دادو ضلعي اندر پيپپلز پارٽئ ۾ انتشار ۽ بدنظمي وارو معاملو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نياز الاهي طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2016۔

  1. نياز الاهي

    نياز الاهي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2016
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    69
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    دادو
    جتوئي فوبيا جو شڪار ٿي ويل دادو ضلعي صدر پاران دادو اندر پارٽئ ۾ انتشار ۽ بدنظمي وارو معاملو ايندڙ سي اي سي اجلاس ۾ پارٽي چيئرمين آڏو اٿاريندس. پير مظهرالحق
    منهجو ڏاڏا اڳوڻو وزيراعلي سنڌ پير الاهي بخش 1970 جي اليڪشن ۾ حصو ئي نه ورتو، دادو جي عوام کي خبر آهي دادو ۾ ضياءُ کي ڪنهن ڀليڪار ڪيو، ان جي آفيس ڪنهن کولي ۽ دادو جي عوام تي گوليون ڪنهن هلايون.
    ڌاڙيل فيڪٽريون پيدا ڪندڙ منهجي سياسي حريف ست ڀيرا پارٽيون بدلايون ليڪن ستئي ڀيرا شڪست کاڌي.
    ڪراچي ( 15 مارچ 2016 ) پيپلز پارٽي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽئ جي ميمبر ۽ اڳوڻي سينئر صوبائي وزير سنڌ پير مظهرالحق چيو آهي ته پارٽئ جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽئ جي ايندڙ اجلاس ۾ پارٽي چيئرمين سامهون دادو ضلعي صدر پاران پارٽي ۾ انتشار ۽ بدنظمي فهلائڻ جو معاملو اٿاريندس ڇاڪاڻ ته هن وقت دادو ضلعي ۾ پارٽي مڪمل بدنظمي جو شڪار آهي. اڄ هتي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته خاص طور تي دادو ۽ جوهي تعلقن ۾ پارٽئ لاءِ قربانيون ڏيندڙ ۽ مخلص ڪارڪنن کي مڪمل نظرانداز ڪري مخالفن جا هٿ مضبوط ڪيا پيا وڃن. پير مظهرالحق وڌيڪ چيو ته ضلعي صدر دادو نهايت ئي جونيئر ماڻهون آهي جيڪو وقت به وقت منهجي خلاف پاڻ ۽ پنهجن ڇاڙتن کان بيان بازي ڪرائي پارٽي کي وڌيڪ انتشار جو شڪار بڻائي رهيو آهي تازو بيانن جي شروعات به پاڻ ڪيائين. هن چيو ته جتوئي فوبيا جو شڪار هي ماڻهون غير سياسي بيان ۽ ذاتي حملا ڪري پارٽي کي نقصان رسائي رهيو آهي، جنهن ماڻهون کي اها خبر به ناهي ته منهجو ڏاڏا مرحوم اڳوڻو وزيراعلي سنڌ 1970 جي اليڪشن لڙيو ناهي افسوس جو ڪوڙ ڳالهائيندي چوي ٿو ته سندس والد منهجي ڏاڏي کي شڪست ڏني ڇاڪاڻ ته مان ابن ڏاڏن تي حملا ڪرڻ واري سياست تي يقين نه ٿو رکان ليڪن غير جماعتي اليڪشن ۾ جيڪب آباد کان آيل سردار خير محمد پنهور کان اليڪشن هارائڻ واري ڳالهه تي زور ان ڪري نه ڏيندس ته پيپلز پارٽي ان اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو هيو، دادو جا شهري ۽ دادو جو عوام چڱئ طرح واقف آهن ته دادو ۾ ضياءَ حمايت تحريڪ ڪنهن کولي ۽ ضياءُ کي ڀليڪار ڪنهن ڪيو، شهر جي ماڻهن تي فائرنگ ڪنهن ڪرائي ۽ عوام کي اها به خبر آهي ته ڊڪٽيٽر ضياءَ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ 2 سال مون کي جيل ۾ رکيو جڏهن ته ان وقت سنڌ جا هزارين ڪارڪن جيلن ۾ هئا ليڪن کلڻ جهڙا بيان ڏئي ماڻهون کلائڻ هڪ سياسي اناڙي جو ڪم ٿي سگهي ٿو. پير مظهرالحق چيو ته مان مرڪزي ۽ صوبائي قيادت کي اپيل ٿو ڪريان ته دادو جي پيپلز پارٽي ضلعي صدر کي هٽائي ڪنهن سينئر کي ضلعي صدر ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته موجوده ضلعي صدر پارٽي مخالفن کي گڏ ڪري فارورڊ بلاڪ ٺاهي پيو جئين بدين ۾ ٺهيو، ان کان اڳ جو وقت هليو وڃي پارٽي قيادت ترت فيصلو ڪري. هن چيو ته دادو ضلعي جي ترقياتي ڪمن جي باري ۾ مضحڪه خيز بيان پڙهي مذڪوره ايم اين اي تي ماڻهون کلندا هوندا جو سڄي ضلعي جي عوام کي خبر آهي ته دادو اندر سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس، آئي بي اي جوڪميونٽي ڪاليج،شهيد بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف مينيجمنٽ سائنس، پير الاهي بخش لا ڪاليج، 400 بسترن تي مشتمل جديد اسپتال، ڪيڊيٽ ڪاليج ڪڪڙ، واهي پانڌي، فريدآباد، راڌڻ ۽ سيتاروڊ ۾ ڊگري ڪاليجن جو قيام، دادو شهر ۾ نئين ڊرينيج اسڪيم، غريب آباد ۽ مرکپور دادو ۾ نياڻين توڙي ڇوڪرن لاءِ نون هاءِ اسڪولن جو قيام سميت ٻيا ترقياتي ڪم منهجي دور وزارت دوران شروع ڪرايا ويا باقي سندس جو وڏو ڪارنامو اهو آهي ته گورک هل اسٽيشن ۾ رڳو ذات پرستئ جي بنياد تي ڀرتيون ڪرڻ ۽ هل اسٽيشن جي ترقي لاءِ ڪوبه ڪم نه ڪيو ويو جڏهن ته بي ايڇ پي جي فنڊن مان ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي بجاءِ پئسا کيسن ۾ هليا ويا. هن چيو ته منهجو سياسي حريف کي دادو جي عوام ست ڀيرا پارٽيون تبديل ڪرڻ جي باوجود هميشه شڪست ڏني هينئر ذاتي مفادن خاطر پارٽئ ۾ شامل ٿيو ان ماڻهون کي سياست جي الف ب جي به خبر ناهي ڌاڙيل فيڪٽريون پيدا ڪندڙ ان سياسي اناڙي کان هر ماڻهون واقف آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو