اڳي ماڻهو حال مست هيا. حال ڀائي ملي ويو، ته عيد ٿي ويندي هئي.حال پريان نال حاضر ٿي ويندوهيو. هاڻي مال تي مستي آهي. مال ناهي ته منهن ڀيلوآهي. ڀاءُ ڀاءُ کي نه ٿو سڃاڻي. خير، هر دؤر جي پنهنجي پنهنجي تقاضا آهي. هي ٻن حال ڀاين جو ڪجھ احوال آهي، جڏهن سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ مزاح جي حس اتم درجي جي موجود هئي. هاڻي توائي جي حس تيز ٿي وئي آهي. جمعو فقير پوءِ جمعو فقير ٿيو، پر ان کان اڳ محمد جمن سومرو ويٺل ڳوٺ ڪور سليمان هيو.هاڻي جي خبر ناهي، پر اڳي ڪافي سومرا ڪور سليمان، دوست علي ۽ چانڊين جي جاگير ۾ رهندا هيا. ڪور سليمان کان اوڀر ۾ ڪنڍي بڙڌيءَ (ڪنڍو خان بليدي) جو ڳوٺ ڏيڍ ڪوھ (چار ڪلوميٽر) ۽ قنبر شهر جي اولھ ۾ اڍائي ڪوھ (ڇھ ڪلوميٽر) کن ٿيندو. اڳي ٻن ڪوهن جي اندر ويٺل ماڻهوهڪ ٻئي کي ائين سڃاڻيندا هيا، جيئن هڪ گھر جا ڀاتي ھڪٻئي کي ڄاڻن سڃاڻن. ان ڪري دوستيون ۽ دشمنيون به مٿو مٿي تي هونديون هيون، پر دوستين ۽ دشمنين جا به ڪي معيار هيا.هر ماڻهو دل گھريو دوست نه هوندو هيو ۽ نه وري ماڻهو هروڀرو وڻن تان جھيڙا لاهيندا هيا. مڙيو سو جڙيو وارو جھان گھڻو هيو. دل مراد بڙڌي عرف مامو شيدو ڪنڍي جي ڳوٺ جوويٺل هيو. ان ڪري ڪور سليمان ۽ ڪنڍي جي ڳوٺ ۾ ڪو سَنڌو نه هيو. ٻنهي جي جُوءِ ساڳي. ٻئي هم پياله، هم نواله ۽ حال ڀائي هيا.ان ڪري ٻنهي جي خوب لڳندي هئي. ٻنهي جو سنڌي-فارسي گاڏڙ نعرو هوندو هيو؛ ”ڀنگ سبز رنگ، دل تنگ نه باشد؛ اهو ملڪ بيابان، جتي ڀنگ نه باشد.‘ جيئن جمعو فقير خوش طبع هيو، ائين مامو شيدو به. مامي شيدي جي سنگت جبل جي مارفاڻي چانڊين سان به هئي، سي کيس ٻورو ڪوهي ڀنگ جو ڏئي ويندا هيا. اهو کپندو هيو ته ٻيو پهچي ويندو هيو. ان ڪري مامي شيدي وٽ، موالي ائين مڙيا ويٺا هوندا هيا،جيئن مُستيءَ تي ماڪوڙا. پر جي جمعو فقير، ڪنڍي جي ڳوٺ پهتو، ته ڪچهريءَ جو رنگ ئي ٻيو ٿي ويندوهيو. جمعي فقير جي ڳوٺ ۾ اچڻ سان، ماڻهو اوطاق ۾ گڏ ٿي ويندا هيا. ٻنهي جا پڪا گفتا ٻڌي، کلي کلي کيرا ٿيندا هيا. وڏا ٻڌائيندا هيا ته؛ هڪ دفعي جمعي فقير، مامي شيدي کي چيو: ”شيدا، تون مون کي پيالو به پيارين ٿو ۽ ماني به کارائين ٿو. جيڪڏهن ٻروچڪي رڳ ڏيکاريندي، بتال کائي چوين ته؛ پلوَ ڏي، ته پوءِ مان مولائي ڇا ڪندس؟“ ”پ... پوءِ ت...تون م...مون کي پ.. پنهنجي رر..ن ڪاهي آ..آڻي ڏجانءِ“، مامو شيدو جيئن ته هَڪڙ هيو، تنهنڪري لفظ ورجائيندي چيائينس. ”پوءِ تون منهنجي رن کي ڇا ڪندين، ٻروچ؟“ جمعي فقير پڇيس. ”ڀ...ڀيڻ ڪري، گھ..گھر ويهاريندومانس. م.. مون کي ڪ..ڪهڙي ش..شادي ڪرڻي آ.“ مامي شيدي وراڻيو. ” پوءِ نه توکي فائدو، نه مون کي فائدو. واھ ڙي واھ ٻروچ تنهنجو عقل. تڏهن ته چوندا آهن، ته ’ٻروچ جو عقل؛ ڏاڙهيءَ ۾ يا ڪياڙيءَ ۾‘.“ جمعي فقير وراڻيو. مامي شيدي مجرد زندگي گذاري. جيتوڻيڪ کيس ويھ ايڪڙ آباد زمين حصي ۾ مليل هئي. مٽن مائٽن وس ڪيس، ته ’شادي ڪر‘، پر جواب ئي هڪڙو،’زال زحمت، ٻار ٻرو، مولا ڏيئي ته گھم ڇڙو.‘ جمعي فقير جڏهن قنبر شھر اندر، ميونسپالٽيءَ جي آفيس جي ڀر ۾، سيرب ٺاهڻ شروع ڪئي، ته سنگت ساٿ اتي وڃي ساڻس روح رهاڻ ڪندي هئي. جڏهن پهريون دفعومامو شيدو، جمعي فقيرسان ملڻ ويو. جمعي جو پنهنجي يار کي ڏٺو، ته هڪدم پنهنجي شاگرد کي ٻياني ڏئي چيائين ته؛ ”اڙي ڇورا وارو ڪر، ڀنگ وٺي ميخاني تان گھوٽائي آ، ته يار کي سکو پاڻي پياري پر باش ڪيون.“ ڇوڪرو ڀنگ وٺي وڃي ميخاني تان گھوٽائي آيو. خبر ناهي ته ڇوڪري ان ڀنگ ۾ ڪجھ ملايو يا وري ميخاني تي ڪا حرڪت ٿي. جيئن ئي ٻنهي ڄڻن سکو پاڻي پيتو، ته ٿوري دير کان پوءِ ٻئي بيهوش ٿي ويا. مامي شيدي کي مائٽ ڳوٺ کڻائي آيا.مامي شيدي جا وڏا حڪمت به ڄاڻندا هيا. ٽي ڏينهن ته مامو شيدو بيهوش رهيو، پر پوءِ به ٻه مهينا کٽ تي پيو رهيو. ٻن مهينن کان پوءِ هلڻ ڦرڻ جھڙو ٿيو. جمعي فقير سان ته وڏي ويڌن ٿي وئي، ويچارو ٽي مهينا کٽ تي پيو رهيو. ان کان پوءِ وڃي ڪوهلڻ جھڙو ٿيو. جڏهن مامي شيدي کي ڪنهن ٻڌايو ته؛ جمعو فقير حجامڪو ڌنڌو وري شروع ڪري ڏنو آهي، ته ملڻ ويس. هڪ ٻئي سان حالي حوالي ٿيا، ته جمعي فقير ميار ڏيندي چيس؛ ”مون کان مهينو اڳ هلڻ ڦرڻ جھڙو ٿئين، ته ڏسڻ به نه آئين، ته ڪو جمعو بچو يا مئو؟“ ”س...سڄي، خ...خبر هئي، ته ڇ...ڇو پڇان ها.“ ” ڪيئن خبر هئي، ٻروچ تو کي؟“ مامي شيدي هڪلائيندي چيس؛ ”جيئن ئي پيالو پي بيهوش ٿياسين ته عزرائيل اچي ڪلهن تي کنيو. سڌوهڪ ميدان تي اچي ٻنهي کي سٽيائين. عزرائيل ڏي هڪ ملائک ڀڄندو آيو، ۽ چيائينس، ’اڃا هنن جو موت ناهيلکيل.‘عزرائيل وراڻيو، ’اهو ته برابر آهي، پر هنن پنهنجو پاڻ کي پاڻ جو زمرق ڏنو، ته ان ۾ منهنجو ڏوھ ڪهڙو آهي؟‘ملائکن چيو، ’هنن جي لاءِ حال في الحال هڪ سزا مقرر ٿي آهي، اها ڏئي پوءِ انهن کي موٽائڻو آهي.‘ ’ڪهڙي سزا ؟‘عزرائيل پڇيو. ملائکن چيو، ’شيدي کي جڏهن خبر به هئي ته قنبر جا موالي هڪ ٻئي کي چريو ڌاتورو ياڪا خراب شيءِ ملائي ڪيرائيندا آهن، ته هن ٻئي هٿ جي گھوٽيل ڀنگ ڇو پيتي؟... ان ڪري ان کي ٻن مهينن جي سزا. باقي، مهمان سان جٺ ٿيڻ جي ڏوھ ۾، جمعي کي ٽن مهينن جي سزا ملندي. تنهنڪري تون هاڻي هنن مان هٿ ڪڍ ته اسان هنن کي وٺي وڃون.‘“ ”ٻروچ، پوءِ ڇا ٿيو؟“ جمعي فقير معصوميت سان پڇيس. ”پوءِ ادا اسان ٻنهي کي ٽنگوٽالي ڪري، هڪ ڀانڊي ۾ وٺي آيا. اتي هڪ ڀت تي وڏا ڪارا تَوا ۽ دانگيون ٽنگيون پيون هيون. مون کي چيائون ته تون اهي توا ٻه مهينا منهن تي گھماءِ ۽ توکي چيائون ته تون ٽي مهينا دانگيون گھماءِ. ان ڪري مان ٻه مهينا پنهنجي منهن تي توا مليا. سزا پوري ٿي، ته کٽ تان اٿيس. توکي اڃا مهينودانگيون مَلڻيون هيون. تو مَلي بس ڪيون، ته اسان به اچي پهتاسي. توسان ملياسي، ٻيو مڙئي خير.“ ”گھرجي به خير، پراها ڳالھ ڪري منهنجي منهن تي دانگيون نه، پر جبل واريون ٿوٻيون ملي ڇڏيئي، ٻروچ!“جمعي فقير ٿڌو شوڪارو ڀريندي وراڻيو. جمعي فقير جي ته خبر ناهي، پرپوءِ مامي شيدي پوري زندگي، ڪڏهن به ڪنهن ٻئي جي هٿ جي گھوٽيل ڀنگ نه پيتي. البت جڏهن طبيعت ناساز هوندي هيس، ته ڳوٺ جي عورتن کي سوال ڪندو هيو، جيڪي ڀنگ گھوٽي ڇاڻي ڏينديون هيس يا جي ٻاهر سير سفر تي ويندو هيو، ته ڀنگ جا وڙا ٺاهي ساڻ کڻي ويندو هيو. مامي شيدي تي ته ڪڏهن تفصيل سان لکبو، پر برسبيل هڪ اکين ڏٺو واقعو ياد ٿو اچي، ته مامي شيدي جو ڀيڻ سان ڪنهن ڳالھ تي جھيڙو ٿي پيو،سو چوڻ لڳس؛ ”ڳالھ ٻڌ! جي مان مري وڃان، ته روئجان نه...جي رُنينءَ ته مان به ڪفن مان هٿ ڪڍي ڀونڊو ڏئي چوندوسانءِ، ’منهنجي نياڻي نماڻي ڀيڻ، هي ته ڳڻ! جڏهن جيئرو هيس ته جھيڙا ڪندي هئين، هاڻي روئين ٿي!؟‘ مامي شيدي جي ڀيڻ جو نالو هدايت هيو، پر هرڪو کيس پڦي هدايت ڪري سڏيندو هيو. منهنجي ماءُ به کيس پڦي هدايت ڪري سڏيندي هئي، ته مان به. اها به وڏي ڀوڳائڻ هئي. پڦي هدايت سخت بيمار ٿي پئي. مان پنهنجي زال سان گڏ کانئس پڇڻ ويس. اتر سنڌ ۾ وڏي عمر جي مردن ۽ عورتن کي عمومن ياداشت نه هئڻ جي بيماري ’الزائمر‘(ويسر جي بيماري) عام آهي. ان ڪري عمر رسيده بيمارن کان پڇڻ وارا مرد ۽ عورتون رڙ ڪري پهريون سڃاڻپ واروسوال ڪندا آهن، ته جيئن اڳلي جي ياداشت جو اندازو ٿئي، ته حال ۾ آهي يا نه؟ سو منهنجي زال به پڇيس؛ ”پڦي هدايت مون کي سڃاڻي ٿي؟“ پڦي هدايت هڪدم جواب ڏنس؛ ”ها، آمنه جي ڌيءَ آن، نه! جيڪا کٽو مل جي هٽ تي مون سان هلي چوندي هئي، تتومل، تتي (ٽڪي) جون تتيون(ٽڪيون) ۽ تتي جا طوطا (ڦوٽا) ڏي.“ سڀ عورتون کل ۾ ٻٽجي ويون. مون سوچيو، ته ائين نه ٿئي ته ڪو ڳالهائيندي ٻولهائيندي منهنجي لاک نه لاهي وجھي. اُتي پڦي هدايت جو ڏوهٽومرحوم ارشاد علي بليدي به ويٺو هيو. مون ان کي چيو؛ ”سؤٽ! هل ته پاڻ اوطاق ۾ هلي ڪچهري ڪيون، ڀلي مايون هڪ ٻئي کي ڏين وٺن.“ پڦي هدايت هڪدم وراڻيو؛ ”ابا، هي نه هلندو، هي ماين جي وچ۾ ويهندو.“ ”ڇو؟“ مون پڇيو. ”هي اسان جو چوڪيدار آ. جي اسان سڀ بڙڌياڻيون ڀڄي ويون سي، ته اوهان سان سمهندو ڪير؟“ ارشاد ڪاوڙ ۾ ڌَنوندي اٿي کڙو ٿيو؛ ”مري ٿي، ته به ڀوڳن کان مڙي نه ٿي!“ اڳي شايد ماڻهن ۾ مزاح جوعنصر ان ڪري به وڌيڪ هيو، جو اهي فطرت جي قريب هيا. ڪچين جاين ۾ رهندا ھيا، سادو کائيندا ھيا ۽ سادو هنڍائيندا هيا. هاڻي هرڪو ڪاٽن جا ڪپڙا پهريون ڦوڪيو ٿو وتي. سيمنٽ جون جايون، گرم مسالي وارا کاڌا، هرڪو تتو ٿو وتي. ∞ ∞ ∞ بهرحال، اصل ڳالھ ته جمعي فقير جي ڪرڻي آهي. جمعي فقير جي حوالي سان ٻه ٽي ڳالهيون جيڪي اکين ڏٺيون ۽ ڪنن ٻڌيون آهن، سي اوهان سان شيئر ڪجن ٿيون. هڪ ڏينهن ڪچڙي منجھند جو، جمعو فقير لاڙڪاڻي جي شاهي بازار ۾ پنهنجي شاهي سواري يعني گڏهه تي سوار، مُکي ڪؤڙي مل پنساريءَ جي دوڪان سامهون بيٺو هيو. مان ۽ منهنجو دوست علي شير رونگھو اُتان گذرياسي، ته دوڪاندار(ڪوڙي مل جو پٽ، نالو ذهن ۾ نه ٿو اچي) کي چئي رهيو هو؛ ”مالڪ، بال صفا پئونڊر مڙئي چـڱڙو ڏجانءِ!“ هن بال صفا پائونڊر جي ٺهيل پڙي ڏنس، ته ڏسي پڇيائينس؛ ”هن مان ڪم نه هلندو. هاڻي تون ڇا ٿو چئين ته فقيرياڻي، چپٽين جو پورهيو ڇڏي رڪ سان راند ڪري ڇا؟ “ ”فقير گھڻو آ“، دوڪاندار وراڻيس. ”پوءِ گھر هل، ته هلي ڏيکاريانءِ!“ جمعي فقير وراڻيس. دوڪان تي بيٺل ۽ آسپاس وارا همراه کل ۾ ٻٽجي ويا. دوڪاندار کلندي ٻه پڙيون ڏئي ڇڏيس. اڳتي چُريو، ته پڇيومانس، ”جمعا فقير، چپٽن جو پورهيو ڇڏي ۽ رڪ سان راند ڪرڻ وارو پهاڪو سمجھ ۾ نه آيو؟“ ٻڌايائين، ته”ابا، هڪڙو هو حجم، سو لاباري جي مند ۾ پنهنجي آهتين ڏانهن سنبريو، ته جيئن سندن وار سنوار به ڪري اچي ۽ ڪجھ اَن، ڌن ۽ سيڌو سامان به وٺي اچي. زال کي چيائين ته ٻن هفتن کان پوءِ موٽندس سو جيڪو چوندينءَ ته تنهنجي لاءِ اهو به وٺيو ايندس، جو هيل ملڪ ۾ فصل به ڀلو لٿو آهي.“ زال کان موڪلائي، ڀاني کڻي پنهنجي آهتين وٽ پهتو. ڪنهن جا وار، ته ڪنهن جي سونهاري ٺاهيائين. ڪنهن جو مٿو ڪوڙيائين، ته ڪنهن جا بغل لاٿائين. ڪنهن جا نَنهن، ته ڪنهن جي ڦٽ ڦرڙيءَ جو علاج ڪيائين. نيٺ پندرنهن ڏينهن کان پوءِ سامان جي گاڏي ڀرائي گھر پهتو. جوڻهنس ڏسي خوش ٿي، جو سندس لاءِ جتي، جوڙو،سڳي، سرمو، مساڳ؛ مطلب ته غريباڻي حال مطابق سڀ ڪجھ آندو هيائين. رات ٿي، ته مائي سوچيو، ته جوان مڙس کي راضي پرسن ڪري. پر پنهنجا غيرضروري وار ڏسي پريشان ٿي وئي. هاڻي سوچيائين ته هن وقت ڪهڙي خاڪ ۽ ٻيرچو کڻي چپٽين جو پورهيو ڪري، وقت به گھڻو لڳندو، گھر ۾ پاڪيون ته کوڙ پيون آهن، ڇو نه انهن مان هڪ کي استعمال ڪري. سو ويچاري پاڪيءَ جو ته استعمال ڪيو، پر ٽُڪو اچي ويس. رتورت ٿي وئي. سور کان سُوسٽَ پيا نڪرنس. مڙس جو پڇيس، ته پيرائتي ڳالھ ڪري ٻڌايائينس. مڙس ڪاوڙ مان چيس، ته ”رَن! توکي ڪنهن چيو، ته چپٽين جي پورهيو ڇڏي رُڪَ سان راند ڪر. سو ابا جنهن کي جيڪو ڪم ڏانءُ اچي، اهو ئي ڪري. ٻيو ڪندو ته نقصان ۾ ويندو.“ ڏسو،آهي ته پهاڪي کي جنسي پس منظر، پر پهاڪي۾ ڪيڏو نه ڏاهپ وارو ڏس ڏنل آهي. خير،جمعي فقير جون ڪيتريون ڳالهيون آهن. ڪنهن زماني ۾ لاڙڪاڻي جي آس پاس ڏاهاڻين ۽ جتوئين جو جھيڙو هلندڙ هيو. جڏهن به ڪنهن جو خون ٿيندو هو ته شهر ۾ ڪافي ڏينهن تائين هُو هوا هلندي هئي. هڪ ڏينهن بندر روڊ جي وٽ تي قاضي عبدالمنان جي گھر سامهون، شاهي نم هيٺان، ماڻهن پئي ان جھيڙي بابت پھ پچار ڪئي. جمعي فقير به گوشت مارڪيٽ مان گداءُ ڪري، ڪتن جي لشڪر سان گڏ نم جي ڇانو۾ اچي ڊاٻو ڪيو. اها پھ پچار ٻڌڻ کان پوءِ آخر ۾ جمعي فقير به پنهنجي راءِ ڏني:”بابا، مان ته چوندو آهيان؛الٻروچ والٻروچان؛ جيئري جن، مئي شيطان...فباي آلاءِ ربڪما تڪذبان..ملائکن ته الله کي چيو ته هيٺ روزگار ختم آ، ان ڪري ٻروچن کي نه موڪل. پرالله چيو، ته ٻروچ روزگار جو ذمو پاڻ ٿا کڻن، ته پوءِ ڪهڙو اعتراض آ. ملائکن به کڻي ماٺ ڪئي. ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا. هاڻي صبوح مڙدان سان، نه شهر ۾ الله جي، نه رسول جي، رڳو ٻروچن جي جھيڙي جي ڳالھ ٿي هلي.“ ائين چئي جمعو فقير پنهنجي شاهي سواري ۽ لشڪر سان اڳتي وڌي ويو. حالانڪ اتي ڪيئي ٻروچ بيٺا هيا، ڪنهن فقير جو دل ۾ ئي نه ڪيو، ڄڻ سڀن کي دل سان لڳي. انهيءَ بندر روڊ تي ڪنهن زماني ۾ نواز شيخ ڪلاٿ اسٽور هوندو هيو، جيڪو شهر جو مهانگو ترين دوڪان هيو. شهر جا آسوده ماڻهو اتان اچي پنهنجي کل لهرائيندا هيا. جمعو فقير هميشه وانگر شاهي سواري تي سوار پٺيان پنهنجي راڄ ڀاڳ (ڪتن جي لوڌ) سان گڏ روان دوان هيو. ڪجھ دير ساهي پٽڻ لاءِ اوچتو ان دوڪان جي سامهون بيهي رهيو، ته روڊ تي ڪتن جي لوڌ به بيهجي وئي. دوڪان جي مالڪ نوڪر کي چيو ته؛ ڪتن کي هڪلي، جو گراهڪي خراب ٿيندي. نوڪر ڇا ڪيو، جو سروٽوکڻي هڪ ڪتي کي زومائتو وهائي ڪڍيو، ته ڪتو ڪونڪاٽ ڪرڻ لڳو. جمعي فقير هڪدم دوڪان جي مالڪ کي رڙ ڪري چيو؛ ”پنهنجي سوئر کي جھل، ته منهنجن سڄڻن تي هُڙڇ نه ڪري.“ پوءِ ان ڌڪيل ڪتي کي سڏ ڪندي چيائين؛ ”اڙي خادو! هيڏي آءُ ته توکي ڇيڇڙو ڏيان! وڙائتن جي، بي وڙن کي ڪهڙي ڪل.“ ائين چئي ان ڪتي کي خاڪي لفافي(ڪاغذي شاپر) مان ڇيڇڙو ڪڍي ڏنائين. دوڪان جو مالڪ ڏند ڪرٽيندي چوڻ لڳو؛ ”ڀٽو صاحب(ذوالفقار علي ڀٽو) به بادشاھ ماڻهو آ، جو فقيرن کي به کڻي مٿي تي چاڙهيو ٿئين.“ اکين ڏٺي ته نه، پر اها ڪنن ٻڌي مشهور ڳالھ آهي، ته هڪ دفعو ڀٽي صاحب، جمعي فقير کان پڇيو؛ ”جمعا فقير، ڪڏهن کهڙي(محمد ايوب کهڙي ڏانهن اشارو) به خيرات ڏنئي؟“ ”نه مالڪ! منهن ڏسي مٺائي گھربي آ. مان ته ان جي پاسي کان لنگھندو به ناهيان، ته متان گڏھِ نه ڦري وٺي.“ پر اهو واقعو ڏاڍو دکدائڪ آهي، ته جنهن رات يعني ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي ڀٽي صاحب کي ڦاسي اچڻي هئي، ان کان هڪ ڏينهن اڳ، لاڙڪاڻي جو عام ماڻهو ڏاڍو رنجيده هيو. شام جولاڙڪاڻي ۾ قائم شاهه بخاري جي مزار تي ماڻهن جا انبوهه هيا. ماڻهن دعائون پئي گھريون ۽ ٻاڏايو پئي ته اها ڦاسي ڪنهن معجزه تحت ختم ٿئي. ياد آهي، ته هڪڙو ٻاتو فقير قائم شاهه بخاري تي پينگھي ۾ قرآن لوڏيندي زور زور سان چئي رهيو هو؛ ”قلان ڀتو! الله ڀتو!...قائم شاه بخالي ڀتو!“ جمعو فقير به قائم شاه بخاري جي سامهون واري روڊ تان گذري رهيو هيو، ته ڀٽي جي شيدائين، دڳ جھلي کيس چيو؛ ”جمعا فقير الله کان دعا گھر، ته ڀٽي صاحب کي ڦاسي نه اچي.“ جمعي فقير وراڻيو؛ ”ان ٽيڏي (جنرل ضياالحق) ۾ يزيدي روح سمايل آ، اصلي نه مڙندو. باقي الله کي چوڻ اجايو آ. جڏهن امام حسين سان يزيد جي لشڪر ڪيسُ(ظلم) پئي ڪيو، ته ڪيترا نبي سڳورا الله کي ايلازو ٿيا، ته ’اهو ڪِيسُ بند ڪراءِ‘؛ تڏهن ٺڦ جباب (جواب) ڏئي چيائينِ، ته’ڀلي ڪِيسُ ٿئي، ته مان اکين ڏسان، ته منهنجي نانءَ تي قلباني(قرباني) ڪيئن ٿي ٿئي.‘!“ ۽ پوءِ ٿيو به ائين، ڪِيسُ ٿي ويو...