شاه جو چونڊ ڪلام... موضوع نمبر پهريون دعائيه ڪلام... تون. تون حبيب تون طبيب،تون درد جي دوا جانب! منهجي جيء ۾ آزار جا انواء صاحب ڏي شفا، ميان مريضن کي ! (آمين) 2 تون حبيب تون طبيب تون درد جو دارون دوا آهن دل کي تنهنجون تنوارون ٿي ڪريان ڪارون،شل ٻڪي ٻيئون نه ٿئي. (آمين ) 3 تون حبيب تون طبيب تون دارون کي دردن تون ڏئين تون لاهين ڏاتر کي ڏکندن تڏهن ڦڪين فرق ڪن جڏهن امر ڪيو انهن کي . 4 تون حبيب تون طبيب تون ڊٺن ڊڀ تون صاحب زادو سپرين آٰءُ نسورو نوڪر بيحد ڪريان بندگي هٿ ٻڌي حاضر ڇنان هڏ نه ڇڏيان دوست تنهنجو در مون تان مهر نظر،پرين لاه مّ پنهجو! . 6 جانب تون جيڏو ، شان شعور سين مون تي ڪج منهجا پرين توه تسي تيڏو ايءُ ڪامل ڪم ڪيڏو،جئن نوازيم نگاه سين . 7 جيڪي منجهه جهان ،تاريءَ تڳي تنهجي لطف جي لطيف چئي تو وٽ ڪمي ڪا نه عدلين ڇٽان آن نه،ڪو ڦيرو ڪج فضل جو . 8 جيڪي منجهه جهان ،سو صفت تنهجي قادر تنهجي قدرت جا مڙيئي مڪان پدمان ئي پري ٿيا آگي جا احسان ظاهر ساڻ زبان،ڳڻيان ڪيترا! . 9 تون اوڍر تون اوڍڪو،تون اجهو تو آڳ هت پڻ تنهجو تڪيو،منهد به تنهجو ماڳ سي لوڙيون ڏين نه لاڳ جي اجهي آيون ابڙي جي . 10 الله جيئن نالوءِ،تيئن مون وڏو آسرو خالق تنهجيءَ کاند جوپرو پاند نو ڪوءِ نالو رب سندوءِ،رهيو آهي روح ۾. . 11 جيڏو تنهجو نالوءِ ،تئن مون وڏا آسرو صاحب تنهجي سگهه جو پرو پاند نه ڪوءِ ڪو در ناه جهوءِ،مون ٻيا در گهڻو نهارئا . 12 جيڏو تنهجو نانءُ ،ٻاجهه به اوڏيائي منڱان ريءَ ٿنڀي ريءَ ٿوڻيءَ،تون ڇپر تون ڇانءَ ڪڄاڙو ڪهانءُ،توکي معلوم سڀ ڪي . 13