طاقتور هر ڀيري بچي وڃي ٿو.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    طاقتور هر ڀيري بچي وڃي ٿو.

    شفيق شاڪر

    سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت جي اپيل رد ڪندي اڳوڻي آمر صدر پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍندي کيس ٻاهرين ملڪ علاج لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته چيف جسٽس چيو آهي ته لڳي ٿو ته حڪومت پاڻ ڪجهه ڪرڻ نٿي چاهي، جيڪڏهن حڪومت پرويز مشرف کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت نٿي ڏي ته پاڻ فيصلو ڪري، معاملو اسان جي ڳچي ۾ نه وڌو وڃي. عدالت اٽارني جنرل سلمان بٽ کان پڇيو ته ڇا توهان کي ڪو اعتراض آهي؟ جنهن تي سلمان بٽ چيو ته پرويز مشرف خلاف ڪيترائي ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، سندس نالو اي سي ايل مان نڪرڻ تي ڪيسن جي ٻڌڻي متاثر ٿي سگهي ٿي، پرويز مشرف جو نالو عدالتي حڪم تي ئي اي سي ايل ۾ وڌو ويو آهي، چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پڇيو ته ڇا توهان نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ ۽ سنگين غداري جو ڪيس هلائڻ جو ڪريڊٽ وٺو ٿا، هتي اسان توهان کي ڪريڊٽ ڏيڻ چاهيون ٿا پر توهان هي ڪريڊٽ عدالت کي ڏئي رهيا آهيو، چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن حڪومت نٿي چاهي ته پرويز مشرف ٻاهر وڃي ته پوءِ قانوني حڪم جاري ڪري باقي اسان جي ڳچي ۾ مسئلو نه وڌو وڃي، ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ عدالت وفاق جي درخواست رد ڪندي سپريم ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو ۽ مشرف کي ٻاهرين ملڪ علاج لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، انهيء فيصلي تي تبصرو ڪندي ممتاز قانوني ماهر ۽ پي پي اڳواڻ سينيٽر اعتزازاحسن جو چوڻ هو ته“ پرويز مشرف کي ملڪ ڇڏڻ جي اجازت ڏيڻ تي حيرت ٿي آهي ۽ اهو ثابت ٿي ويو آهي ته طاقتور ڪهڙيء طرح پنهن جي لاء سهوليتون حاصل ڪري ٿو”.هن چيو ته “مشرف تي سنگين ڪيس داخل آهن،هو ڪيترن ئي ڪيسن ۾ عدالتن ۾ اڄ تائين پيش ئي نه ٿيو آهي پر هن کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت اهو ثابت ڪيو آهي ته طاقتور کي ڪو ڪجھ به ڪري نٿو سگھي.”

    اسان جي ملڪ ۾ جمهوريت،قانون جي حڪمراني۽احتساب جي سمورين دعوائن هئڻ باوجود جيڪا شيء ڪڏهن به بدلي ناهي سا اها ته هتي قانون صرف ڪمزورن جي پيرن جي زنجير رهندو پيو اچي ۽ طاقتورن کي قانون جون سڀ حدون لتاڙڻ توڙي سنگين ڏوھ ڪرڻ باوجود گارڊ آف آنر ته ملندا رهيا آهن پر انهن جي ڳچيء ۾ عدل ۽ احتساب جو رسو پوندي ڪنهن به نه ڏٺو آهي.بجلي چوري ڪرڻ لاء ڪنڍو هڻندڙ،مسجدن مان جوتا چورائيندڙ۽بک کان تنگ ٿي کيسا ڪپيندڙته پڪڙيا به وڃن ٿا ۽ سزا به کائين ٿا پر اسان وث جيڪا آسماني اتم مخلوق آهي،مجال آهي جو قانون انهن جو وار به ونگو ڪري سگھي.ڇاپا ،گرفتاريون،عدالتن جون حاضريون، سرڪاري خرچن تي جي آئي ٽيز ۽ عدالتي ڪميشنس جي ڀرمار پر “ کودا پهاڙ، نڪلا چوها” جي چوڻيء مصداق اڄ تائين ڇا هڙ حاصل ٿيو آهي سواء ان حقيقت جي ته ڪجھ ماڻهو “ مقدس ڍڳيون ” آهن جن کي مڪمل آزادي ۽ خود قانون جي پٺڀرائي حاصل آهي ته اهي ڀلي پنهن جا هٿ بي گناه انسانن جي خون سان رنگي فخر وچان سڄي دنيا کي ڏيکاريندا رهن،قدم قدم تي قانون ٽوڙيندا رهن، عوام جو پئسو تين وال ڪندا رهن پر ڪير آهي جو سندن ڪجھ به بگاڙي سگھي! صولت مرزا،عزير بلوچ،ڊاڪٽر عاصم،نثار مورائيء جي ڪهاڻين کان ويندي ڪمال گروپ جي اعترافي بيانن تائين صرف اهوئي ٻڌڻ لاء ملي ٿو ته تحقيقات ٿي رهي آهي جيڪا شاييد قيامت تائين ٿيندي ئي رهندي،سزا ۽ جزا جو سلسلو هتي نه ڪڏهن رهيو آهي ۽ نه ئي ايندڙ وقت ۾ شروع ٿيندي نظر اچي ٿو.

    اڄ کان صرف ٻه ٽي سال پهرين اسان جي موجوده حڪومت جي وزيراعظم ۽ ٻين اهم وزيرن جا پرويز مشرف جي باري ۾ ڏنل “ اصولي” ، “ جمهوريت پسند” ۽ “ آئيني پاسداري” وارا بيان ڏسو ته ايئن ٿي لڳو ته ڄڻ اهي پرويز مشرف کي ڪچو کائي ويندا،چوڌري نثار جو چوڻ هو ته هڪ دفعو پرويز مشرف تي آئين جو آرٽيڪل 6 لاڳو ٿيڻ ڏيو ته آئينده ڪوبه آمر جمهوريت خلاف سازش ڪرڻ جي وري همت نه ڪري سگھندو.احسن اقبال جو چوڻ هو ته جيڪڏهن پرويز مشرف سزا کائڻ کان سواء واپس ملڪ مان هليو ويو ته هو حڪومت ته ٺهيو پر سياست ئي ڇڏي ويندو اهڙن ئي سخت خيالن جو اظهار خواجا آصف ۽ ٻين وزيرن ڪيو هو پر پوء ٿيو ڇا ۽ ڇا ٿيندو؟ انهيء ساڳئي پرويزمشرف جا ڪيترائي ساٿي سنگتي آهستي آهستي نوازشريف جا دوست بڻبا ويا ۽ انهيء دوستيء جي بدلي کين موجوده حڪومت ۾ اهم عهدن سان به نوازيو ويو.اڄ جڏهن سپريم ڪورٽ ان معاملي مان هٿ ڪڍندي بال وري حڪومت جي ڪورٽ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي ته حڪومت ڪهڙو

    “ جرئت ڀريو” فيصلو ٿي ڪري سو ته ڪجھ ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندو پر جيڪڏهن حڪومت کي پرويز مشرف کي “ باعزت” طريقي سان جهاز ۾ سوار ڪري رخصت ڪرڻ جي خدمت سونپي وڃي ٿي ته اهي حڪمران قوم کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندا، دنيا کي ڪيئن مطئمن ڪندا ۽ عوام جي سامهون ڪهڙيون وضاحتون ڪندا،اهي سوال عوام جي لاء اهم هئڻ باوجود حڪمرانن جي لاء بلڪل اهم نه آهن جو سياست ممڪنات جي دنيا جو ٻيو نالو آهي جتي اصول ٺهندا ئي ڊهڻ لاء آهن ۽ بيان ڏبا ئي بدلائڻ لاء آهن.سياست جي ڊڪشنري ۾ “ اگرچه،مگر،چونڪه،چنانچه” اهڙا جادوئي لفظ آهن جيڪي پنهن جي هر ناڪامي، نااهلي، نالا.ئقي،لاچاري۽بيوسي کي لڪائڻ يا جائز بنائڻ لاء ماضيء ۾به وسيع پيماني تي بي ڌڙڪ استعمال ٿيندا رهيا آهن ۽ اڄ به جيڪڏهن انهن ئي لفظن سان سينگاريل ڪي بيان پرويز مشرف جي “ بي گناهي” ، “صحت جي خرابي”، “ انساني همدردي” ،“قانوني پيچيدگين” ، “ عدالتي فيصلي” وغيره جي منطق هيٺ پڙهڻ يا ٻڌڻ لاء عوام کي ملن ته ان ۾ ڪجھ به حيرت نه هئڻ گھرجي جو اسان اڃا تائين انهيء جاهلاڻي سماج جا شهري آهيون جتي “جيڪو ڏاڍو سو گابو” وارو قانون ئي اسان جو آئين ،.مصلحت ئي اسان جي سياست ۽ ذاتي مفاد ئي اسان جا اصول آهن. باقي رهي تاريخ ته ان جو فڪر ناهي جو

    “بدنام اگر هونگي تو ڪيا نام نه هوگا!”
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    ڏاڍن کئون هرڪو ٿو لنوائي۰ هرڪو ٿو چوي منھنجي ڳچئ ۾ نه وجھ

    هل ڙي دنيا
     
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    بيشڪ الله پاڪ جي پڪڙ شديد ترين سخت آهي ¡
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو