جتان آيو آهيان، اتي ئي ويندس ... نه سامان گهرجي نه سٿ ... ٻيڙا هر هنڌ ٿيندا پار ... جي هڪ يار هجي هٿ وس ... محترم مئڪش سائين ! فڪر نه ڪريو سامان جو ... اڪيلا ته اسين هت به آهيون ... بس هجومن ۾ آهيون ... حساب ئي حساب آهن ... اوهانجن خيالن اسانکي به خيالي ڪري وڌو آهي ... لک قرب اهڙي سهڻي ونڊ جا ... سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ها يار ها ، نڪِي ارمان گڏ هلندا ، نڪِي سامان سٿ ڏيندا ، نڪِي ساقِي نڪِي پيالو ! ادا يقينن اُتي ته ساقي به هوندو ۽ پيالو به هوندو ! ساقِيءِ ڪوثر صلي الله عليه وسلم جن آب ڪوثر مان ڀري جام پِياريندا ، ان شاءُ الله عزوجل
اديون عبداللطيف جو،ات هادي هٿ جهليندو،ايندو سڄڻ سائين،منهنجو ايندو ڍولڻ سائين! مرشد ڀٽائيء گھوٽ جي ان آس ۾ اسين به شامل آهيون.