asad Jatoi
سينيئر رڪن
اڄڪلهه اسان جا ڪيترا سياڻا سيبتا ماڻهو به منجهيل آهن ته ڀلا پ پ پ کي ووٽ نه ڏيون ته ڪنهن کي ڏيون؟ ڪو بهتر متبادل ئي ڪونهي، ٻين کان ته ڀلا وري به پ پ پ ٺيڪ آهي، پنهنجي سنڌين جي تنظيم آهي، ڀٽي شهيد جي پارٽي آ، سنڌ جي نياڻي بينظير اسان لاءِ شهيد ٿي اسان وري اُن نياڻي جي نالي تي ووٽ به نه ڏيون؟ اهو ئي سبب آهي جو پ پ پ جي ڪرپٽ ۽ ڪرمنل حڪمران ٽولي کي به اهائي مڳي آهي ته سنڌي ماڻهن وٽ جيئن ته ڪو متبادل ڪونهي هو ڦري گري وري به اسان کي ئي ووٽ ڏيندا، جيستائين سنڌي ماڻهو سندن مغز مان اها مڳي نه ڪڍندا تيستائين سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڀلائي جي ڪا واٽ به نه نڪرندي، پنجاب ۾ پ پ پ جون متبادل قوتون به ڪي فرشته صفت ڪونهن پر پوءِ به پنجاب پ پ پ جي هڪ هٽي ٽوڙي پنهنجي ترقيءِ جي راهه هموار ڪري ورتي آهي، پنجاب جو عوام پنهنجي سياسي پارٽين جو احتساب به ڪري ٿو ۽ کين جوڳي سيکت به ڏئي ٿو، ڀٽي ۽ پ پ جي سحر مان نڪري پنجاب، نواز شريف جي سحر ۾ نه ڦاٿو آهي، بلڪ تحريڪ انصاف کي به جوڳي موٽ ڏئي نواز ليگ کي به امتحان ۾ وجهي ٿو، پر اسان جا سنڌي ماڻهو پر پ پ جي 8 سالن جي بدعنوانين جي جوڳي سزا ڏيڻ لاءِ ڇو نٿا سوچين، جڏهن اسين پاڻ پنهنجي گهر جي صفائي نٿا ڪريون ته پوءِ اهو منهن مٿو ڇو ٿا پٽيون ته ٻيا اچي اسان جي گهر کي ٻهاري ٿا وڃن؟ پنهنجي گهر جي صفائي نه ڪبي، پنهنجي ڌرتيءِ جي، ديس جي مالڪي نه ڪبي ته اهڙا ئي نتيجا نڪرندا رهندا، ڪالهه اسان کي پنهنجي ئي ديس ۾ ڌاري آبادڪاريءِ سبب اقليت ۾ اچڻ جو خطرو هيو ۽ اڄ اسان جي ديس جي وحدت داءَ تي لڳل آهي، پر پنهنجي ديس ڏانهن عجب لا پرواهي ۽ غفلت جو اهم عالم آهي جو سنڌي عوام جي چونڊيل پيپلز پارٽي اٺ ئي سال ساٿاري به انهيءِ ئي سنڌ دشمن سياسي قوت جي بڻيل رهي آهي جيڪا هر قيمت تي سنڌ جو ورهاڱو چاهي ٿي !
2008ع ۾ سنڌي ماڻهن کي اميد هئي ته پيپلز پارٽي سندن ووٽن سان اقتدار ۾ اچي بينظير جي قتل جو پلاند ڪندي، پر افسوس جو مقام آهي ته سنڌي ماڻهن جي ووٽ جي توهين ڪندڙ پ پ اڄ به سنڌ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي، جيڪڏهن سنڌي ماڻهو هاڻي به پيپلز پارٽيءِ کي ڪاجوڳي سيکت نٿا ڏين، هاڻ اسان کي پاڻ منجهه ڪڙو سچ ٻڌڻ ۽ قبولڻ جي نئين سگهه پيدا ڪرڻي پوندي، نئين عمارت جوڙڻ لاءِ پراڻي اُڏهي کاڌل عمارت کي ڪيرائڻو پوندو، نون خيالن، نون نقشن ۽ نين عمارتن جي تعمير لاءِ پراڻن مدي خارج خيالن کي رد ڪري، پراڻين عمارتن کي ڊاهي پٽ ڪري سمورو گند ڪچرو ٻُهاري نئون ميدان هموار ڪرڻو پوندو، هيءِ مڪاني چونڊون جيڪڏهن صاف ۽ شفاف طريقي سان ڪرايو وڃن ٿيو ته اهو سنڌي ماڻهن کي سونهرو موقعو آهي ته هو پاڻ لاءِ ٻيهر دوزغ جي باهه ٿا گهرن يا جنت جي سُک، هاڻ عوام کي گهرجي ته هو پيپلز پارٽيءِ جي بوسيده عمارت کي ڊاهي پٽ ڪن ۽ پوءِ باقي ملبي سان گڏ باقي گند ڪچرو به صاف ڪري نئين سنڌ جي تعمير لاءِ راهون هموار ڪن،
هاڻوڪي مڪاني اليڪشن سنڌي ماڻهن کي مناسب موقعو ۽ ماحول مُهيا ڪيو آهي، سنڌي ماڻهو ٿڌي دماغ سان پنهنجي توڻي پيپلز پارٽيءِ جي ڪارگذارين جو جائزو وٺن ۽ پوءِ پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪن، هاڻ سنڌ جو مستقبل سندي عوام جي هٿ ۾ آهي، ته هو پنهنجي ايندڙ نسل کي ٻيهر بک، بدحالي، بيروزگاري، انتهاپسندي، نا انصافي جي ور ٿا چاڙهن يا کين هڪ خوشحال سنڌ جو تعفو ٿا پيش ڪن، جنهن ۾ کين سٺي تعليم، روزگار، صحت ۽ ٻيا زندگي جا بنيادي حق ملن، هاڻ اهو فيصلو هن سنڌ جي سٻاجهڙي سنڌي ماڻهو کي ڪرڻو آهي، ته هو ٻيهر وڏيرن، پيرن، ميرن جي ونگار ٿا وهن يا پنهنجي حقن جي بقاءِ لاءِ ميدان ٿا ملهائن. هاڻ جيڪي صهولتون اسان کي نه مليو جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اسان جي ايندڙ نسل کي اهي صهولتون ملن ته پوءِ اوهان کي پنهنجي پراڻا طريقا تبديل ڪري بهتر حڪمران جماعت کي ووٽ ڏئي پنهنجي ڌرتي کي سوارڻ لاءِ عملي قدم ڪرڻا پوندا.
هن وقت مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ ماڻهن ٻيهر ميرن، پيرن، وڏيرن، ڀوتارن جي چوڻ تي پ پ کي ووٽ ڏئي پنهنجي ڳچي ۾ ٻيهر نوڙ وڌو آهي، جنهن جو کين علم به آهي، پر ان هوندي به عوام الائي ڇو ووٽ پ پ کي ٿو ڏي، اڃان به وقت آهي ته سنڌ جو عوام سڄاڳ ٿي درست حڪمرانن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري، جيڪڏهن نه ته پوءِ اسان جيان اسان جو ايندڙ نسل به اهڙا ڏڪار ڀوڳيندو رهندو.