الا ڏاهي م ٿيان! الا ڏاهي م ٿيان ،ڏاهيون ڏک ڏسن مون مون پرين،ڀورڙائيءَ ۾ڀال ڪيا. انسان تون اڻڄاڻ! انسان جيترو سياڻو سيبتو پاڻ کي سمجهي ٿو اوترو آ هي ڪو نه هرو ڀرو زور آ عقل جو کرميٽ آهي پاڻ کي الائي ڇا پيو سمجهي بلڪل ايئين جئن ڪوئي کي هريڙ لڌي ته چوڻ لڳو آءُ وڏو پساري آهين اچو ته سڀن جو علاج ڪريان پر انسان کي ايئن ڪرڻ جڳائي ڪو نه پر ڪجي به ڇا اڳ ۾ اهو ماڻهو ”ماڻهو“ ته ٿئي. ماڻهن جي سوچ آهي ته ماڻهو ڪو ٻن ٽنگن تي هلدڙ هجڻ ڪري صرف ماڻهو آ پر لوڪن کي ڪير سمجهائي ته رڳو ٻه ڄنگهيو ٿيڻ سان ماڻهو نه ٿبو آ ٻه ڄنگهيو ته چمڙو به آ هي جنهن کي ننڍي هوندي اسين چيچي چمڙو ڪوٺيندا هئا سين هاڻي پيو سوچيان تو چيچي + چمڙو مطلب هن جي آواز چين چين ڪري ان کي چيچي ۽کنڀن بدران سندس چم اگهاڙو هئڻ ڪري ان کي چمڙو يعني چيچي چمڙو ڪوٺيو ويندو هيو سوڳاله هلي پئي ٻن ڄنگهن جي ته اهو به ٻه ڄنگهيو آ پو اهو ڪو ماڻهو ٿي پيو ڇا؟ ڳالهيون ماڻهن واريون اٿس گهڻيون ماڻهوءَ کي چم تي بج ڪونه آهن هن کي به ڪونه،ماڻهو به ٻچا ڄڻي هو به،”ماڻهو“ ٿيڻ لاءِ اڄ ڪله جي ماڻهن وانگر وس وڏا ڪيا اٿئين توڙي ننڍڙو پکيءَ جيترو آ(مان انگريزن جي چيچي چمڙن جي ڳاله نه ٿو ڪريان اهي ته گدڙکان به ڳرا آهن هڪ ته جڏهن کان ڪراڙپ لڳي آ ڳاله مان ڳاله ايئن ٿي نڪري جئن ! بس ڇڏيونس ته پڙهندڙ صفا حوالي سمجهنداسوچيچي چمڙا گدڙ جيڏا آهن انگريزن جا،گدڙ به انگريزن وارا سنڌ جا گدڙ به بکن تي سڪي وڃي ٻلي جيترا ۽ ٻلا ڪوئن جيترا ٿي ويا آهن ۽ ڪوئن لڌي آ هريڙ! سڀن کي پيا چون اچو ته علاج ڪريون توهان جو! سوقد بت۾ ننڍڙو هوندي به چمڙو ٻچا به پيو ڏئي ته کير به پيو پياري ٻچن کي اڪثر اڏامندڙ جاندار ڏينهن جو روزگار ڪندا آهن ۽ رات جو آرام فرمائين پر هي چمڙو رات جو جاڳي ڏينهن جو روزو رکي ٿو ته جيڪر ماڻهو ٿي پوان پر چرئي کي ڪير سمجهائي ته رڳو ايئن ڪرڻ سان ڪو چمڙو ”ماڻهو“ناهي ٿيندوپر ماڻهو ٿيڻ لاءِ ماڻهپو ڪنهن ”ماڻهوءَ کان سکبو سو اهي ڳالهيون ڪنهن ۾ دم هجي ته چمڙي کي ڀل سمجهائي آءُ ڪونه سمجهائيندو مانس ڇو ته منهجي سمجهائڻ سان ري ايڪشن ٿي پيو ماڻهو ئي نه سمجهيارهندو انهن به”ماڻهو“ٿيڻ بدران چمڙا ٿيڻ شروع ڪيو ڪنهن ۾ دم هجي ته اهو ڪم ڪري ۽ دم مطلب ”دم“اهو نه هجي جيڪو ماڻهن کي ماڻهن جو غلام بڻائ ڪم خراب ڪندو آ دم ڪرائي جو موٽي ته ايمان له ئي نه! سو ادا ماڻهو ٻه ڄنگهيو جاندار هجڻ جو نالو ڪونه آهي پر انسانيت،ادب،اخلاق جهڙا ڪم ڪرڻ سان ماڻهو وڃي ”ماڻهو“ٿيندو آ ميان! نور سئون ڪوڙ ڪو نه ٿو ڳالهايان مان سيريس يعني اسپتال يا ڏاڪدر ڏي کڻڻ جهڙو سيريس نه پر سيريس يعني سچ ۾ آهيان چڱو ڀلا هاڻي اعتبار ڪندئو”اولٰئڪ ڪل انعام بل هم اذل سبيلا“ ڀٽائي گهوٽ جي فيورائيٽ ڪتاب قرآن مجيد ۾ لکيل آ ته” اهي ايئن آهن ڄڻ جانور پرانهن کان به گهٽ درجي وارا آهن“ سو ادا اصل ۾ انسان اڄاڻ آه پوءِ ڪو مڃي نه مڃي مرضي سندس باقي انسان ايترو هوشيار ڪونهي جيترو پاڻ پڏائي پيو هو ڪريم آ هو سپڙ آ هو ڏاتار آ انسان ڏڏ آ، ڏوه آ ،ان لاءِ نمي کمي نهارجي هن جي آڏو سر نوائجي هن جي عيال يعني مخلوق سان ڀلو هلجي باقي خطبا خوب پڙهي جو آٰءُ عمل نه ڪندس ته مان به اڃان ”ماڻهپي“واري ليڪي ۾ داخل ڪونهيان ڏاتار چوي ٿو تون اي ”انسان ظلوما ۽ جهولا“يعني ظالم ۽ جاهل آهين سو سندس ظلم جا به داستان تمام گهڻا آهن واري سان ڪڏهن ان تي به مٿو وڙهائبو في الحال انسان جي جهل جي حد کي ڏسجي. انسان پاڻ کي سياڻو سمجهي پاڻ سان غلط ڪيو آ آدم عليه السلام لاءِ چون ٿا ته ويچاري علم وارو بار کڻي پاڻ تي وزن وڌو جڏهن مالڪ هڪ اهڙي امانت بابت اعلان ڪيو ته هڪ امانت جي آڇ اسان پهاڙن کي ڪئي پر ليلائيندي انڪار ڪيائون فرشتن عبادت جو بار کنيو ۽ جنت جهنم جي فيصلي کي ڇڏي ڏنائون پر انسان اهو بار خوشيءَ سان کنيو اها ان جي جلد بازي ئي چئبي نه ته ٻيو ڇا؟