خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / ڇنڇر 19 مارچ 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* 70 هزارن مان اسيمبلي ميمبرن جو گذر نٿو ٿئي، پگهار وڌائڻ تي سڀ راضي (خبر)
* * اسيمبلي ميمبرن جو پيٽ، ڪو الله ڀري....!! (تبصرو)

* مشرف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ سياسي عقلمندي آهي: عاصما جهانگير (خبر)
* * مائي سڳوري! ڪنهن سچ چيو آهي ته اوهان جھڙين عورتن جو عقل جُتيءَ ۾ هوندو آهي (تبصرو)

* قومي غدار کي، پرڏيهه ڇو وڃڻ ڏنو پيو وڃي؟ مولابخش چانڊيو (خبر)
** مولوُ ڄٽ! اڳ به هڪڙو قومي غدار دبئيءَ ۾ ٽڪيل آهي، موٽڻ جو نالو نٿو وٺي (تبصرو)

* ميرپور خاص ۾ منڊي ڳهندڙ چور کي ڊاڪٽرن ڪيلا کارائڻ جي صلاح ڏني (خبر)
* * مطلب ته ڪنهن وٽ پيسا نه هجن ۽ ڪيلا کائڻ جو موڊ هجيس ته مُنڊي چورائي ۽ ڳَهي (تبصرو)

* پاڙيسريءَ جي شڪايت تي پوليس ڪرينا ڪپور جي پارٽي ختم ڪرائي (خبر)
* * هجي ها پاڪستان ته پارٽيءَ بدران پاڙيسريءَ کي ختم ڪري ڇڏن ها (تبصرو)
 
Back
Top