• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / خميس 17 مارچ 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* لاکڙا پلانٽ ۾ ڪرپشن، نيب جو وڏي وزير کي نوٽيس، هن لکت ۾ جواب ڏنو (خبر)
* * لڳي ٿو قائم علي شاهه گذريل 8 ورهين کان دوزخ ۾ اڳواٽ بوڪنگ ڪرائي آهي (تبصرو)

* ممڪن آهي ته جنرل (ر) مشرف وطن نه موٽي: اعتزاز احسن (خبر)
* * سچ چيو اٿو، بزدل ۽ سنڌي دشمن مشرف ته موقعي جي ڳولا ۾ آهي (تبصرو)

* سرڪار جي ترجيح عام ماڻهن جي حياتيءَ جو معيار بهتر بڻائڻ آهي: نواز شريف (خبر)
* * هاڻ اوهان جي ڪوڙين دعوائن تي ڪو سياڻو ويساهه ڪونه ڪندو(تبصرو)

* شڪارپور ۾ ليڊي پوليو ورڪرزجي ٽيم تي فائرنگ، 3 ڦٽجي پيا (خبر)
* * چئبو مذهبي انتهاپسندن سنڌ ۾ به اچي ديرو ڄمايو آهي، افسوس!(تبصرو)

* سنڌ پوليس جي فندن ۾ هڪ ارب 40 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن، جاچ شروع (خبر)
* * جت آصف زرداريءَ جو پاڇو هوندو، اُتي اهڙي ڪرپشن معمولي ڳالهه آهي (تبصرو)

* فنڊن ۾ گھوٻيون، اڳوڻي آءِ جي پوليس غلام حيدرجمالي کي نيب گھرايو(خبر)
* * آصف زرداريءَ جا من پسند، ايماندارهجن، کوڙو ئي ڪونه ٿو لڳي! (تبصرو)
 
Back
Top