گوشانشين اڳواڻ ۽ “خرافات” جي صفائي!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    گوشانشين اڳواڻ ۽ “خرافات” جي صفائي!

    شفيق شاڪر

    ايم ڪيو ايم سربراه الطاف حسين جي صحت جي باري ۾ متضاد اطلاعن سڄو ڏينهن سوشل ميڊيا جي محفل سجائي رکي نه رڳو اهو پر بازارن،هوٽلن ۽ ڪچهرين ۾به اهو موضوع گرما گرم بحث جو مرڪز رهيو.آخر لنڊن مان ايم ڪيو ايم اڳواڻ نديم نصرت جو اهو بيان سامهون آيو ته “ ايم ڪيو ايم سربراه جي صحت بلڪل صحيح آهي ۽ هو موثر نموني پارٽي معاملا هلائي رهيو آهي.” هن انهن سمورن “افواهن” جي به ترديد ڪئي ته ڪو الطاف حسين جي طبيعت تازو پارٽي کان ڦري ويل ڪجھ اڳواڻن جي ڪري خراب ٿي پيئي آهي.هن الزام هنيو ته ان قسم جا بي بنياد اطلاع اهي ماڻهو ڦهلائي رهيا آهن جيڪي ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا.

    ايم ڪيو ايم خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪندڙ موجوده ڌڙي ايم ڪيو ايم خاص طور تي الطاف ڀائيء جي لاء ڪيتري پريشاني پيدا ڪئي آهي ان جو فيصلو ته ايندڙ وقت ئي ڪري سگھي ٿو پر اها حقيقت آهي ته في الحال مصطفى ڪمال اينڊ ڪمپنيء ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي هٿ ۾ نه رڳو ٻهارا پڪڙائي ڇڏيا آهن پر ايم ڪيو ايم قيادت کي مجبور ڪيو آهي ته اها پنهن جن ڪارڪنن سان مضبوط رابطي جي مهم شروغ ڪري جيڪي ڪارڪن هن وقت گھڻي ڀاڱي ٽڙي پکڙي ويا آهن. هوڏانهن “ گٽر ڍڪڻ مهم ” جي باني عالمگير ايم ڪيو ايم کي پنهن جي طرفان غيرمشروط تعاون جو يقين ڏياريندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم وارن وٽ صفائيء جي لاء ٻهارن جي کوٽ پيدا ٿي پوي ته هو کين ٻهارا مهيا ڪندو.ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار گند ڪچري جي صفائيء سان گڏ “ خرافات ” جي صفائيء جو به اعلان ڪيو آهي جنهن مان هن جي مراد اهي ئي ڦريل پارٽي اڳواڻ آهن جيڪي ايم ڪيو ايم جي تخت کي چيلينج ڪري رهيا آهن. انهن خرافاتن کي هو ڪهڙي نموني صفا ڪرڻ چاهي ٿو ان جي وضاحت اڃا سامهون نه آئي آهي پر معتبر ذريعن مطابق “ ڪن مهٽيندڙن” طرفان ٻنهي ڌرين کي ڪنهن نه ڪنهن طرح اهو صاف پيغام موڪليو ويو آهي ته اهي گندگين ۽ خرافات جي صفائيء جي ڪنهن به مهم ۾ ڪراچيء جي امن ڀرئي ماحول ۾ ڪنهن به قسم جي بدامنيء جي گندگي ڦهلائڻ کان باز رهن نه ته ٻي ڪنهن به صفائيء کان پهرين انهن جي پنهن جي صفائي به ٿي سگھي ٿي.هن وقت ايم ڪيو ايم مقدر جي جنهن موڙ تي بيٺل آهي اتي جيڪر انهن کي گلين ۽ گٽرن جي صفائي ڪو خوشيء سان ڪرڻ ڏئي ٿو ته اها به انهن لاء وڏي غنيمت هوندي.هوڏانهن ايم ڪيو ايم جي هڪ اهم اڳواڻ فيصل سبزواريء جي سياسي منظرنامي تان اوچتو گمشددگي به ڪيترائي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن ۽ اهي اندازا لڳايا پيا وڃن ته ايم ڪيو ايم جو “ سونهري ڇوڪرو به” پارٽي ڇڏي چڪو آهي.اهي اطلاع آهن ته سبزواري پنهن جي فيمليء سان گڏ هن وقت ڪينيڊا يا آمريڪا ۾ آهي جيڪو ڪنهن به وقت پاڪستان موٽي ايم ڪيو ايم جي موجوده پريشانين ۾ وڌيڪ اضافي جو سبب بڻجي سگھي ٿو.جڏهن ته ايم ڪيو ايم جا ذريعا چون ٿا ته هو ويڪيشن ملهائڻ ملڪ کان ٻاهر ويل آهي ۽ ڪجھ ئي عرصي ۾ موٽي اچي پارٽي معاملا سنڀاليندو.ايم ڪيو ايم سربراه جي چوڻ مطابق تازو پيدا ٿيل صورتحال اسلام آباد جي طرفان ڪيل سازش جو نتيجو آهي جنهن جو مقصد هڪ نئين ايم ڪيو ايم ٺاهڻ آهي.هن ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽيء جي ميمبرن کي به سخت تنقيد جو نشانو بنايو جيڪي هن جي چوڻ مطابق مشڪل وقت ۾ پارٽيء جو ساٿ ڏيڻ بدران پرڏيھ ۾ عيش جي زندگي گذاري رهيا آهن ذريعن مطابق .پارٽيء طرفان مضبوط آواز ۾ ڳالهائيندڙ ۽ شاعريء سان دلچسپي رکندڙ فيصل سبزواري هن سال مارچ جي شروع ۾ الطاف حسين سان ڪجھ اختلافن جي ڪري پاسيرو ٿي ملڪ کان ٻاهر هليو ويو هو جڏهن الطاف طرفان سندس تقرير دوران غير حاضر رهڻ جي ڏوه ۾ فيصل کي سندس صوبائي اسيمبليء واري سيٽ تان استعفا ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.سبزواريء کان سواء هڪ ٻيو اهم متحده اڳواڻ حيدر عباس رضوي به ڪجھ عرصي کان سياسي منظرنامي تان غائب نظر اچي ٿو جيڪو ذريعن موجب مٿس موجود قتل جي الزامن جي ڪري قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي نظرن کان بچڻ لاء پاسيرو ٿي ويو آهي.هي پهريون دفعو ناهي جو اهڙا اهم اڳواڻ ايم ڪيو ايم کان ڇڊا ٿي ويا آهن پر ٻه سال اڳ جڏهن 2013ع جي عام چونڊن کان پوء ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ۽ ڪراچي تنظيمي ڪميٽي ٽوڙي ويئي هئي تڏهن ئي ڪيترا ئي اهم اڳواڻ يا ته پارٽي ڇڏي ويا يا انهن پراسرار خاموشي اختيار ڪري ڇڏي هئي جن ۾ ڪراچيء جو اڳوڻو ميئر به شامل هو.جنهن کان پوء انيس قائم خانيء به ساڳيو رستو اختيار ڪيو جڏهن ايم ڪيو سربراه طرفان هن کي ٻين معاملن سان گڏوگڏ مصطفى ڪمال جو صحيح سلامت ملڪ کان ٻاهر هليو وڃڻ واري معاملو تي سخت جٺ برداشت ڪرڻي پيئي هئي.عرصي کان هڪ ٻيو ايم ڪيو ايم اڳوآڻ ۽ اڳوڻو صوبائي وزير رضا هارون به ملڪ کان ٻاهر آهي ۽ ايم ڪيو ايم سان ان جي اختلافن جون خبرون به ميڊيا تي عام آهن،ٿي سگھي ٿو ته هو به تمام جلد ايم ڪيو ايم جي نئين گروپ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري.ايم ڪيو ايم جي ڪراچي تنظيمي ڪميٽيء جو اڳواڻ ۽ رابطا ڪميٽيء جو سينيئر ميمبر وسيم آفتاب به گوشه نشينن جي لسٽ ۾ شامل آهي،حماد صديقي به اهڙن ئي پنهن جو پاڻ کي گم ڪندڙ ايم ڪيو ايم اڳواڻن ۾ شامل آهي ۽ اهڙا ٻيا به ڪيترائي نالا جيڪا گوشه نشينن جي فهرست ۾ شامل آهن.انهن مان ڪيترا گوشا نشيني ترڪ ڪري ٻاهر ٿا نڪرن چئي نٿو سگھجي پر ڏسڻ ۾ ايئين ٿو اچي ته ايم ڪيو ايم هينئر پنهن جي ڀلائي انهيء ۾ سمجھي ٿي ته اهي گوشانشين فقير پنهن جي مستيء ۾ ئي مست رهن ۽ واپس شهر جو رخ اختيار نه ڪن.شايد انهن گوشه نشينن کي اهو امن ڀريو پيغام پهچائڻ لاء فاروق ستار جي چپن مان “ خرافات جي صفائي” واري ڳالھ نڪتي هجي!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو