عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
۹۹ سيڪڙو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ايم ڪيو ايم جو نئون متعارف ڌڙو ڪمال مصطفي ۽ انيس قائم خاني ، الطاف حسين جي هنج ۽ مهاجر ٿنڪ ٽينڪ جو نسخو پاڪساني اسٽبلشمينٽ جي مجبوري ۽ مطلبي تي ، پنهنجي نئين روپ ، جذبي ۽ ولولي سان مهاجر ڪاز (ڪجه به )جي حاصلات لاء اسٽار پلس جو اهڙو ڊرامو ممڪن ٿي سگهي ٿو ،جنهن جا شرط ڪراچئ کي هٿيار بند جدوجهد کان پاڪ ڪرڻ ۽ الطاف تي اسٽبلشميٽ جي ختم نه ٿيندڙ ناراضگي ۽ ايم ڪيو ايم تان زردارئ جو اثر رسوخ ختم ڪري ، نواز ليگ جي ويجهو آڻي قومي ڌارا ۾ ٻيهر شامل ڪرڻ جو بظاهر مائينس الطاف فارمولو هجي جنهن سان نواز شريف کي اتحاد ڪرڻ آسان هجي ۽ نواز به ڪراچئ ۾ انهئ شرط تي انويسٽمينٽ ڪري ڪراچي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ته مونکي (نواز ) کي ڪجه ته حصل ٿئي يا ڪانڊيرن تي اٽو هارڻ لاء هو هن دفعي تيار ناهي