھ ڪٿي پهچي چڪا آهن.معاشري جي چپيل طبقن سان ڪهڙا ظلم ٿي رهيا آهن،ٻارن ۽ عورتن جي تحفظ ۽ ڀلائيء جي لاء ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن.اهي سڀ موضوع هن سڄي تماشي مان غائب آهن.سٺي حڪمراني ۽ حڪومتن جي ڪارڪردگيء جو ڪو بحث زيرموضوع ناهي.انهيء کي چئبو آهي ڪامياب “ڌيان هٽايو مهم”! ماڻهن کي فضول بحثن ۾ الجھائي ڇڏيو ته جيئن حڪومت جون سڀ نااهليون،ناڪاميون،بدعنوانيون ۽ ڪارا ڪرتوت لڪي وڃن.آپريشن وارو معاملو اتي دٻجي وڃي، قانون جا پير پنجاب ۾ نه پهچن.هر اداري کي ايترو تڪراري بنائي ڇڏجي جو عوام جو اعتماد ئي کڄي وڃي.انهيء فن ۾ اهي گھڻي حد تائين ڪامياب ويا آهن.تمام اهم قومي معاملا پوئتي ڌڪجي ويا آهن،ڪرپشن جون ڪهاڻيون في الحال عوام جي اکين کان اوجھل ٿينديون ٿيون وڃن،نيشنل ايڪشن پلان جي حوالي سان عوام ۾ شڪ شبها ۽ مايوسيون وڌي وييون آهن. ڪنهن کي سزا يا جزا ڏيڻ لاء اهو ناٽڪ نه سجايو ويو آهي پر هڪ ٻئي کي سياسي طور تي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ عوام جو ڌيان اصل مسئلن کان هٽائڻ لاء ئي اها سڄي راند رچايل آهي ۽ بدقسمتيء سان عوام بار بار انهن جي انهن ناٽڪن کان دوکو کائيندو رهيو آهي.دنيا کي ڏيکارڻ لاء ته هن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني آهي چند ڪمزورن جي ڳچيء ۾ ڦاهي وجھي فارمليٽي پوري ڪئي وڃي ٿي پر ڏاڍا سدائين ساوا ستابا رهن ٿا. نه ته ڪو آپريشن انهن جو ڪجھ بگاڙي سگھي ٿو ۽ نه ئي ڪا جي آئي ٽي رپورٽ ئي انهن کي پريشان ڪري سگھي ٿي! هونئن ڏٺو وڃي ته پاڪستاني تاريخ ۾ الزامن جي سياست ڪا نئين ناهي. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين جيڪڏهن پاڪستان ڪنهن فن ۾ گھڻي ۾ گھڻي ترقي ڪئي آهي ته اهو آهي الزام تراشيء جو فن.اوڀر پاڪستان جي ماڻهن جڏهن پنهن جا جائز حق گھريا ته انهن تي به ملڪ دشمنيء،غداري ۽ ڀارت سان لاڳاپا هئڻ جا الزام لڳايا ويا هئا.نيشنل عوامي پارٽي جي اڳواڻن تي به غداريء جا مقدما قائم ڪري نيپ تي بندش هنئي ويئي هئي.انهيء کان پوء ڪيترن ئي سنڌي توڙي اردو دانشورن تي به ساڳئي قسم جا الزام لڳندا رهيا آهن.ڪيترن ئي بلوچ اڳواڻن تي به ساڳئي قسم جا الزام آهن.اهڙيء طرح ڪجھ سنڌي قومپرست پارٽين تي به ڀارت نوازيء جا الزام عائد ٿيندا رهيا آهن.اڄ ڪلھ ايم ڪيو ايم جي قيادت تي غداري، ملڪ دشمنيء ۽ ڀارت جي ڳجھي ايجنسي را سان لڳاپن جا جيڪي الزام سامهون آيا آهن اهي به ڪي نوان ناهن پر جڏهن کان ايم ڪيو ايم وجود ۾ آئي آهي اهي الزام وقفي وقفي سان ورجايا ويندا رهيا آهن.انهن سمورن الزامن جي باوجود ايم ڪيو ايم سان هر حڪومت جا تعلقات به رهيا، سياسي اتحاد به رهيا،انهن کي طاقتور حڪومتي عهدن سان به نوازيو ويو،هر حڪمران 90 جي حاضري به ڀري.جيڪڏهن ايم ڪيو ايم واقعي دهشتگرد ۽ ملڪ دشمن تنظيم آهي ته پوء انهيء جا سياسي اتحادي حڪومتون ٺاهڻ لاء اهڙن ڏوهارين سان لاڳاپا ڇو رکندا رهيا؟ انهن جي خلاف اڄ تائين قانون مطابق ڪاروائي ڇو نه ڪئي ويئي؟انهن کي وڏا وڏا حڪومتي عهدا ڇو عطا ڪيا ويا؟ اين آر او جي ذريعي انهن جا سنگين ڏوه ڇو معاف ڪيا ويا؟ پر جيڪر اهي ڏوهاري ناهن ته پوء انهن جي خلاف ايڏي پروپيگنڊا ڪرڻ جو مقصد ڪهڙو؟جيڪر حڪومت وٽ انهن جي خلاف ٺوس ثبوت موجود آهن ته پوء سندن خلاف قانوني ڪاروائيء کان ڪهڙي شيء کين روڪيندي اچي؟ٻن ڳالهين مان ضرور هڪ ڳالھ ئي صحيح ٿي سگھي ٿي ته يا تو اهي ڊهشتگرد ۽ ملڪ دشمن آهن يا ناهن.آهن به سهي ۽ ناهن به سهي،اهو ڪهڙو مذاق آهي!جڏهن توهان ۾ ڪو اصولي فيصلو ڪرڻ ۽ ڪا قانوني ڪاروائي ڪرڻ جي صلاحيت ئي ناهي ته پوء اجايو الزامن جو دهل وڄائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ سڀ ڪجھ ڄاڻندي به جيڪر حڪومت ڪا ڪاروائي نٿي ڪري ته پوء حڪومت به انهن جي ان مبينه ڏوه ۾ شامل سمجھبي.پر جيڪر حڪومت وٽ ثبوت ڪٺا ڪرڻ جي صلاحيت ئي ناهي ته پوء ميڊيا تي ملاکڙو ڪرائڻ جو ڪهڙو فائدو؟حڪومت جو ڪم مطالبا ڪرڻ يا صلاحون ڏيڻ نه هوندو آهي ۽ نه ڪي ڌمڪيون ڏيڻ سان ئي ڪو انصاف ٿي سگھي ٿو.توهان وٽ هيڏا وڏا ادرا ڇا جي لاء ٺهيل آهن؟ ڪو ڏوهي ثابت ٿئي ٿو ته ان کي سزا ڏيو.ميڊيا تي ميلو نه مچايو.پر جيڪر اوهان ۾ ڪنهن ڏاڍي کي سزا ڏيڻ جي همت يا نيت ئي ناهي ته پوء ايڏيون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري عوام سامهون پاڻ کي هيرو ثابت ڪرڻ جي فضول ڪوشش به نه ڪريو.قدم اوهين ان ڪري نه کڻندا جو ايئن ڪرڻ سان گھڻن “پنهن جن” جي به پڇ تي لت اچي ٿي!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو