خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / 20 مارچ 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* جنرل راحيل شريف دوستيءَ جو هٿ وڌائي: الطاف حسين (خبر)
* * لڳي ٿو الطاف جو، آصف زرداريءَ وانگيان گِيسين جو ٺڪاءُ لڳو پيو آهي (تبصرو)

* مشرف کي روڪڻ لاءِ ڀرپور جنگ وڙهي اٿئون: پرويز رشيد (خبر)
* * نڪ جي ايڏي پڪائي؟ ڪجھه ته شرم ڪريو، جيڪڏهن اٿوَ (تبصرو)

* ٽنڊي محمد خان جا روڊ اُکڙي ويا (خبر)
* * سولي سنڌيءَ ۾ کڻي چئو ته روڊن جي شڪل قائم علي شاهه جهڙي ٿي وئي آهي (تبصرو)

* سکر ۾ دادو ڪئنال جي ڪَپن تان وڻن جي واڍي (خبر)
* * سنڌي پاڻ ئي وڻ وڍي، سنڌ کي دوزخ ۾ پيا بدلائين (تبصرو)

* 66 ڪروڙ روپين جي گھوٻين ۾ سنڌ سرڪار جو آفيسر گرفتار(خبر)
* * لڳي ٿو سنڌ، زرداري جي نگرانيءَ ۾ ڪرپشن جو عالمي رڪارڊ قائم ڪندي (تبصرو)
 
Back
Top