جواب: جتي لک لهي ها ها ها ها ها ها ها ها ها جي ادا اڄ ڪل جُتيون چورائجڻ جو ريشو وڌي ويو آهي ۔ پر هتي جتي سان گڏ تالي جو به نقصان آهي۔
جواب: جتي لک لهي سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته؛ اٺين آني جو اٺ، ٻارنهن آنا گهلاڻي ۔۔۔ ويهين روپئين جي جتي، سئو روپين جو تالو ۔۔۔ همراه ڪو گندو بندر مان نڪتل ٿو لڳي، يا وري مڪي پاڪ جي ڪنهن ٽڪروني محلي جي مسجد جو ستايل ٿو لڳي ۔۔۔ مون به هڪ جتي باٽا جي نئين وٺي مڪي پاڪ آيس، بن لادن مسجد ۾ نماز پڙهڻ ويس، ٻاهر نڪران ته جتي غائب ۔۔۔۔ هڪ ٻن ڏينهن کانپوءِ ساڳي جتي هڪ ٽڪروني (آفريڪي) نسل جي ٿلهي ڊگهي پهلوان کي پاتل هئي، مون کيس هيٺ کان مٿي ڏٺو، پنهنجي جتيءَ کي حسرت جي نگاهن سان ڏٺو پر اها جرئت نه ٿي ته کائنس پڇان ۔۔۔ آفريڪي نسل جا ماڻهون مڪي ۾ ايترا خطرناڪ آهن جو پوليس به پاسو ڪندي آهي، انجي شاهدي ادو طاهر ئي ڏيندو ۔۔۔۔ سو مون به چپ ۾ خيريت سمجهي، جتيءَ کي حسرتي نگاهن سان ڏسندو هليو ويس ۔۔۔
جواب: جتي لک لهي ادا وڏا! خيئر ته آهي نه توهان ڀلا ادي طاهر ڏانهن هٿ ڇو کنيون۔۔۔۔۔ ڪٿي ادو طاهر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هي مُنهنجا مالڪ، ادي طاهر جي پارت هجئي
جواب: جتي لک لهي نه نه ادو طاهر فورم تان گم ضرور آهي پر اڃان هيڏانهن مڪي نه پهتو آهي، همراه يار ويس آهي، پهچڻ شرط اطلاع ضرور ڪندو، بس اٽڪي پيو هوندو ڪنهن ڪم ۾ ۔۔۔ باقي ٽڪروني ماڻهن کي هو سڃاڻي ٿو انڪري حوالو ڏنو اٿم، اوهان ڳڻتي نه ڪريو ۔۔۔ پاڻ صفا سلامت آهن ۔۔۔ ~o)