ڌارين لباس جي رواج کي روڪيو وڃي .

'مختلف موضوع' فورم ۾ فقير بخت شر طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2016۔

  1. فقير بخت شر

    فقير بخت شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ايران ۾ درزي وڏا اعتراض ڪري رهيا آهن ته ٻين ملڪن مان ايندڙ لباس کي روڪيو وڃي ان ڪري جو اسان جي سبيل لباس جي مارڪيٽ ختم ٿيندي وڃي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ هزارين نوجوان بيروزگار ٿي ويندا جيڪا هڪ اقتصادي حساب سان نقصان آهي. ان ڳاله تي حڪومت به فورا توجه ڏني آهي ۽ پنهنجي لباس کي خريد ڪرڻ لا شوق ڏياري رهي آهي . اهو ڏسي مون سوچو ته اها مصيبت هنن تي انهي ڪري آهي جو انهن جو لباس سوٽ پينٽ آهي جيڪو دنيا جي ڪنهن به ملڪ مان گهرائي سگهجي ٿي. پر الحمد لله اسان جو لباس قميص شلوار آهي جيڪو جٿان ڪٿان نٿو گهرائي سگهجي جنهن جي ڪري اسان جا درزي سٺو ڪمائي رهيا آهن ۽ ڪيترائي گهر اقتصادي حساب سان خود ڪفيل آهن . پر هڪ پريشاني جي ڳاله اها آهي ته ان لباس کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي . ان ڪري جو اسان جي سرڪاري توڙي نجي اسڪولن ۾ سوٽ پينٽ پارايو وڃي ٿو ۽ ان کان علاوه ٻين ادارن ۾ به ساڳيو آهي جڏهن ته اسان جو لباس دنيا جو بهترين لباس آهي جيڪو تمام معتدل لباس يعني نه عربن وارو جبو آهي نه انگريزن وارو سوٽ بلڪه ٻنهي جو وچ . توڙي افغانين جو به لباس اسان وارو آهي پر ان کي اڃان سهڻو نه ڪري سگهيا آهن . سو اسان جو دوستن کي عرض آهي ته ان تبديلي کي روڪيو وڃي اسان جي اسڪولن ۾ پنهنجو لباس پارايو وڃي ته جيئن ان سان پنهنجا ماڻهو ڪمائي سگهن نه ته اسان سان به اهوئي حشر ٿيندو جيڪو هتي ايرانين سان پيو ٿئي .
    اهو به ياد ڏياريندو هلان ته ايران پنهنجي ملڪ جي ٺهيل اشيا کي خريد ڪرڻ لا ٽي لک روپيا جي برابرماڻهو کي قرض ڏئي رهيو آهي ته جيئن اهي پنهنجي ٺيل شين کي خريد ڪن. پر تعجب آهي اسان جي حڪومتن تي جو اسان جي نسل کي اهو سيکاري رهيون آهن ته جڏهن اسان کي ٻاهران سستو سامان ملي ٿو ته اسان ڪارخانا ڇو هنڻون . پر انهن کي شرم اچڻ گهرجي ته توڙي جو اسان کي پنهنجو ٺهيل سامان مهانگو پله پئي تڏهن به ڀلو آهي ان ڪري جو اهو پيسو اسان جي ئي ملڪ ۾ آهي اسان جي ئي ماڻهن کي ملي ٿو اسان جا ئي ماڻهو روزگار سان آهن پر سستو جيترو به سستو هجي بالاخره ٻاهر ته ويو اسان جا ته ماڻهن بيروزگار ٿيا غربت ته اسان وٽ ئي رهي. ٻيو ايران جي رهبر حڪومت کي حڪم ڏنو ته سرڪاري ادارن ۾ فقط ايران جون شيون استعمال ڪيون وڃن.

    بهرحال اسان جا حڪمران فقط پنهنجي پيٽ لا سوچي رهيا آهن ته جيئن ٻاهران مال جا سوڌا ڪري پنهنجو پيٽ ڀري سگهجي. پر اسان جي عوام جي بيوقوفي جي به ڪا حد ئي ناهي جو اهڙن کي پيا ووٽ ڏيندا جن ڪڏهن به پنهنجي استقلال لا سوچوئي ناهي..........
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو