بيبي گوگل جي چڱي مڙس محترم ايرڪ شمڊٽ جو ڪتان ”دي نيو ڊجيٽل ايج“ هڪ پڙهڻ جهڙو ڪتاب. هيءَ دنيا سٺ کان پهريون ڇا هئي، ۽ ستر کان پوءِ ڪيئن مٽجڻ طرف پاسا ورائڻ لڳي. اسي کان پوءِ ڇا ٿيو.. ۽ نوي کان پوءِ هن دنيا ۾ جيڪو بگ بينگ ٿيون جنهن پوري ڌرتيءَ جي ماڻهن کي ڪيئن گڏي ڇڏيو... گوگل جي الگورٿم لان ويندي مستقبل جي رٿائن بابت ۽ ان سان گڏ چتاونين سان هي ڪتاب اوهان جا لڱ ڪانڊاري ڇڏيندو.. منهنجي دل ڏاڍو چوندي آهي ته ٽافلر کان ويندي هنن دنيا مٽيندڙن جا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿين... پوءِ اسان جي ماڻهن کي خبر پوندي ته ”کوه جي ڏيڏر“ واري دنيا ۽ ڪائنات جي وسعت ۾ ڪهڙو فرق آهي.
هي چتاوني ڇا آهي .......هاهاهاها...قرآن ۾ ته دنيا ۽ ڪائنات جي هر پهلو جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ اطلاع ڏنل آهي قرآن ماضي به ٻايو آ ته حال جو به اوني لاءِ چيو آ ته مستقبل جي فڪر جي ڳاله به ڪئي آهي .......