• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / اربع 16 مارچ 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* جن ملازمن کي ڪڍيو ويو آهي، تن خلاف انڪوائري ٿيندي: قائم علي شاهه (خبر)
* * سچ پچ يا سدائين وانگيان ٺڪاءُ پيا ڇڏيو؟ (تبصرو)

* گورک هل لاءِ اڍائي ارب روپين جو پيڪيج منظور (خبر)
* * ....پهريان ٻڌايو ته انهيءَ مان ڪيترو مال دبئي ويندو؟ (تبصرو)

* هندوستان ۾ ڪتي ۽ ڪُتيءَ جي انوکي شادي، 6 هزار انسان شريڪ (خبر)
* * مجال آهي جو ڪوڙا سنڌي قومپرست، هندوئن جي اهڙين حرڪتن کي نندين (تبصرو)

* شريف برادران قوم جي پيسي سان وفاداريون خريد ڪيون آهن: عمران خان (خبر)
* * انهيءَ ۾ ڪو شڪ؟ (تبصرو)

* عمران خان جون ڳالهيون بيمارذهنيت جون اهڃاڻ آهن: پرويز رشيد (خبر)
* ذهني بيمار کي ته سڀ ذهني بيمار ئي نظر ايندا آهن نه (تبصرو)

* پ پ پ سان گڏ هلڻ جا پابند ناهيون: جميل الزمان (خبر)
* * ڪرپٽ آصف علي زرداريءَ جا بڇڙا افعال هوندا ته ائين ئي ٿيندو نه (تبصرو)

* رينجرز ڪارڪنن جون وفاداريون بدلائي رهي آهي: فاروق ستار جو الزام (خبر)
* * ۽ اوهان وري ڪارڪنن جون وفاداريون دهشتگرد لاءِ برقرار رکڻ چاهيو ٿا (تبصرو)

* آئين ۾ اجازت آهي، ڪو به پارٽي ٺاهي سگھي ٿو: نثار کهڙو (خبر)
* * آئين ۽ تعليم سان تنهنجو ڪهڙو ڪم؟ زرداريءَ جي چمچاگيري جاري رک (تبصرو)

*پنجاب ۾ نيب جون ڪارروايون ناٽڪ لڳن ٿيون: مولابخش چانڊيو (خبر)
* * مولو ڄٽ..پر سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي اوهان کي ناٽڪ ڇو نه ٿي لڳي؟ (تبصرو)

*ڳڙهي خيرو ويجھو 10 ورهين جي نينگريءَ جي شادي ڪرائڻ جي ڪوشش (خبر)
* * هيڏا هاڃا ٿين، بُري هن ڀنڀور ۾....!! (تبصرو)
 
Back
Top