• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / سومر 14 مارچ 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* سکر آءِ بي ايَ مان آئن اسٽائين پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا: نثار صديقي (خبر)
* * پر ٻيلي ڀُلجي به آصف زرداري ۽ قائم علي شاهه پيدا ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪجو (تبصرو)

* مڪليءَ تي قديم سنڌي سامي قبيلي کي گھر ٺاهي ڏيڻ جو فيصلو(خبر)
* * هيريٽيج فائونڊيشن اسٽارلنڪس کي اهڙي ڪوشش ڪرڻ تي شاباس هجي(تبصرو)

* سنڌ واسين کي ثقافت ۽ تاريخي ماڳن جي سنڀال ڪرڻ گهرجي: هيريٽيج فائونديشن (خبر)
* * تڏهن ته آصف زرداري، قائم علي شاهه کي ورثو سمجھي سنڀاليو ويٺو آهي (تبصرو)

* ننڍي ڄمار ۾ شاديون وڏو مسئلو آهي: سافڪو سربراهه (خبر)
* * سنڌ ۾ وري وڏي ڄمار جي حڪمرانيءَ جو، وڏو مسئلو آهي (تبصرو)

* وفاقي سرڪار توڙي سنڌ سرڪار پنهنجي ساک وڃائي ويٺي آهي: پي ٽي آءِ لاڙڪاڻو (خبر)
* * پهريان ٻڌايو ته ٻنهي جي ساک به قائم ٿيل هئي ڇا؟ (تبصرو)

* راندين کي جنگ جو ميدان سمجھڻ نه گھرجي: فلم اسٽاررضا مراد (خبر)
* * ........پر پاڪستاني، جنگ ته پري ٿي پر راندين کي به جهاد سمجھندا آهن (تبصرو)
 
Back
Top