• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مسرور پيرزادو جدا رهي تون پرينءَ کان پنهنجي رهي نه سگهندين، چيو هيو مون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل

مسرور پيرزادو

جدا رهي تون پرينءَ کان پنهنجي رهي نه سگهندين، چيو هيو مون،
فراق جو درد موت جهڙو، سهي نه سگهندين، چيو هيو مون.

چيو هيو مون ته لڙڪ منهنجا! ڀلي پيو وهه، اڃا گهڻو وهه!
ڪڏهن ته اهڙو به وقت ايندو، وهي نه سگهندين، چيو هيو مون.

جنون ۾ پاڻ کي او جاني! صفا گهڻو ڀي نه ڊاهجان تون،
گهڻو ڊهي وئين اگر ته پو تون ٺهي نه سگهندين، چيو هيو مون.

غرور ۽ تون گهمنڊ جي چوٽ تي صفا جيڪڏهن چڙهي وئين،
ته پوءِ سجدي جي لاءِ سائين! لهي نه سگهندين، چيو هيو مون.​
 
Back
Top