سنڌ جي سورهيه سائين کي سلام! شفيق شاڪر “پتنگن پھ ڪيو،مڙيا مٿي مچ، پسي لهس نه لڇيا،سڙيا مٿي سچ، سندا ڳچين ڳچ،ويچارن وڃائيا.” (لال لطيف) قومون ڪيترو عظيم آهن انهيء جو اندازو ان قوم جي جوڌن ۽ بهادر اڳواڻن جي تاريخ ، سندن سوانح عمرين ۽ ڪردار مان لڳايو ويندو آهي.دنيا ۾ روزانو هزارين ماڻهو ڄمن ٿا ۽ هزارين مرن ٿا پر تاريخ جي سونهري صفحن ۾ صرف چند ماڻهن کي جاء ملي ٿي. اهي جيڪي پنهن جن اصولن ۽ ضمير تي هر شيء قربان ڪري ڇڏين ٿا.ايستائين جو پنهن جي جان ڏيئي به اهو سمجھن ٿا ته “ يي جان دي هوئي اسي ڪي تهي،اسي کي راه مين فدا هوئي،حق تو يي هي ڪي حق ادا نه هوا” اهي ئي انسان قوم جي لاء روشنيء جا منارا هوندا آهن جن جي روشنيء ۾ قومون پنهن جي منزل جون راهون طيء ڪنديون آهن،انهن جوڌن تي فخر ڪنديون آهن ۽ قومن جي صفن ۾ سندن ڳاٽ اوچا رهندا آهن.سنڌ جي اهڙن ئي سورهين،جوڌن،شيرن ۽ آزاديء جي متوالن مان حضرت صبغت ﷲشاه راشدي (سورهيه بادشاه) جو نالو اڄ به تاريخ توڙي قوم جي دلين ۾ زنده آهي.جتي به آزادين جي عظيم تحريڪن جو ذڪر ايندو اتي سورهيه بادشاه جي شجاعت،بهادري،همت،جرئت،سورهيائي ۽ قربانين جو ذڪر ضرور ايندو.برصغير ۾ انگريزن جي غلاميء خلاف آزاديء جي تحريڪ ۾ جيڪي قربانيون سائين سورهيه بادشاه ۽ سندس جانبازن ڏنيون اهڙو اعزاز شايد ئي ڪنهن ٻئي جي حصي ۾ آيو هجي.برطانوي ظالماڻي راڄ خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪندڙ شهيد سورهيه بادشاه جڏهن ميدان ۾ لٿا ته آسمان ڏٺو ته سندس پويان سرفروشن جو اهڙو قافلو هو جن کي وقت جو ڪو جبر،حالتن جي ڪا سختي،ماحول جي ڪا مشڪل ۽ ظلم جو ڪوهٿيار پنهن جن ارادن کان باز رکي نه سگھيو.ستم جو هر تير آزمايو ويو،ظلم جو هر گھاء ناڪام ويو،جبر جو هر هٿيار ڪند ٿي ويو.ديوانن ۽ مستانن جو هي عظيم قافلو هر فڪر کان آزاد،پنهن جي جان جي پرواه ڪرڻ بنان اڳتي وڌندو رهيو.سورهيه بادشاه انهن عوامي اڳواڻن مان نه هئا جيڪي پاڻ وڏن محلن ۾ ويهي عيش عشرت جي زندگي گذاريندا آهن ۽ ٻين جي ٻچا ڪهائيندا آهن.پاڻ قول ۽ عمل جي هم آهنگيء جا عظيم شاهڪار هئا،جيڪو چوندا هئا ڪري ڏيکاريندا هئا.جڏهن سورهيه بادشاه آزادي جي لاء وڙهندڙ پنهن جي فوج (حر مجاهد) سان گڏ ميدان ۾ آيا ته انگريز حڪومت سندن خلاف ظلم جي انتها ڪري ڇڏي.شهادتن جو سلسلو شروع ٿي ويو.مانجھي مرڪندا موت کي گلي لڳائيندا ويا پر مجال جو ڪنهن ان سموري جبر سندن قدمن ۾ ڪا جنبش آندي هجي،سندن ڪي پير پوئتي هٽيا هجن ڇو ته ان قافلي جي سرواڻ کين اهو سبق سيکاريو هو ته “ گر بازي عشق ڪي بازي هي،جو چاهو لگالو،ڊر ڪيسا، گر جيت گئي تو ڪيا ڪهنا،گر هاري ڀي تو بازي مات نهين” جڏهن برطانوي حڪومت آزاديء جي ان تحريڪ کي پنهن جي سموري ظلم ۽ جبر باوجود روڪڻ ۾ ناڪام ويئي ته بدنام زمانا “ حر ايڪٽ” نافذ ڪيو ويو جنهن مطابق سمورن حرن کي غدار،ملڪ دشمن ۽ ڏوهاري قرار ڏيندي برطانوي فوج کي اختيار ڏنو ويو ته حرن کي ڏسندي کي گولين سان اڏايو وڃي.انهي آزاديء جي هلچل جي ڏوه ۾ سورهيه بادشاه کي 20 مارچ 1943ع ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ سوريء چاڙهيو ويو پر انگريز حڪومت ان حقيقت کي نه سمجھي سگھي ته شهيد سورهيه بادشاه جو خون آزاديء جي تحريڪ کي ختم ڪرڻ بدران انهيء ۾ نئين جان پيدا ڪري ڇڏيندو ۽ ٿيو به ايئين ئي! سورهيه بادشاه جي شهادت کان صرف چار سال پوء انگريزن کي منهن مٿو پٽي برصغير مان پنهن جا ٽپڙ هميشه جي لاء ٻڌڻا پيا ۽ پاڪستان جو جھنڊو ڦڙڪڻ لڳو. حضرت صبغت ﷲ شاه راشدي (سورهيه بادشاه) صرف ٻارهن سالن جي عمر ۾ پنهن جي پيراڻي گاديء تي ويٺا.ڪجھ ئي عرصي ۾ هنن محسوس ڪيو ته انگريز حڪومت جو سنڌين سان رويو نفرت ۽ حقارت وارو آهي.سندن فطرت ۾ ننڍي هوندي کان ئي سنڌ سان محبت ۽ وفا جو مادو ڀريل هو.هنن کي سنڌ جي ڌرتيء تي انگريزن جا ناپاڪ قدم هڪ گھڙيء لاء به برداشت نٿي ٿيا.حريت، آزادي،خودداري ۽ بهادريء جا جذبا سندن نس نس ۾ ڀريل هئا.سندن دل ۾ پنهن جي ماتر ڀومي سنڌ سان محبت ۽ عقيدت جو سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو هو.هو چاهين ها ته خاموش رهي انگريزن کان وڏيون رعايتون ۽ مراعات وٺي سگھيا ٿي جيئن ٻين سنڌ جي ڪيترن ئي وڏيرن حاصل ڪيون پر شايد اصولن جي ماڻهن جو پنهن جو مسل ۽ پنهن جي دنيا هوندي آهي. “ جفا ڪي تيغ سي گردن وفا شعارون ڪي ڪٽي تو هي برسر ميدان مگر جھڪي تو نهين” “ جس شان سي ڪوئي مقتل گيا وو شان سلامت رهتي هي جان ڪا ڪيا هي ، جان تو آني جاني هي”
مولا ڪريم سورهيه بادشاھ کي بلند مقام عطا فرمايو . دعا آهي ته شال مالڪ سائين انهن جي طفيل اسانتي ته هميشه رحم فرمائي