مسرور پيرزادو بي قراري قرار آ مون کي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل

مسرور پيرزادو

بي قراري قرار آ مون کي،
ھيءَ خزان ڀي بھار آ مون کي۔

اڄ به تو لئه مري سگھان ٿو مان،
اڄ به توساڻ پيار آ مون کي۔

ڪُوڙ ڀي سچُ ٿو لڳي، توتي،
ايترو اعتبار آ مون کي۔

ھيءُ سنسار ڀل کڻو سارو،
کوڙ ھي منھنجو يار آ مون کي۔

ھڪ ڄڻو آھ ڪائنات سڄي،
ھک ڄڻو لک ھزار آ مون کي۔

سنگ مون سان جھانُ آ رقصان،
عاشقيءَ جو خمار آ مون کي۔

پاڻ سان مان ملڻ پيو چاھيان،
پانھنجو انتظار آ مون کي۔​
 
Back
Top