محمد خان سيال
سينيئر رڪن
بي بي سي لنڊن جي خبر موجب ڊاڪٽر الله نظر بلوچ، سربراهه بلوچ لبريشن فرنٽ (بي ايل ايف) جي سر جي قيمت 50 لک روپيا رکي وئي آهي جڏهن ته سندس زندهه هئڻ يا نه هئڻ جون متضاد خبرون ڪيترن مهينن کان اڳ ئي گرم آهن ـ
ياد رهي ته ڊاڪٽر الله نظر بلوچ 10 ۽ 11 اپريل 2015 جي رات جو تربت (بلوچستان) ويجھو ننڊ ۾ ستل 22 سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌي مزدورن جا شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري انهن کي قتل ڪري ڇڏيو هو. انهن مان 5 ٿر، 2 بدين ۽ رهيل ماڇڪو جا سنڌي ڳالهائيندڙ هئا. ڊاڪٽر الله نظر بي بي سي لنڊن کي گھٽ ۾ گهٽ 2 ڀيرا انٽرويو دوران ۽ پنهنجي دھشتگرد تنظيم بي ايل ايف جي ويب سائيٽ تي سنڌي مزدورن جي قتل جي چٽن لفظن ۾ ذميداري قبول ڪئي هئي ۽ بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي اهو به چيو هئائين ته هو وڌيڪ سنڌي مزدورن کي قتل ڪرڻ جو ارداو رکي ٿوـ
حيرت انگيز طور ڪنهن به اهم قومپرست بلوچ اڳواڻ، ڊاڪٽر الله نظر جي بار بار رضاڪاراڻي اعتراف جي باوجود سندس نالو وٺي مذمت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو جنهن ۾ سردار عطاءَالله مينگل، سردار اختر مينگل، سينيٽر مير حاصل بزنجو، ماما قدير ۽ ڏيسار ۾ جلاوطن رهندڙ مختلف بلوچ قومپرست ليڊر شامل هئاـ
ٻئي طرف، بلوچستان جي اڳوڻي قومپرست وڏي وزير ڊاڪٽر مالڪ شهيد ٿيلن جي وارثن لاءِ في ڪس 10 لک روپيا منطور ڪيا هئا پر روزاني جنگ ڪراچي پنهنجي بيڪ پيج تي ڇپيل خبر ۾ ڄاڻايو ته 6 مهينن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ جي باوجود، امدادي رقم جاري نه ڪئي وئي ـ