• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اچو ته سنڌ سان پيار پڄايون....

اچو ته سنڌ سان پيار پڄايون
_________________
اچو ته سنڌ سان پيار پڄايون نرمل هن سان نينهن لڳايون
ڌرتي دوله دودي جي هي جنهن کي ڪڏهن ڪين لڄايون...
سنڌي صدين جا هن ماڻهو تهذيب تمدن وارا ماڻهو
لوڪ سڄي ۾ سوره سهڻا آءُ ته دنيا کي هي ٻڌايون
پوشاڪ پياري نياري نياري ويس وڳا جن سونهن وڌائي
هر هنڌ جن جي هاڪ هلي ٿي پاڻ ۾ آءُ ته پاڻ کي چاهيون
امن محبت پنهنجو ڪرتو پاڻ ۾ سڀ ڪو سڪ آ سرتو
ڌرتي هي دل وارن جي آ غيرن کي اچ پاڻ ڀڄايون
او دوله منهنجا دوادا توکي ڌرتي دان ڏيئي سڏي ٿي
پاڻ ۾ سڪ وڌائي سالک دشمن کي اچ ڪو ڏهڪايون


رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top