• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مسرور پيرزادو دوستي هُن ڇوڪريءَ سان ٿي وئي آ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ڳالهڙيون هن جون

مسرور پيرزادو

دوستي هُن ڇوڪريءَ سان ٿي وئي آ،
دل لڳي هُن ڇوڪريءَ سان ٿي وئي آ،
جنهن جو چهرو چنڊ جهڙو ڪين آهي،
چَپَ جنهن جا پنکڙيون ناهن گلن جون
وارَ جنهن جا ڪي گهٽائون ڪين آهن،
جسم جنهن جو سنگ مرمر جئن تراشيل ڪين آهي.

هوءَ بظاهر عام آهي ڇوڪري،
ها مگر آ خاص مون لئه ڇوڪري.
حُسن گوري جو رنگ نه آهي،
حُسن نازڪ انگ جو نالو آهي،
حُسن سهڻن ئي مهانڊن جو به نالو ڪين آهي،
حُسن ڀـُوري باهه جهڙي ڪنهن بدن جي
يار! شعلن جو به نالو ڪين آهي.

حُسن هڪڙو آهه جادو جو اکيون ٿو ڏي نيون،
جن اکين جي چار سـُو عشق جون محلاتيون.
حُسن هن جو هن جي چهري ۾ نه آهي،
حُسن هن جو هن جي آهي ڳالهڙين ۾.
ڳالهڙيون هـُن جون نديءَ جئن نيارڙيون،
ڳالهڙيون هن جون هوا جئن هلڪڙيون،
ڳالهڙيون هن جون ته اهڙيون،
ڳوٺ جي ڪنهن ڳئون جي ڄڻ کير جهڙيون، پاڪ صاف،
جر جي پاڻي وانگر ڄڻ شفاف-
ڳالهڙيون هن جون مٺيون ماکيءَ جهڙيون،
ڳالهڙيون هن جون کٽيون انبڙيءَ جهڙيون،
ڳالهڙيون هن جون اچانڪ ٿي ويل ڄڻ ڪو جهڙالو،
ڳالهڙيون هن جون انڌيري ۾ اجالو،
ڳالهڙيون هن جون ڀلي ڪنهن ڀرت جهڙيون،
ڳالهڙيون هن جون رليون ڪي ٽڪ واريون،
ڳالهڙيون هن جون سياري ۾ سوڙ جهڙيون سٺيون ،
ڳالهڙيون هن جون چميون ڄڻ چاهه واريون،
ڳالهڙيون هن جون گلن جون ڄڻ ته ٽاريون،
ڳالهڙيون هن جون ڏکڻ جي هير جهڙيون،
ڳالهڙيون هن جون سنڌو جي ڄڻ سير جهڙيون –
حـُسن هن جو هن جي چهري ۾ نه آهي،
حـُسن هن جو هن جي آهي ڳالهڙين ۾.
 
Back
Top