ڪمپيوٽر تي آيل سنڌي ٻولي وڌيڪ ترقي ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟ محمد سليمان وساڻ دنيا جي لاتعداد ٻولين مان سنڌي به هڪ قديم ٻولي آهي، جنهن جو اندازو موهن جي دڙي مان مليل آثارن مان پڻ لڳائي سگهجي ٿو. 1011 هجريء ۾ ٺٽي جي عالم مخدوم ابوالحسن سنڌيء ۾ پنهنجو ڪتاب “مقدمه الصلوات” متعارف ڪرايو جيڪو درسگاهن ۾ نصاب طور پڙهايو ويندو هو.ننڍي کنڊ تي جڏهن انگريزن قبضو ڪيو ته سنڌي ٻوليءَ جي قدامت کي ڏسي ان کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ۽ ڪمشنر “سر بارٽل فريئر” 1857ع ۾ اهڙو پڌرنامو پڻ جاري ڪيو هو، جنهن ۾ واضح طور ڄاڻايل هو ته سنڌ ۾ سموري دفتري لکپڙهه سنڌي ٻوليء ۾ ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڪو شخص عربي يا ڪنهن ٻي ٻوليء ۾ لکپڙهه ڪندو ته ان جو لازمي سنڌي ترجمو پڻ شامل ڪندو ٻيءَ صورت ۾ اها لکپڙهه قابل قبول نه هوندي. ورهاڱي کان اڳ سنڌي ٻوليء ۾ ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا ڇپندا رهيا ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوء به اهو سلسلو جاري رهيو. ويهين صديء ۾ جڏهن ڪمپيوٽر ايجاد ٿيو ته ان جي مقبوليت سنڌ ۾ پڻ وڌي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪمپيوٽر هر گهر ۽ آفيس جي ضرورت بڻجي ويو. ڪمپيوٽر تي پڻ سنڌي ٻولي آڻڻ هڪ چئلينج هيو ۽ ان لاء محترم سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء 1987 ۾ “مئڪنٽاش” ڪمپيوٽر تي شروعات ڪئي ۽ تمام سهڻا ۽ معياري فونٽ پڻ ٺاهيا جنهن سان خانگي ڪتاب ڇاپگاهن ۾ سنڌي ادب کي وڌائڻ لاء ڄڻ ته چٽا ڀيٽي شروع ٿي وئي. “مئڪنٽاش” جي دور کانپوء سنڌي ٻوليء کي آئي بي ايم ڪمپيوٽر تي آندو ويو ان جو سَهرو محترم اياز شاهه کي سونهي ٿو، جنهن عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جي مئڪنٽاش وارو سمورو پروگرام آئي بي ايم تي منتقل ڪيو ۽ ونڊوز 3.11 ۽ ونڊوز 95 تي سنڌي پروگرام هلڻ لڳو. نت نون مونجهارن کي محسوس ڪندي ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته مختلف ريجن جون ٻوليون هجڻ ڪري صرف انگريزيءَ تائين محدود نه هئڻ گهرجي جنهنڪري مختلف ٻولين ڪمپيوٽر ڪوڊ جي شڪل ۾ آڻڻ لاء يونيڪوڊ آرگنائيزيشن جو بنياد وڌو ويو . جڏهن عربيء جو يونيڪوڊ متعارف ٿيو ته هڪ وڏو مسئلو ساڄي کان کاٻي لکڻ حل ٿي ويو ۽ جيئن ته سنڌي الفابيٽ بنيادي طور عربيء سان ملندڙ آهي ان ڪري سنڌيء کي عربيء سان ڳنڍڻ سولو ٿي پيو. محترم عبدالماجد ڀرڳڙيء (جيڪو ان وقت آمريڪا ۾ رهيل هو) هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي زبان کي يونيڪوڊ سان ڳنڍي هڪ انقلابي قدم کنيو. جنهن کي اڳتي هليmsnگروپ تان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي پليٽ فارم تي جاري ڪيو ويو.اڳتي هلي جڏهن انٽرنيٽ متعارف ڪرايو ويو ته سائين عبدالماجد ڀرڳڙيءَ سنڌي ٻوليء کي انٽرنيٽ تائين آسان بڻائي ڇڏيو ۽ بهترين سنڌي ويب سائيٽون ٺهڻ لڳيون. پر ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته بحث مباحثي ۽ معلومات کي هڪ ٻئي سان ونڊڻ جي لاء سنڌي فورم جي شروعات ڪجي ڇو ته ڪوبه سنڌي فورم انٽرنيٽ تي موجود ڪونه هئو. پر سنڌ سلامت فورم اهو خال به ڀري ورتو. ساڳي وقت ڪيترن ئي دوستن سهڻا سنڌي فونٽ به تخليق ڪيا جيڪي ڪيلگرافڪ، ٽيڪسٽ يعني پرنٽ جي لکائي ۽ ويب فونٽ سڀ الڳ ڏيک ڏين ٿا. فونٽ جي دنيا ۾ عبد الماجد ڀرڳڙي، اياز شاهه، ستار زرگر، شبير ڪنڀار، ايس ايم صاريم، عرفان شڪارپوري ۽ ٻين دوستن جو ڪم قابل تعريف آهي. هن وقت سنڌيءَ جا ساڍا چار سئو کان مٿي فونٽ ٺهي چڪا آهن. سنڌ سلامت پاران جڏهن نوجوانن جي لاءِ سنڌي بلاگ ٺاهڻ جي سکيا ڏيڻ سان گڏ سنڌي بلاگن جا ٽيمپليٽ جوڙيا ويا ته ان هڪ نئون انقلاب آندو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترائي سنڌي بلاگ نيٽ جي دنيا ۾ اچي ويا. نه صرف اهو پر سوشل ميڊيا تي سنڌي ٻوليءَ ۾ نوان بحث، نيون ڊزائينون ۽ تخليقون سامهون اچڻ لڳيون. آصف نظاماڻي، آفتاب کوهاري ۽ آفتاب سرهيي جهڙي دوستن ڪمپيوٽر تي السٽريشن ذريعي ڊجيٽل پينٽنگ ۽ ڊزائننگ جا نوان در کوليا. سنڌي ڪمپيوٽنگ جون ڪجهه ڪاميابيون: 1. يونيڪوڊ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سموري الفابيٽ جو شامل ٿيڻ. 2. مائڪروسوفٽ پاران ونڊوز ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شامل ڪرڻ. 3. گوگل ٽرانسليشن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو شامل ٿيڻ جنهن ذريعي دنيا جي 103 ٻولين کي سنڌي ۾ يا سنڌيءَ کان 103 ٻولين ۾ ترجمو ڪري سگهجي ٿو. 4. سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي پاران ڇهه لک چوٽيهه هزار لفظن جو لغت (ڊڪشنري) پورٽل آڻڻ. 5. آنلائين سنڌي ڪتاب گهر ۾ سنڌ سلامت پاران 800 سنڌي ڪتاب آڻڻ. 6. سوين خوبصورت سنڌي فونٽن کي هڪ جاءِ تي رکڻ لاءِ ”سنڌ سلامت فونٽ سرور“ جي تخليق. 7. اينڊرائيڊ فون تي ڪيترن ئي سنڌي ڪيبورڊز جي تخليق جنهن سان سمارٽ فون تي پڻ سنڌي ۾ لک پڙهه جو آسان ٿي پوڻ. 8. ڪيتريون ئي سنڌي ڊڪشنريون، سنڌي ڪتاب ۽ سنڌي اپليڪيشنز جيڪي سمارٽ فون ۽ ڊيسڪٽاپ يا ليپٽاپ لاءِ مفت موجود آهن. 9. هزارين سنڌي بلاگز، ويب سائيٽس ۽ فورمس جو ٺهڻ. 10. ايپل جي ميڪ سسٽم ۽ آءِ فون تي سنڌي ڪيبورڊ جو ٺهڻ. انکانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي ڪاميابيون شامل آهن جنهن سبب هر ڪم جيڪو انگريزي ۾ٿئي سو سنڌي ٻوليءَ ۾ به آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿو. ڪيتريون ئي اخبارون آنلائين موجود آهن جن مان ڪيتريون ئي هر گهڙي اپڊيٽ ڪيون وڃن ٿيون ۽ هر خبر کان با خبر رهي سگهجي ٿو. شاعريءَ جا ڪيترائي گروپ ۽ ويب سائيٽون ٺهي چڪيون آهن. اليڪٽرانڪ ميڊيا جي چينلز پاران سمارٽ فون اپليڪيشنز پڻ متعارف ٿي چڪيون آهن جن مان ڪي ٽي اين سرفهرست آهي. هاڻي ڪجهه ذڪر انهن ڳالهين جو جيڪي سنڌي ڪمپيوٽنگ لاءِ لازمي آهن. 1. سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود ڪجهه اکرن جي بيهڪ جو مسئلو جنهن ۾ جهه ۽ گهه شامل آهن انهن جو حل ڪڍڻ. 2. سنڌي او سي آر (Optical Character Recognition)ٺاهڻ جيئن لکت واري تصويرن، فوٽوڪاپي يا اسڪين ڪيل مواد کي ترميم ٿيندڙلکت ۾ تبديل ڪري سگهجي. جيڪڏهن اهو ڪم ٿيو ته اسان پنهنجو سمورو پراڻو ادبي ۽ علمي ڪتابن جو ذخيرو ڪمپيوٽر تي آنلائين ڪري سگهنداسين. 3. سنڌي اسپيل چيڪر جي سافٽويئر جي سخت ضرورت آهي جيئن پروف ريڊنگ جي غلطين کي گهٽائي سگهجي. 4. گوگل ترجمي کي 100 فيصد مڪمل ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي وڏي ٽيم جي ضرورت جيئن گوگل جو معياري سنڌي ترجمو ڪري ان کي آوازن ۾ به آڻجي. 5. هڪ اهڙي اداري جو قائم ٿيڻ ۽ سرگرم هجڻ جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي جديد ٽيڪنالاجي سان گڏ گڏ هلڻ لاءِ سامهون ايندڙ مسئلن جو حل ڳولي، ٻولي ماهرن سان ويهي انهن جو تڪڙو حل ڪري سگهي ۽ پنهنجا فيصلا مڃائي سگهجي. 6. ٻولي ماهرن کي سنڌي الف ب مان مخرجن کي گهٽائڻ يا ختم ڪرڻ لاءِ تڪڙي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جيئين لکت کان آواز ۽ آواز کان لکت واري اپليڪيشنز ۾ پريشاني نه ٿئي. 7. يونيورسٽين ۽ ٻين اهڙن ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جا پروجيڪٽس لازمي ڪرڻ جيئن ڪمپيوٽر جا گريجوئيٽس سنڌي ڪمپيوٽنگ کي سمجهي سگهن ۽ ان جي بهتري لاءِ ڪم ڪندا رهن. 8. اخبارن کي ان ڳالهه تي راضي ڪرڻ ته هو پنهنجيون ويبسائيٽس اميج يعني تصويرن بجاءِ ٽيڪسٽ ۾ ٺاهن ته جيئن سنڌي لفظن ۽ سنڌي مضمونن جو ذخيرو نيٽ تي موجود ٿي سگهي. 9. ڪتاب گهر ۽ ڇاپي گاهن جي مالڪن کي گهرجي ته سنڌي ٻوليءَ جي وسيع مفاد ۾ پنهنجا ڪتاب آنلائين ڪن يا انهن ادارن کي موڪلين جيڪي ڪتاب آنلائين ڪرڻ جو ڪم پيا ڪن. سوشل ميڊيا ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ان اميد کي جيئاريو آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي ختم ٿيڻ جا جيڪي خطرا هيا اهي گهٽ ضرور ٿيا آهن. هي ڪم ڪنهن ادارن يا رياست نہ پر سنڌي ٻوليءَ جي عاشقن اڪيلي سِر ڪيو آهي جنهن مان اڪثريت نوجوانن جي آهي. سائين عبدالماجد ڀرڳڙي، اياز شاهه، رشيد سمون، امر فياض، عباس ڪوريجو، علي حسن ملاح، شبير ڪنڀار، عبيد الله ٿهيم، سجاد چنا، عامر ضياء چارڻ، جاويد احمد سولنگي، جاويد رحمان ميمڻ ۽ ٻيا دوست اڻٿڪ ڪوششون ڪري رهيا آهن. اسان مان سڀني کي گهرجي ته موبائل فون ۽ ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻوليءَ کي استعمال ۾ آڻيون، سنڌي ويبسائيٽس ۽ اپليڪيشنز جو استعمال وڌايون، ڪمپيوٽر کي استعمال ڪرڻ سکون ۽ پنهنجن ٻارن کي بہ ان جي ترغيب ڏيون. ياد رکو سنڌي ٻولي اسان جي ٻولي آهي، اسان کي ئي ان جي ترقي ۽ جيئدان لاءِ پاڻ پتوڙڻو آهي. ڪاوش سنڊي ميگ 13 مارچ 2016ع