آدرش نوٽ بڪ جا ورق - گهگهراڻي گهٽي -6

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    نوٽ بڪ جا ورق - گهگهراڻي گهٽي -6

    آدرش

    مون کي گهگهراڻي گهٽي پهرئين محبت وانگر عزيز آهي. احترام لائق آهي ڇو ته پهرئين محبت ڪڏهن به وسري ناهي سگهندي، ڀل پوءِ زندگيءَ ۾ هارين محبتون ڇو نه اچن.
    جيئن دنيا جو سڀ کان سٺو فعل چمي ڏيڻ آهي، تيئن مون لاءِ دنيا جو سٺو فعل گهگهراڻي گهٽي ۾ رهڻ آهي. جيڪڏهن ان گهٽيءَ جي بدلي ۾، انگلينڊ جو بادشاھ پنهنجو شاهي تخت ۽ پنهنجي شهزادي ڌيءَ به ڏئي ته مان گهٽيءَ جو انچ به نه ڏيندو مانس.

    ***

    گهٽيءَ جي چو سول تي اولهه پاسي ، منهنجي گهر جي سامهون نور مسجد آهي. مان وانداڪائيءَ ۾، ان جي ڏاڪي تي وڃي ويهندو آهيان. دروازي کي ڪلف لڳل هوندو آهي. ويٺي ويٺي ٻانگ جو ٽائيم ٿيندو آهي. ڪلف کلندو آهي ته مان اُتان هڪ دم اُٿي ڪري، ڊڪ پائي گهر ويندو آهيان.
    هڪ جمعي تي ٻار پيڪين ويل هجن. صبح جا يارهن کن ٿيا هيا. گهر ۾ اڪيلو ويٺي بور ٿيم ته اچي ڏاڪو وسايُم، سگريٽ دکائي، پهريون ڪش مس هنيم ته هڪ ٺاهوڪڙي باگڙياڻي فقيرياڻي آئي. هٿ تري اڳيان ڪري چوڻ لڳي: ” صاحب! جمعي جو ڏينهن الله راضي ٿيندءِ“ مون کلندي چيو مانس، ”مان الله جو نيڪ ٻانهو آهيان. الله هر دم راضي آهي. اڄ تون راضي ٿي پئُه ” فقيرياڻي منهن تي رئو ڏئي، کلندي هلي وئي.

    ***

    مان ڏاڪي تي ويهي، سگريٽ پيئندي ڄڻ ڪنهن ٿيئٽر ۾ ويهي ناٽڪ ڏسندو آهيان. اڪثر ڪري آچر تي، واڪ کان موٽي، صبح جو پهر ۾ ويٺي مزا ماڻيندو آهيان. پريءَ نالي شيخياڻي مائي برقعو پائي لنگهندي آهي. پردو سدائين مٿي تي هوندو اٿس. لنگهندي ته هٿ سان اشارو ڪندي، پڇندي: ” سائين! خوش آن ني“ مان خوش هوندم! “ ٽهڪ ڏيندي“ هلي ويندي.
    نالو پري اٿس. ڀاڳ فقيري اٿس. ان ڏس ۾ پنهنجي ڪهاڙي، پنهنجا پير اٿس. چڱو ڀلو گهر هيس. هڪ ڪلهوڙي جوان سان پرڻيل هئي. سهڻو به هو ته محنتي به هو. نيڪ به هو. شام جو لکي در تي، هڪ پيڙهيءَ تي چاپان، ٽڪيون، تري ۽ مغز وغيره، تئي تي پچائي، سُٺو پيٽ گذران ڪندو هو. ڌيءَ پٽ ٿين. پريءَ جي ڪل ٿڙِي. ويٺي ويٺي شڪر کي اٽان هنيائين. طلاق ورتائين. اچي پيڪين در ويٺي.
    هاڻي هڪ ٺڪر ماستر سان شادي ٿيل اٿس. اهو وري راهون رد، نه اسڪول وڃي ڪو ٻار پڙهائي، نه ئي جوءِ جي ڪاسار لهي. ڪڏهن ڪراچيءَ، ڪڏهن سيوهڻ جاتي تاتي پني کائي. دربدر خاڪ بشر، پري ڄڻ ديوَ وٽ قيد آهي.

    ***

    سياري جو ڏهاڙو هجي. مان به مسجد جي ڏاڪي تي ويٺي (Sun-bath)وٺي رهيو هيم. ڏاڍو سرور ۾ مسرور ويٺو هيم. اوچتو منڪر نڪير وانگر ٻن باريش تبليغي مولوين اچي ٺڪاءُ ڪيو. منهنجا نشا ئي ٽٽي ويا.
    ”السّلام عليڪم“ ايڏي وڏي آواز ۾ ڪيائيون جو منهنجو هانءُ ئي نڪري ويو. پنجاب کان آيل تبليغي مولوي صاحب هيا. مون کان سلام جو جواب ائين نڪتو ڄڻ نڙي تي لت ڏني هجائون.
    ”اسان سيال ڪوٽ کان آيا آهيون“ هٿ ملائڻ کانپوءِ هو ائين شروع ٿي ويا ڄڻ ڊي وي ڊي پليئر ۾ سي ڊي پئجي وڃي. ”مهنجو نالو عبدالرحمان آهي. هن جو تاج محمد آهي. جناب اعليٰ! ڏسو نه. هن دنيا ۾ ڇا رکيو آهي. زندگي پاڻيءَ جو بلبلو آهي. پل جي خبر ناهي. اسان کي الله جي رسيءَ کي پڪڙڻ گهرجي. آخرت جو فڪر ڪرڻ گهرجي. فاني زندگي آهي. ڪجهه به ناهي رڳو ڪاريءَ وارا ڪک آهي. قبر ۾ نانگ وڇون آهن، الله تعاليٰ قبر جي عذاب کان بچائي دوزخ جي باھ کان بڇائي اسان هر گهڙي الله کان معافي گهرون. نماز پڙهون. گناهن کان پري رهون. آخرت جو وڏو عذاب آهي. جناب عالي!“
    هن جو عذاب پورو ٿيو ته مون کين چيو ” سائين اوهان جون ڳالهيون اکين تي، سو رهن آنا سچيون. منهنجا چوڏهن طبق ئي، اهي ڳالهيون ٻڌي روشن ٿي ويا آهن.
    هاڻي منهنجي ڳالهه ٻڌو! هاڻي آخرت جي ڳڻتيءَ کي جهٽ گهڙي ڇڏيو. آخرت ۾ جيڪي ڪجهه ٿيندو مان ڄاڻان، منهنجو رب ڄاڻي. برابر! اهو ئي غفورُ ۽ رحيم آهي. بخشي ڇڏيندو. منهنجي پيغمبر مٺي مُرسل جو به فرمان آهي ته مسلمان دوزخ ۾ سزا ڀوڳي، نيٺ جنت ۾ ويندا. توهان ٿورو منهنجو عرض ٻڌو، آخرت جِڏي ٿي تڏي ڏٺو ويندو. ٿورو هتان واري زندگي جي ڪا ڳڻ ڪيو.“
    ”جي جي اوهان فرمايو.“
    مون چيو مان ” ادا عبدالرحمان! ادا تاج محمد! ڳالهه اها آهي ته مان نوڪريءَ تان لٿل آهيان. سامهون گهر اٿم. کيسي ۾ ٽڪو ڪونهي. ساجهر صبح لاڪئون رُکي هانوَ تي، هتي مسجد جي ڏاڪي تي ويٺو آهيان. گهر ۾ ٻارڙا رات کنئون بک تي سُمهيا پيا آهن. ويچارا ڇڙو پاسا ورائن. الله پاڪ مُسب الاسباب آهي. اوهان جهڙن نيڪن کي سڌو مون ڏانهن موڪليو اٿائين. هاڻي ڪو قرب ڪيو مون کي سئو کن ڏيو الله اوهان کي آخرت ۾ ان جا ست هزار ڏيندو. ڏيو ته مان کير، کنڊ ۽ پاپا وٺي گهر وڃان ته ٻارن ويچارن جي ڪا ٿوري هانوَ جهل ٿئي. مان کي ڪو ٻل ٿئي ته وڃي آخرت جي فڪر ۾ غرق ٿي وڃان.“
    گنوهر جو اهو گفتو ٻڌي، ٻئي ڄڻا تڪڙيون وکان کڻندا، ائين ويا، ڄڻ تاڙي وڄائي، ڀت تئون ڪانوَ اڏاري ڇڏيم.

    ***

    نور مسجد ۾ منهنجي پاڙي جا مائٽ سڳورا، الله جا نيڪ بندا نماز پڙهندا آهن. ماڻهو نماز پڙهي نڪرندو آهي ته ان جي منهن تي نور جي جهلڪ هوندي آهي هي سدورا نماز پڙهي نڪرندا. منهن اهڙا سجل هوندا اٿن جي اندر هڪ ٻئي کي لُغدا هنيا هجائون.
    ٻه ٽي پاڙيسري بيٺل هجون مجال آهي جو سلام ڪن. اڳيان لنگهندي آءِ جي سنڌ جهڙو ڏيک ڏيندا ويندا. گهر پڄي، زال کي ڏسندي منهن سسپيند ٿيل سپاهيءَ جهڙو ٿي ويندُن.
    نور مسجد ۾ پڇاڙيءَ ۾ منهنجي مربي ڀاءُ جي سنڍؤَ اچي ديرو ڄمايو. جڏهن هن کي فالج ڀاڪر پاتو. فالج ڀاڪر ۾ دير ڪيس پر صحيح سڃاتائينس. ستر سالن جي لڳ ڀڳ آهي ۽ پنهنجي پرڪارن ڪري ستر مصيبتون مٽايون اٿائين. جنهن به مسجد ۾ پير رکي ته اُتي خير نه هجي. هي آيو ناهي. هن پويان جهيڙو جهٽو آيو ناهي. جتي هن جا پير اچن، اُتان ابليس جا پير وڃن. مسجد ۾ اهڙيون نانگ وانگر ڦوڪان ڏئي جو جماعتين جا هٿ هڪ ٻئي جي ڳچين ۾، ته وري پيش امام جا هٿ پنهنجي ڇڳل جُتيءَ ۾، ڪنهن فاتح سپهه سالار وانگر گهر اچي.
    هو اهڙو خوشامندي کودڙو ڄڻ لکنئوَ جي نوابن وٽ رهيو هجي. جسم ۾ سگهه هيس ته چُرندي ڪا فقيرياڻي نه ڇڏيائين.
    همراھ درٻاري ته هو، سو شيخ درٻار ۾ حاضري ڀرڻ شروع ڪيائين. شيخ ڀائر به اهڙن ماڻهن جا ڳولائو هي ته بنا ڳولا جي ملي وين. هي به وڃي ڪري اهڙا قصيدا پڙهين جو ڇا ڳالهه ڪجي! ٻئي ڀائر قصيدا ٻڌي هوائن ۾ اڏامن. اُهي به هش ۾ خوش. هنن کي به مفت ۾ مرزا غالب ملي ويو. هنن جي اهڙي دل ورتائين جو سڄي آڪهه کي نوڪريون وٺي ڏنائين. اهي به اهڙيون تهڙيون! وڏي موالي پٽ کي انڪم ٽيڪس ۾ انسپيڪٽر ته ٻئي نمبر مئٽرڪ فيل کي ايڪسائيز ۾ انسپيڪٽر نه ته ڇا!
    هن کي پاڙي ۾ هڪ وڏو بقالڪو دڪان آهي. بجليءَ ڪنڍيءَ تي، لائينون به جاڏهون ڪاڏهون ڇڪيل اٿس. گڊوٿرمل مئون به تار ڇڪيل اٿس. سڄو شهر اوندهه ۾ هوندو، هن جو دڪان روشن هوندو.
    دڪان پهريائين پاڻ هلائيندو هو. ڏائڻ بيماري آيس ته دڪان پٽ هلائيندا اٿس. نوڪرين ۾ به آهن پر بنگلن جي ماڻهن کان ڪهڙو آفيسر ڊيوٽي وٺي؟ رن رولي ڇڏينس.ڊيوٽي فري شاپ وانگر هي دلبر ڊيوٽي فري ملازم آهي.
    همراھ پنهنجي دڪان ۾ پيءُ جي فوٽو بدران، بنگلن جي ڀائرن جا اجي ديوگن ۽ شاھ رخ خان جي پورَ ۾ وڏا فوٽو ٺهرائي، دڪان ۾ نمايان ڪري ٽنگي ڇڏيائين. رف تي رکيل قرآن پاڪ تي هر جمعي تي گل رکندو هو. فوٽو مٿان روزانو الل صبح جو گلن جون ڪنڍيون وجهندو هو.
    هڪ ڏهاڙي پاڙي ۾ رهندڙ مڃارڪو هٽ هلائيندڙ پريم ڪمار، هن کئون، گهر لاءِ مرچ ۽ لوڻ وٺڻ آيو. پريم ڪمار مرچ وٺي، هن جي اکين ۾ وجهي ها ته سنئون سڌو سرڳ ۾ وڃي ها پر ائين نه ڪري سگهيو.
    پريم ڪمار بيٺي بيٺي دڪان ۾ سڏڻ لڳو. جيستائين کيس سودو مليس. اوچتو هن جي ديد فوٽن تي پئي. انهن مٿان گلن جون ڪنڍيون چڙهيل ڏٺائين ته وات پٽجي ويس.
    ”حاجي صاحب! هي ٻئي ڀائر ڪڏي وفات ڪري ويا؟“
    ”ڪهڙا، ديوان؟“ هو لوڻ توري رهيو سو بي خياليءَ مان پڇيائينس.
    ”هي ابا! سامهون جن جا فوٽو ٽنگيا اٿئي.“
    حاجي صاحب هن اڳيان سودو رکي. پٺتي نهاري فوٽن ڏانهن تڪيو ته توائي وٺي ويس. رومڙ ڪري چيائين ”اڙي ٽڪي جا واڻيا! اهو ڇا ٿو بڪين! الله منهنجا ڏينهن به هنن کي ڏي. اها ڪني وائي وات تي آندءِ ڪيئن؟ نڙيءَ تي لت ڏئي اها ڪاري ڄڀ نه ڪڍانءِ ڪافر! هل. ناهي سودو. هل هتان ٽري وڃ.“
    ”اڙي! رام رام حاجي صاحب!“ پريم ڪمار ڪنن جي پاپڙين تي هٿ رکي چوڻ لڳس.
    ”اڙي بابا! ٿڌو ٿيءُ ايڏي آڪڙ ڇا کنئون ٿو ڪرين. ٿورو عقل کان ڪم وٺ. اجايو ڇتو نه ٿي. گل ته سدورا! مري ويلن جي فوٽن تي چاڙهبا آهن. تون ويٺو جيئرن مٿان گلن جون ڪنڍيون ٿو چاڙهين. اهو ڪهڙي عقل جي انڌي ڏس ڏنو ٿئي؟“
    حاجي صاحب جي مغز ۾، پريم ڪمار جي ڳالهه ويٺي ته ٿڌو ٿيو. چپڙي ڪري سودو ڏنائين. هو به ويچارو ماٺ ڪري هليو ويو. هاڻي رڳو فوٽن کي اگهي، چمي ڏيندو آهي.

    ***

    حج جي سعادت حاصل ٿيس. خير سان حج تي ويو. جمرات ۾ هو شيلطان کي پٿريون هڻڻ لڳو ته شيطان سامهون اچي ويس. ڏک هاڻي لهجي ۾ چوڻ لڳس” پٽ! تون به “

    ***
    حاجيءَ جو تمغو ڇاتيءَ تي هڻي موٽيو. افعال اُهي ئي ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه.

    ***
    حاجي سڳورو ڍڳو پير پيران وانگر نور مسجد ۾ آيو. پير رکڻ سان ٻڙڌڪ مچايائين. مسجد شريف جو متولي هڪ استاد محترم هجي. پنهنجي واٽ وارو، شريف، ايماندار، هڙان وڙان خرچ ڪري، مسجد جو ڪاروهنوار هلائي. هن کي مور نه وڻيو.
    حاجي جي ڌيءَ سان هڪ کٽ تي سمهندڙ، سندس ڄاٽو، جنهن کي ٻه سال اڳ ڪراچي ڪئنٽ جي هڪ هوٽل تي، ڍول سپاهين ڇاپو هڻي، هڪ سدا سهاڳڻ سان، آمريڪن جنسي رسالي پئنٽ هائوس (Paint House) جي ننگي فوٽوءَ وانگر، برآمد ڪيو هو. زندگي ۾ سندس پهريون ۽ آخري فوٽو، وڏي طمطراق سان اخبارن جي زينت بڻايو هو. فوٽو ڏسي هو ائين خوش ٿيو ڄڻ مئٽرڪ ۾ پهريون نمبر آيو هجي.
    حاجي صاحب کي اها ڳالهه وڻي ئي ڪو نه پئي ته هن جو ننڍيءَ ڌيءَ جو ور، من جو ٺار ڄاٽو، ڇڙن هٿن تي نماز پڙهي، رکو سکو گهر وڃي. ڄاٽي کي ڳڙ منڊيءَ ۾ وڏو دڪان. هن به سدا سهاڳڻين جا گناهه ڌوئڻ لاءِ مسجد جو در وتو هو.
    حاجي صاحب اک ڇنڀ ۾، جنرل ضياءُ وارو ست جولائي ستهتر وارو آپريشن فيئر پلي (Operation Fair Play) اهڙو ڪيو. جو استاد متوليءَ پٽ تي ائين ڦهڪو ڪيو، ڄڻ ماريءَ جي بندوق سان ڪو پکي ڪريو.
    هاڻي اوهان جي دعائن سان ۽ حاجي صاحب جي دعائن سان، سدورو ڄاٽو متوليءَ جي پڳ ٻڌي ويٺو آهي. حي علي الفلاح (اچو! ڪاميابيءَ جي طرف)

    ***

    گهگهراڻي گهٽيءَ جا عجيب رنگ آهن. ڏينڀوءَ جا ڏنگ آهن. ڀڪ ۾ مائٽ مٺڙو رهندو آهي. صوم صلوات جو پابند آهي. انڪم ٽئڪس آفيسر ٿي رٽائرڊ ٿيو ته منهن لهي ويس جو مٿيئن ڪمائي ائين بند ٿي وئي جيئن مري ويل ماڻهو جو بئنڪ اڪائونٽ بند ٿي ويندو آهي.
    نوڪريءَ ۾ هو ته پنهنجي ڪم ۾ ڀڙ ۽ چتر چالاڪ هو. انڪم ٽئڪس ڪمشنر جي گهرن جون مٽيون ڀريندو هو. اهي به هن جي در جا سلامي ٿيندا هيا. ست رشي طعام کائي ڀڀ ڀرڻ سان گڏ، نوٽن جو ڏيک ڏيندي آهي. مڙد، زائفون، ٻار ٻڍا، ويچارا اُس ۾ سڙندا آهن. صاحب موصوف پنهنجي ايئرڪنڊيشند ڪمري ۾ ”محوخواب“ هوندو آهي. زڪوات وٺندڙ مولائي سج جي تپش تي ”محو خراب“ ٿيندا آهن.
    همراھ نمائشي آهي. هو چاهيندو آهي ته پاڙي وارا يا گهٽيءَ مان لنگهندڙ ماڻهو، منهنجو اهو نيڪ عمل ڏسي، ساراھ جا ڍُڪ ڀرن. وسُ پڄيس ته چئنل وارن کي گهارئي، فلم ڀرائي پوءِ زڪوات ورهائي.
    جڏهن ته حديث شريف آهي ته ” اوهان خيرُ اهڙي نموني ڏيو، جو هڪ هٿ ڏئي ته ٻيو هٿ نه ڏسي،“
    هن گهٽيءَ ۾ مان ئي ڀاڳ وارو آهيان جو حاجي سڳورو ناهيان، باقي تقريبن هر گهر جا مڙسالو ۽ زائفان ڀلي پار جو ڀئرو ڪري آيا آهن.
    مون کي به حج ڪرڻ جو ڄار جاڳيو. پاسپورٽ ۽ ويزا درخواست سعودي سفارتخاني ۾ جمع ڪرايم، مهيني کان پوءِ ٺپو لڳي آيو. She Man Not allowed

    ***

    حاجي صاحب اسان جي نور مسجد ۾ به الله جي ڏنل برڪت مان چڱو خاصو مال ڏئي ته سڀ جماعتي سندس واکاڻ ڪن، ته عزت ۽ احترام به ڪن. مسجد ۾ اميرن سان گڏ غريب غربو به نماز پڙهي. غريب نمازي، جمعي مبارڪ تي چندي جي پيتيءَ ۾، وت آهر، پنج يا ڏھ رپيا، جيڪو سري سگهن، وجهن متوليءَ جي نرڙ ۾ هنن اڳيان، ايندير گهنج پئجي وڃن.
    حاجي صاحب وٽ اچي، ته پاسي واري کيسي مئون انڪم ٽئڪس جو پنج سئو جو ڪڙڪڻو نوٽ ڪڍي. ڏاج جي سامان وانگر ڏياکري، پيتيءَ ۾ وجهي ته متولي ٽڙي پئي.

    ***

    مسجد شريف ۾ جنريٽر لڳل آهي. بجلي بند ٿي وڃي ته اهو هلائن. نيڪ نمازي آرام سان الله اڳيان سربسجود ٿي نماز پڙهن.
    هڪ ڏينهن ٻي پهريءَ جي نماز مهل بجلي بند ٿي وئي. گهڻا نمازي وڃي چڪا هيا. ٻه ڄڻا رهيل رڪعتون پڙهي رهيا هيا. متولي گهڙيال صاف ڪري، ان ۾ پاور پلس سيل وجهي رهيو هو.
    هڪ پاسي انڪم ٽئڪس آفيسر صاحب نماز پڙهي رهيو. ٻئي پاسي گرلس اسڪول جو اڌ وهي مالڪي فڪرن ۾ گذاريل زندگيءَ وارو پٽيوالو نماز پڙهي رهيو هو. ٻئي مفاصلي تي نماز پڙهي رهيا . ٻنهي مٿان پکا هيا.
    نيڪ دل متولي گهڙيال ٽنگي تڙ تڪڙ ۾ جنريٽر هلائي آيو. اندر اچي، اضافي ٻرندڙ سيور بلب راڊيون بند ڪيائين. حاجي صاحب ۽ پٽيوالي مٿان لڳل ٻئي پکا هلي رهيا هيا. اسان واري متولي صاحب ڇا ڪيو جو پٽيوالي مٿان هلندڙ پکي جو بٽڻ مٿي ڪري ڇڏيو. انڪم ٽيڪس آفيسر صاحب جو پکو فل اسپيڊ ۾ هلي رهيو هو.
    بيشڪ! پيارا ٻارو! تاريخ جي ڪتابن ۾ مسجد ۾، نماز ۾ محمود ۽ اياز گڏ بيٺا هوندا آهن. گهگهراڻي گهٽيءَ جي نور مسجد ۾ محمود ۽ اياز پري پري بيٺا هوندا هوندا آهن. محمود مٿان لڳل پکو هلندو آهي. اياز مٿان لڳل پکو بند هوندو آهي.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 13 مارچ 2016ع
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو