• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گوگل کانپوءِ هاڻي ورڊ پريس به سنڌي ترجمو شامل ڪري ورتو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
2ih4gep.jpg

عامر راز فيسبوڪ تي لکي ٿو:

جيڪڏهن دوست Google Translate جي self-proclaimed هيروز جي سحر مان نڪتي هُجي ته ڪجهه اصل معاملن جي به ڳالهه ڪجي؟ صحيح آ.
سو، دوستو، خبر اها به آهي ته Wordpress.com به سنڌي ٻولي کي شامل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي سنڌي چونڊڻ سان سڄو Wordpress.com جو فارميٽ RTL ۾ تبديل به ٿي وڃي ٿو. پلئٽفارم جي سنڌيڪاري جاري آهي، پر عرض آهي ته جن دوستن کي سنڌي ۽ انگريزي سان گڏ Wordpress.com جي چڱي ڄاڻ آهي، صرف اُهي ئي هن جي ترجميڪاري ۾ حصو وٺن ته سنڌيڪار دوستن جو ڪم وڌڻ بدران گهٽبو. تنهنڪري منهنجو سنڌي ٻولي لاءِ پيار پنهنجي جاءِ تي پر چيچ ڪٽرائي شهيدن ۾ نالو لکرائڻ بدران سنڌيڪار دوستن جي اخلاقي همٿ افزائي به ڪيان تڏهن به ٺيڪ رهندو. باقي نه ته Google Translate ۾ ٿيل سنڌي سان ويڌن ڪنهن کان لڪل آهي.
آخري ڳالهه ته نه مان نه ئي ڪو ٻيو Wordpress.com جو هيرو آهي. ڪميونٽي پراجيڪٽ آهن، سڀني جو حصو هوندو آهي. ماڻهن کي گمراهه نه ڪبو.

اها به گذارش آهي ته سنڌ سلامت جهڙن فورمن تان دوستن کي هاڻي Wordpress.com تي پنهنجي مفت سائٽ يا بلاگ ٺاهڻ جي درخواست ڪجي ته جيئن سنڌي ٻولي جو مواد وڌي سگهي.

جيئي سنڌ!

سندس بلاگ جي لنڪ
 
سنڌي ٻولي جي ترقي ڏسي دل خوش ٿئي ٿي.اسان سڀني تي اهو قومي فرض آهي ت ٻولي جي ترقي لا ڪوششون ڪيون.هر سنڌي پهنجي حساب سان ٻولي جي ترقي لا اڳتي اچي.
 
Back
Top