چاچا سائين هڪ ڊگهو ساھ کنيو ۽ چيائين پٽ تون ڇا ٿو چاهين ؟ مون عرض ته ڇا واقعي توهانکي سون ٺاهڻ ايندو آ ؟ جواب ڏنائين ته ها مون جواني ۾ سِکيو هيو ، پاڻ غور سان مونڏي نهاريائين ۽ چيائين تون سِکي ڇا ڪندين؟ مون چيو مان مالدار ٿيندس ! چاچا ٽهڪ ڏئي کليو ۽ وڏي کنگھ سان دير تائين کلندو رهيو ايسيتائين جو انکي کنگھ جو شديد دورو پئجي ويو ! ۽ دير تائين بيحالي جي عالم ۾ پنهنجي پيرن تي ڪِريو پيو هو ۽ وري کنگهندي کنگهندي سِڌو ٿيو ۽ پڇيائين تون مالدار ٿي ڇا ڪندين ؟ مون جواب ڏنو مان دنيا جون نعمتون خريد ڪندس ! ان پڇيو نعمتون خريد ڪري ڇا ڪندين ؟ مون چيو خوش ٿيندس ۽ سڪون ملندو ، ان تڙپندي مون ڏانهن نهاريو ۽ چيائين توکي سون ۽ مالداري نه پر سڪون ۽ خوشي گهرجي؟ مان خاموش ان ڏانهن تڪنيدو رهيس ، ان مونکي تنبيھ ڪندي چيو ڇا تون در اصل سڪون ۽ خوشي جي تلاش ۾ آهين ؟ مان ان وقت نوجوان هيس ۽ دنيا جي هر نوجوان وانگر مالداري کي سڪون ۽ خوشي کان وڌيڪ اهميت ڏيندو هيس ! مگر چاچا مونکي مايوس ڪري ڇڏيو هيو ۽ مون انهي مايوسي ۾ هائو ڪئي ! چاچا وري ٽهڪ ڏئي کليو جنهن ٽهڪ جي پڄاڻي به کنگھ تي ٿي ۽ ساھ سنڀاليندي چيائين پٽ مان توکي سون جي بدران ماڻهونءَ مان انسان بڻائڻ جو طريقو ڇو نه سيکاريان ، مان توکي مالدار بڻجڻ بدران پر سڪون ۽ خوش رهڻ جو گُرُ ڇو نه سيکاريان ، مان خاموشي سان ان ڏانهن ڏسندو رهيس ، هن چيو ماڻهون جون خواهشون جيسيتائين انجي وجود ۽ اُنجِي عمر کان ڊگهيون هجن ته ماڻهون رهندو آهي ، تون پنهنجن خواهشن ۽ پنهنجي وجود ۽ عمر کان ننڍو ڪر تون خوشي ۽ سڪون حاصل ڪندين ، ۽ جڏهن خوشي ۽ سڪون حاصل ڪري وٺندين ته ماڻهون مان انسان ٿي ويندين! مونکي چاچا جي ڳالھ سمجھ ۾ آئي ، چاچا چيو تون قرآن پڙهي ڏس الله پاڪ خواهشن جي ور چڙهيلن کي ماڻهون چئي ٿو ۽ پنهنجي محبت ۾ رنگيل خواهشن کان انسانن کي بندو چئي ٿو ، چاچي ان کانپوءِ شاهي محل ڏانهن اشارو ڪيو ۽ چيائين هن کي ٺهرائڻ وارو به ماڻهون هيو مگر هو پنهنجي عمر کان ڊگهي ۽ مظبوط عمارت ٺهرائڻ جي خواب ۾ مبتلا هيو مگر هِن مالداري ۽ عمارت انکي سڪون مهيا نه ڪيو، خوش مان آهيان چاچا چيو هن دولتمند جي ڪرِيل شاهي محل جي کنڊر ۾ وسندڙ برسات ۾ بي امان ويٺو آهيان ! مون بي صبري ۾ چيو ۽ مان به خوش آهيان چاچا کِليو ۽ چيائين نه تون نه ! تون جيسيتائين پِتل کي سون ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل هوندين تيسيتائين سڪون ۽ خوشي کان ڪوهين دُور ڀٽڪندو رهندين ! چاڻ هڪ سائِي ٽارِي پٽي زمين تي رڳڙيندي چيائين وٺ مان توکي ماڻهون مان انسان بڻجڻ نسخو ٻڌايان ٿو ، پنهنجي خواهشن کي ڪڏهن پنهنجي پيرن کان اڳيان وڌڻ نه ڏجانءِ ! جيڪو ملئي اُنتي شڪر ڪجانءِ جيڪو ڇِنجِي وڃئي انتي افسوس نه ڪجانءِ ، جيڪو گهرئي انکي عطا ڪجانءِ ، جيڪو وساري ڇڏي اُنکي وساري ڇڏ ، دنيا ۾ بغير سامان آيو هئين ۽ سامان جي بغير هليو ويندين ! سامان گڏ نه ڪر هجوم کان پرهيز ڪر ، تنهائي کي ساٿي رک ، مفتي هجين تڏهن به فتوا جاري نه ڪر ، جنهنکي خدا پاڪ ڍر ڏيندو هجي انجو ڪڏهن به احتساب نه ڪر ، بغير ضرورت جي سچ به فساد هوندو آهي ، ڪوئي پڇئي ته سچ ڳالهاءِ نه پڇئي ته چپ رھ ، ماڻهون لذت هوندا آهن ۽ دنيا جي سڀني لذتن جو انجام بُرو هوندو آهي ، زندگي ۾ جڏهن خوشي ۽ سڪون گهٽجي وڃئي ته سير تي هليو وڃ توکي رستي ۾ سڪون به ملندو ۽ خوشي به ، ڏيڻ ۾ خوشي آهي وصولڻ ۾ غم ، دولت کي روڪيندين ته پاڻ به رڪجي ويندين ، چورن ۾ رهندين ته چور ٿي ويندين جوڳين سان ويهندين ته اندر جو جوڳي جاڳندئي ! الله پاڪ راضي رهندو ته جڳ راضي هوندئي ، الله پاڪ ناراض ٿيو ته نعمتن مان خوشبو ختم ٿي ويندي ، تون جڏهن عزيرن ، مائٽن ، اولاد ۽ دوستن کان چڙِي پوين ته ڄاڻي وٺجانءِ الله پاڪ توکان ناراض آهي ۽ جڏهن تون پنهنجي دشمنن لاءِ دل ۾ رحم محسوس ڪرڻ لڳين ته سمجهجانءِ تنهنجو خالق توکان راضي آهي ۽ هجرت ڪرڻ وارو ڪڏهن نقصان ۾ ناهي رهندو ، چاچا وري هڪ ڊگهو ساھ کنيو ۽ منهنجِي ڇٽِي کولي منهنجي مٿان رکي ۽ فرمايائين وڃ توتي رحمتن جي ڇٽِي آخري پساھ تائين رهندي ! بس هڪ شيءِ جو خيال رکجانءِ ڪنهنکي پاڻ نه ڇڏجانءِ ، ٻئي کي فيصلو ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ الله پاڪ جي سنت آهي ، الله پاڪ ڪڏهن پنهنجي مخلوق کي اڪيلو ناهي ڇڏيندو ، مخلوق الله کي ڇڏي ڏيندِي آهي ، ۽ خيال رکجانءِ جيڪو وڃي رهيو آهي انکي وڃڻ ڏجانءِ ۽ جيڪو واپس اچي اُنتي ڪڏهن پنهنجو دروازو بند نه ڪجانءِ اِها به الله پاڪ جي عادت آهي الله پاڪ واپس ورندڙن لاءِ هميشه پنهنجو دروازو کليل رکندو آهي ، تون اِهو ڪندو رهجان تنهنجي دروازي تي ميلا لڳل هوندا ! اردو ڪلپ تان منهنجو سنڌي ترجمو ڪيل