ايم ڪيو ايم ڪيستائين انڪاري ڪيفيت ۾ رهندي؟ شفيق شاڪر ايم ڪيو ايم مهاجر قومي موومينٽ کان متحده قومي موومينٽ بنجڻ تائين مسلسل دهشتگرديء ۽ ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث هئڻ جي حوالي سان سدائين بحث جو موضوع بڻيل رهي آهي. اهو تاثر نه رڳو پاڪستان ۾ عام آهي پر بين الاقوامي سطح تي به ان قسم جون رپورٽون وقت به وقت سامهون اينديون رهيون آهن.پر ايم ڪيو ايم هميشه پاڻ کي معصوم ۽ مظلوم ثابت ڪرڻ لاء ننهن چوٽيء جو زور لڳائيندي ۽ اهڙين خبرن ۽ رپورٽن کي“ مهاجرن” خلاف سازش قرار ڏيندي آئي آهي. ايم ڪيو ايم جي باري ۾اهو تاثر نه رڳو عام ماڻهن ۾ موجود رهيو پر حڪومتي ادارا به وقت به وقت اهڙيون شيون سامهون آڻيندا رهيا، ايستائين جو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران به ان قسم جون رپورٽون سامهون آيون ،گرفتار ٿيل ملزمن به اهڙا واضح اشارا ڏنا جنهن مان اها ڳالھ واضح ٿي ويئي هئي ته ايم ڪيو ايم ڪنهن نه ڪنهن طرح دهشتگرد ۽ ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث رهي آهي. اڄ جڏهن ايم ڪيو ايم جا باغي اهم عهديداربه ساڳيون ڳالهيون ۽ ساڳيا الزام ورجائي رهيا آهن تڏهن به ايم ڪيو ايم انهيء ئي انڪار واري ڪيفيت ۾ مبتلا آهي ۽ انهن سمورن شين کي هڪ سازش جو حصو قرار ڏنو پيو وڃي.ڏسجي ته ايم ڪيو ايم قيادت اڃا ڪيستائين ان نه مڃڻ واري حالت ۾ رهي ٿي.پر هڪڙو بنيادي سوال جنهن جو جواب ايم ڪيو ايم جي ان حقيقت کي واضح ڪرڻ جي لاء اهم آهي سو اهو ته ڇا 1986ع ۾ ايم ڪيو ايم ٺهڻ کان پهرين ڪراچيء جون حالتون امن امان جي لحاظ ايتريون خراب هيون؟ ڇا شهر ۾ ٽارڪيٽ ڪلنگ ۽ ڀتاخوري،ٻورين ۾ بند لاشن جي ڪا روايت موجود هئي؟ جيڪر نه ته پوء ايم ڪيو ايم ٺهڻ کان پوء اهو سڀ ڪجھ ڇو شروع ٿيو؟جواب سادو آهي ته هن جماعت جو بنياد ئي نسل پرستي،زبان ۽نفرتن تي رکيو ويو هو ۽ هتان جي اردو آباديء کي اهو احساس ڏياريو ويو ته پاڪستان ۾ رهندڙ ٻيون سڀ نسلي برادريون سندن دشمن آهن.مهاجر جن کي سنڌ ۾ آئي ڪو عرصو ٿي ويو هو ۽ اهي ڪافي حد تائين سنڌين سان رلي ملي هڪ ٿي ويا هئا ۽ ممڪن هو ته ڪجھ ئي عرصي بعد اهي مهاجر جو لفظ ئي وساري پاڻ کي سنڌي سڏائين ها پر ايم ڪيو ايم جي نفرتن جي بنياد تي قيام اردو آباديء کي قومي وهڪري مان ڪڍي واپس مهاجر جي محدود کول ۾ بند ڪري ڇڏيو.انهن ۾ پنهن جي سياست چمڪائڻ لاء عدم تحفظ جو احساس پيدا ڪيو ويو،نفرتن جي جذبن کي خوب اڀاريو ويو،ايستائين جو انهن .کي سنڌين،پٺاڻن ۽ بلوچن سان ويڙهائي هميشه جي لاء نفرتن جي مضبوط ديوار اڏڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي جيڪا شايد ايترو جلد ختم نه ٿي سگھي.نه صرف اهو پر علائقن تي قبضن جي نه کٽندڙ جنگ شروع ٿي ويئي ۽ ڪراچيء جا رهواسي هڪ ٻئي کي مارڻ لڳا.انهي سڄي صورتحال مان مختلف مفادپرست ڌرين جدا جدا فائدو حاصل ڪيو.سنڌ جي سڀني گھڻگھرن جن ۾ اردو ڳالهائيندڙ سلجھيل طبقو به شامل هو تن ڪافي ڪوشش ڪئي ته ماڻهن کي نسل پرستيء جي ان اوڙاه ۾ ٽپو هڻڻ کان روڪيو وڃي پر انهن جوآواز ڪو ٻڌڻ وارو ئي نه هو يا وري ڪيترن ئي اهڙن آوازن کي گوليء جي زور تي خاموش ڪيو پئي ويو.خرابي ڪنهن سياسي پارٽي ٺاهڻ ۾ نه هئي پر خرابي اها هئي جو ڪا پارٽي نج نسل پرستي ، زبان ، تعصب ۽ نفرتن جي بنياد تي ٺهي هئي. ان قسم جي تنظيمن جا وڻ صرف بدامني،خونريزي ۽ نفرتن جي ماحول ۾ ئي پروان چڙهندا آهن ۽ انتقام جي نه وسامندڙ باھ ئي انهيء جي آبياري ڪندي آهي،توهان انهن جي بيانن،پاليسين ۽ فيصلن جي پهرئين ڏينهن کان لسٽ پڙهڻ شروع ڪيو ته انهيء ۾منافرت،تنگ نظري،تعصب،بغض ۽ بدگماني کان سواء ٻيو ڪجھ به نظر نه ايندو. تازو ايم ڪيو ايم طرفان سنڌ جي ورهاست ڪري نئون صوبو قائم ڪرڻ وارو مطالبوان نفرت واري سياست جو واضح مثال آهي جڏهن ته ايم ڪيو ايم وارا اهو چڱي نموني ڄاڻن ٿا ته ان معاملي کي ڇيڙڻ سنڌ ۾ خطرناڪ خوني راند شروع ڪرڻ برابر آهي. سوال اهو آهي ته جيڪر هي جماعت اردو آبادي جي مسئلن ۽ معاملن کي حل ڪرڻ،انهن کي سندن جائز حق ڏيارڻ ۽ انهن کي معاشري ۾ پنهن جو جائز مقام ۽ عزت ڏيارڻ لاء قائم ڪئي ويئي هئي ته پوء ٽيهن سالن تائين اقتدار جا مسلسل مزا ماڻڻ باوجود انهن عام اردو آبادي کي هيستائين ڇا ڏنو آهي؟صرف اڪيلائي، ويڳاڻپ،تنهائي،عدم تحفظ جو احساس، نفرتون، بدگمانيون، لاش، مقدما ۽ سزائون ! ڪراچي ۽ اتان جي رهندڙ آباديء کي خبر ناهي ڪيترو عرصو پوئتي ڌڪي ڇڏيو ويو آهي. هاڻي ماضيء ۾ ايم ڪيو ايم تي لڳندڙ انهن الزامن جي حوالي سان ملڪ کان ٻاهر موجود تاثر جو جائزو وٺنداسين ته 1990ع جي وچ ڌاري ايم ڪيو ايم تي سياسي تشدد وارين سرگرمين ۾ وڏي پيماني تي ملوث هئڻ وارا الزام سامهون آيا هئا جڏهن سنڌ جي گاديء وارو شهر ڪراچي فسادن جي باه ۾ سڙي رهيو هو .ايم ڪيو ايم ڪارڪن قانون نافذ ڪندڙ ادارن، ايم ڪيو ايم کان ڌار ٿيل گروپ ايم ڪيو ايم حقيقي ۽ ٻين نسلي آبادين جي ماڻهن سان هٿيار کڻي وڙهي رهيا هئا.انهيء ئي دور ۾ آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ،ايمنيسٽي انٽرنيشنل ۽ ٻين ادارن ايم ڪيو ايم توڙي ان جي مخالف ڌڙي (حقيقي) کي مخالفن کي مارڻ،انهن کي عقوبت خانن ۾ تشدد جو نشانو بنائڻ ۽ ٻين ڪيترين ئي دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث هئڻ جو ذميدار قرار ڏنو هو.جڏهن ته ايم ڪيو ايم حسب روايت انهن الزامن جي ترديد ڪندي رهي.ايم ڪيو ايم تي اهو به الزام لڳو ته ان جي قيادت ڀتن، ماڻهن کي اغوا ڪري انهن کان ڀنگ وٺڻ ، منشيات جي سمگلنگ ۽ ٻين ڪيترين ئي ڏوهاري سرگرمين جي ذريعي فنڊ ڪٺا ڪندي رهي.انهيء کان سواء ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر مهاجر آباديء کان جمع ڪيل چندا به تنظيم جي آمدنيء جو ذريعو رهيا.1992ع کان 1999ع تائين انهن الزامن جي پاداش ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ طرفان مختلف آپريشنز جي زد ۾ به رهي جن ۾ ايم ڪيو ايم جي دعوائن مطابق سندن هزارين ڪارڪن ماريا ويا.1992ع ۾ ايم ڪيو ايم طرفان جوڙيل ڪيترائي ٽارچر سيل ميڊيا جي منظر تي به آندا ويا جن ۾ مبينه طور تي ايم ڪيو ايم حقيقي ۽ ٻين نسلي گروپن جي ماڻهن کي تشدد جو نشانو بنايو ويندو هو.ايم ڪيو ايم توڙي سندس ٻئي ڌڙي تي صحافين کي قتل ڪرڻ جابه ڪئين الزام آهن.جن مان هڪ مشهور واقعو 1990ع ۾ ماهوار نيوز لائين جي ايڊيٽر کي ايم ڪيو ايم جي مخالفن تي ڪيل تشدد جي باري ۾آرٽيڪل لکڻ تي الطاف حسين طرفان ڏنل کليل ڌمڪي هئي جنهن جو ذڪرآمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ به ڪيو هو.1991ع ۾ڪراچيء جي هڪ مشهور صحافي ظفرعباس کي سخت تشدد جو نشانو بنيايو ويو ۽ ساڳئي سال اخبارن جي خلاف ٻيا به ڪيترائي واقعا سامهون آيا جن جي ذميداري اسٽيٽس ڊپارٽمينٽ ايم ڪيو ايم تي لاڳو ڪئي.ساڳئي ڊپارٽمينٽ جي سال 1996ع کان 2003ع جي رپورٽن موجب ايم ڪيوايم ڪراچي توڙي پوري سنڌ ۾ پنهن جون هڙتالون ڪامياب بنائڻ لاء ماڻهن کي مارڻ،انهن تي تشدد ڪرڻ ۽ انهن جا دوڪان ساڙڻ تائين سڀ غير قانوني طريقا اختيار ڪيا. 2007ع ۾ ڪينيڊا جي وفاقي عدالت رولنگ ڏيندي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين کي دهشتگرد قرار ڏنو.اها رولنگ مونٽريل جي هڪ شهري محمد ڪاشف عمر جي ملڪ بدريء واري فيصلي واري ڪيس ۾ ڏني جنهن جو تعلق ايم ڪيو ايم سان هو.برطانيا جي ممتاز سياستدان، مصنف،ليکڪ ۽ صحافي جارج گيلووي جون برطانوي پاريامينٽ ۾ ڪيل اهي تقريرون جن ۾ هو الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم کي پاڪستان ۾ قتل،تشدد ۽ انساني حقن جي لتاڙ جو ذميدارقرار ڏيندي برطانوي حڪومت طرفان ايم ڪيو ايم سربراه کي برطانوي شهريت عطا ڪرڻ تي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بنائيندو رهيو آهي ،اهي وڊيوز اڄ به يوٽيوب تي موجود آهن.گيلووي جي ڳالهين کي پاڪستان دشمن يا ايم ڪيو ايم دشمن چئي آسانيء سان نظرانداز نٿو ڪري سگھجي جو هو فلسطين،عراق،افغانستان ۽ ڪشمير جي حوالي سان انصاف پسنديء واري موقف اختيار ڪرڻ ۽ برطانيا توڙي آمريڪي پاليسين کي سخت تنقيد ڪرڻ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ عزت جي نگاه سان ڏٺو وڃي ٿو.وقت اچي ويو آهي ته ايم ڪيو ايم قيادت پنهن جي ماضيء جي ڪارڪردگيء جي حوالي سان پنهن جن سمورن روين ، پاليسين ۽ فيصلن جو جائزو وٺي ،لاڳيتي انڪار واري ڪيفيت مان جيترو جلد ٻاهر نڪري اوترو ئي ان جي بقا لاء بهتر ٿيندو.