مسرور پيرزادو زندگي به ڇا آهي وٺُ وٺان لڳي پئي آ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل

مسرور پيرزادو

زندگي به ڇا آهي وٺُ وٺان لڳي پئي آ
تَڙ تَڪڙ رڳي آهي، هڻ هڻان لڳي پئي آ

ديس جي سياست ڀي، بي خبر آ منزل کان
بس هُجوم آهي ۽ هَل هَلان لڳي پئي آ

جو وَڌي پيو تنهن جي، راهه ٿي وڃي روڪي
سڀ ڄُنڊا پَٽن ٿا پيا، پَٽ پٽان لڳي پئي آ

يارَ پيارَ جي پويان، اعتبار جي پويان
روزگار جي پويان، ڊُڪ ڊُڪان لڳي پئي آ

مسئلا ننڍا آهن پر اَنا وَڏي آهي
ٿورڙين ڳالهين تي وِڙهه وڙهان لڳي پئي آ

عاشقي ۾ هڪ شاعر، جو لکي ويو آ هي
عالمن جي ان تي اڄ، جهڳ جهڳان لڳي پئي آ


iphsCcU.jpg


 
Back
Top