• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هو حسن جو آ هڳاءُ....

هو حسن جو آ هڳاءُ
____________________
هو حسن جو آ هڳاءُ آهي چريو جنهن لئه چاه
ڪا خبر ٻي کي نه آهي ڪهڙو رستو ڪهڙي راه
موسمون مانديون جنهن لئه سو سڀاڳو ساءَ وارو
جيءُ اهڙو جرڪي جنهن جو جنهن بنا ڪو ڪين ساءُ
او پرين پيارا نيارا تون اسان جي آس ۾
تو بنا هي جهوري جيون تو سان اهڙو آ لڳاءُ
تو بنان ڪو سک نه آ توسان گڏ ۾ ڏک نه آ
دوريون ڪر دور دلبر تون اسان ڏي هاڻي آءُ
ڇڏ وڇوڙا گار ڪر پيچ پائي پيار ڪر
سڪ وڌاءِ صحبتن ۾ تون ئي سڪ جو آن سڀاءُ
محبتن کي مان ڏيو شانائتو ڪو شان ڏيو
ڪين دنيا ڌيان ڌر تون لوڪ سارو آ لڪاءُ

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top