shafique shakir
سينيئر رڪن
سنڌ پوليس ۾ متل تماشو!
شفيق شاڪر
سپريم ڪورٽ، سنڌ پوليس ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ انويسٽيگيشن فنڊز ۾ گهوٻين وارو معاملو نيب حوالي ڪندي چئن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت رپورٽ جي روشني ۾ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ چيف سيڪريٽري کي قانوني ڪارروائي جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ڪارروائي دوران آءِ جي سنڌ سميت ٻين آفيسرز جو عهدن تي رهڻ نامناسب آهي. عدالت پوليس ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ جاچ پوليس جي فنڊز ۾ گهوٻين وارو معاملو نيب حوالي ڪندي چئن هفتن اندر شفاف نموني سان جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت حڪم ۾ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي حڪم ڏنو آهي ته جاچ رپورٽ جي روشنيءَ ۾ ذميوار آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ اهو به چيو آهي ته قانوني ڪارروائي دوران آءِ جي سنڌ سميت ٻين آفيسرن جو پنهنجن عهدن تي رهڻ نامناسب آهي. عدالت چيف سيڪريٽري کي غير قانوني ڀرتين، جاچ فنڊز ۾ گهوٻين ۽ رڪارڊ جي حوالي سان ڪاغذن کي محفوظ بڻائڻ جو به حڪم ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ڪاغذن تائين پهچ رڳو نيب کي ڏني وڃي. عدالت درخواستگذار ۽ جاچ ڪميٽي ۾ شامل پوليس آفيسرن جِي اَي سي آر چيف سيڪريٽري کي لکڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته حيران آهيون ته آءِ جي سنڌ جاچ فنڊز جي حوالي سان رپورٽ نه ملڻ تي ڪميٽي ميمبرز کي ڌمڪايو ۽ جنهن رپورٽ کي عدالت رد ڪيو، انهيءَ جي بنياد تي ڪميٽي ميمبرن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي. پوليس ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ انويسٽيگيشن فنڊز ۾ گهوٻين جي جاچ لاءِ اي ڊي خواجا، سلطان خواجا ۽ ثناءُ الله عباسي تي ٻڌل ٽيمپاران گذريل ڏينهنسپريم ڪورٽ ۾رپورٽس پيش ڪيون هيون. جاچ ڪميٽي رپورٽس ۾ ڄاڻايو هو ته 2012ع کان پوليس ۾ ٿيل ڀرتين دوران وڏيون بي قاعدگيون ٿيون، جڏهن ته جاچ شعبي ۾ اسپيشل برانچ کي به فنڊز ڏنا ويا، جنهن جو اهو ڪم ئي نه آهي.
توهان سمجھو ٿا ته ان فيصلي ۽ ان کان پهرين ڪيترن ئي حوالن سان تڪراري بڻيل آئي جي سنڌ کي وفاقي حڪومت پنهن جي عهدي تان ته هٽائي چڪي آهي، پر ڇا اڳوڻي طاقتور آئي جي سنڌ جي خلاف ڪا غيرجابدار جاچ ڪري کيس قانون مطابق سزا به ڏني ويندي،اهو ناممڪنات منجھان آهي جواسان جي ملڪ ۾ قانون جا هميشه ٻه مٿا رهندا پيا اچن.ڪجھ عرصو پهرين سنڌ تعليم کاتي ۾ اووور پيمينٽ جي ڏوه ۾ غريب پٽيوالن ۽ استادن جون پگھارون بند ڪيون وييون هيون جيڪي ڇهن مهينن کان اڃا تائين بند آهن جن جا خاندان فاقا ڪٽڻ تي مجبور آهن.اوور پيمينٽ جي ڏوه ۾ نه ته ڪنهن عملدار کي سزا آئي ۽ نه ئي ٽريزري کاتي جي ڪنهن ڪارندي کي جيل جي هوا کائڻي پيئي،سڄو نزلو فقظ هيٺئين طبقي جي ملازمن تي وڃي ڪريو جن جي ڪيسن جو فيصلو ڇھ ست مهينا گذرڻ باوجود اڃا تائين نه ٿي سگھيو آهي.ٻئي طرف اڳوڻي آئي جي پوليس جي خلاف آيل ڪرپشن جي هيترين سارين رپورٽن باوجود هن جو ڪوبه وار ونگو نه ٿو ڪري سگھي جو هو
“ پنهن جو” ماڻهو آهي.اربع تي سپريم ڪورٽ سنڌ جي چيف سيڪريٽريء کان سوال ڪيو هو ته
“ حڪومت ڪرپشن ۾ ملوث انهن پوليس اهلڪارن خلاف ڪهڙو قدم کڻندي جن ۾ سنڌ پوليس جو سربراه به شامل آهي.” مزي جي ڳالھ اها جو ڪرپشن جي انهن سمورين رپورٽن جي جواب ۾ آئي جي سنڌ جيڪو موقف اختيار ڪيو سو اهو ته هن جي خلاف تحقيقات جي لاء سندس ئي پوليس جي جن ٽن عملدارن جي ڪميٽي جوڙي ويئي هئي،ان ۾ سندس مرضي شامل نه ڪئي ويئي ۽ اهو به ته هن کي عدالتي بينچ ۾ ويٺل هڪ معزز جج صاحب تي اعتماد ناهي.حد اها جو آئي جي صاحب طرفان ان جاچ ڪميٽي۾ شامل سينئر ۽ سٺي ساک رکندڙ پوليس آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس به جاري ڪيا ويا.هڪ اهڙو صوبو جنهن ۾ ڏوهارين ۽ دهشتگردن خلاف هڪ اهم آپريشن هلي رهيو هجي اتي ان صوبي جي پوليس جو سربراه ڪرپشن ۽ ٻين ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث هئڻ ۽ خود پنهن جي ٻين پوليس عملدارن جي نزديڪ ئي تڪراري بڻجي ويو هجي اتي ماڻهن جو ان اداري تي ڪهڙو اعتماد رهي سگھي ٿو ۽ خود پوليس جو ڪيترو مورال بلند ٿي سگهي ٿو؟ انهن سوالن کي سنڌ حڪومت نظرانداز ڪندي اخر تائين ڪنهن به طرح آئي جي سنڌ کي بچائڻ جا جتن ڪندي نظر آئي.جنهن صوبي ۾ پوليس جا پنهن جا عملدار اهي دانهون ڪري رهيا هئا ته سندن پنهن جو پوليس جو صوبائي سربراه سندن خلاف انتقامي ڪاروائيون ڪري رهيو آهي ۽ سندن اي سي آر خراب ڪري رهيو آهي ته پوء ان صوبي جو عوام ڪيئن مطئمن ٿئي ته پوليس کي بي گناهن جي خلاف ڪنهن ڪاروائيء کان روڪي سگھجي ٿو؟ خبر ناهي سنڌ حڪومت اڳوڻي آئي جي سان ڪهڙو خفيه معاهدو ڪيو هو جنهن جي نتيجي ۾ اها هن کي هر صورت ۾ ان عهدي تي برقرار رکڻ چاهي پيئي؟ وڏي وزير اوچتو ان معاملي جو سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ پنهنجي اينٽي ڪرپشن ٽيم کي تحقيقات جو حڪم جاري ڪيو آهي. ڄڻ ته سائينء کي ان معاملي جي خبر ئي اڄ پيئي هجي!