• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / ڇنڇر 12 مارچ 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* نيويارڪ ۾ دفن ٿيڻو ناهي، پاڪستان ايندس: آصف زرداري (خبر)
* * همت اٿيئي ته هاڻي ئي اچي ڏيکار، ڪرپشن سبب ڏينهن جا تارا نظر ايندءِ!! (تبصرو)

* عذيربلوچ جو پ پ پ ۽ مون سان واسطو ناهي: آصف زرداري (خبر)
* * ايڏو سفيد ڪوڙ؟ سندس چوڻ تي بلوچ گينگوار جي شاهجهان ۽ ثانيا ناز کي اسيمبلي ٽڪيٽون ڪنهن ڏنيون هيون؟ (تبصرو)

* بابا، مون سان ملڻ ڪڏهن ايندين؟ آصفا جو زرداريءَ کي ٽوئيٽر تي پيغام (خبر)
* * دبئيءَ کان ڪراچي موٽڻ تي ساهه ٿو وڃينس البت آمريڪا جا ڊگها سفر جائزاٿس (تبصرو)

* برطانيا ۾ ڳئونءَ جي پيشاب جو، انساني استعمال لاءِ غيرقانوني وڪرو(خبر)
* * ڳئونءَ جو پيشاب ايڪسپورٽ ڪري، پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگھجي ٿو(تبصرو)

* آنگ سوچيءَ جوڊرائيور ميانمار(برما) جو صدرٿيندو(خبر)
** واهه ڙي ڊرائيور تنهنجا ڀاڳ،! سُوچي ته صدر بڻجڻ کان اڳ ئي انڪارڪيوآهي (تبصرو)

* دنيا جي سڀ کان وڏي سامونڊي جھاز پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي(خبر)
** خيال ڪجو، متان ان جو حشر به ٽائٽينڪ جھڙو نه ٿئي!! (تبصرو)

* اسان وٽ ناڪاميءَ جو آپشن ڪونهي: مصطفى ڪمال (خبر)
* * لڳي ٿو اوهان جي پويان ڪا سگھاري طاقت لڳل آهي (تبصرو)
 
Back
Top