• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جوهي ۾ ڪرپشن جي نان استاپ لوٽ سيل جاري، دادو کي پير مظهر ۽ رفيق جمالي ڇا ڇا ڏنو؟؟؟؟

نياز الاهي

سينيئر رڪن
جوهي تعلقي ۾ ڪرپشن جي نان اسٽاپ لوٽ سيل جاري آهي، هڪ سال اندر 32 ڪروڙن جي ڊرنيج اسڪيم، 23 ڪروڙ جي واٽر سپلاءِ اسڪيم، جوهي برانچ جي ريماڊلنگ لاءِ آيل 29 ڪروڙ ۽ ٽائون ڪاميٽي جي فنڊ مان 17 ڪروڙن لاڳت سان ٿيندڙ ترقياتي ڪمن ذريعي هڪ سال اندر ظاهري ڪرپشن ڪئي وئي آهي، جڏهن ته تيل ڪمپنين جي رائلٽي فنڊ جي پئسن جو ڪو حساب ڪتاب ئي ناهي، نه جوهي جو ڊرنيج درست ٿيو، نه پيئڻ جو پاڻي اچڻ جو نالو وٺي ٿو، نه ئي جوهي برانچ جي ريماڊلنگ ڪئي وئي، ها مگر پاڻي ۾ ڪجهه لپا هڻي سرڪاري خزاني جي کاٽي دل تي ڪئي وئي آهي، انهن سڀني اسڪيمن جو افتتاح ايم اين اي جوهي رفيق احمد جمالي ڪيو، جنهن چيو ته پاڻي جي اسڪيم 6 مهينن ۾ مڪمل ٿيندي ۽ توهان جي گهر پاڻي پهچي ويندو، سردار صاحب وڌيڪ فرمايو ته ڊرنيج اسڪيم جو ڪم ڪو به عام ماڻهو به چيڪ ڪري سگهي ٿو، پر ٺيڪا به فرضي نالن تي پنهنجي مٽ مائٽن، ڀائرن، کي ڏيڻ جي ڪري ڪنهن غريب کي اڃا اهڙي جرئت ڪرڻ ۾ سوين سال لڳي سگهن ٿا، جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي جا ٺيڪا ائڊمنسٽريٽر کي خواب ۾ به ڪنهن کي ڏيڻ جو حق ڪونهي اهي ٺيڪا به اوطاقن تي 45 پرسنٽ ايڊوانس رقم وٺي ڏنا ويا، جڏهن ته انهن ۾ ڪجهه پ پ اڳواڻن کي ٺيڪا ڏئي کين ٺٺ ڪرايا ويا، ڊي سي زبير چني جي اعتراضن باوجود جوهي کان حاجي خان موري ۽ ڦلجي ڏانهن ويندڙ روڊ ٺهرايا ويا، جيڪي غير قانوني طور ٽائون ڪاميٽي جي پئسن مان ٺهرايا ويا، ڇو ته ڦلجي جوهي تعلقي ۾ ته آهي پر ٽائون ۾ ناهي، ٻيو حاجي خان موري تائين ٺهندڙ روڊ گورک اٿارٽي ٺهرائي سگهي پئي اها حد به ٽائون جي ناهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جوهي جي ٻاءِ پاس وٽ ٺهندڙ جوهي جو”وائيٽ هائوس“ پڻ خلق خدا جي لاءِ آيل فنڊ سرڪاري فنڊ جي کل لاهي ٺهرايو پيو وڃي، جوهي جا ماڻهو نيب کي پڪاريندا هئا ته ڀوتارن جي خاص ماڻهن کي اها ڳالهه نه وڻندي هئي، پر تازو ايم اين اي صاحب جو بيان نظر مان گذريو جنهن ۾ هو چئي پيو ته پير مظهر جي ڪرپشن جو نيب نوٽِيس وٺي، ڀلي جنهن به سرڪاري پئسو لٽيو آهي، ان جي خلاف جاچ ٿيڻ کپي، پر هڪڙو سوال اهو به آهي ته پير مظهر دادو کي سنڌ يونيورسٽي جو ڪئپمپس ڏنو، لا ڪاليج ڏنو، پارڪ ڏنو، ان کاسواءِ واهي پانڌي ۾ ڪاڇي ۾ پهريون ڊگري ڪاليج ڏنو، جوهي جي ڪاليج کي نياڻين کي کڻي ويندڙ وين ڏني ۽ ٻيا ادارا ڏنا، پير مظهر کي ته ماڻهو ٽماٽا به هڻي سگهن ٿا، ڇو ته هو سياسي ماڻهو آهي پر توهان جي سردار هجڻ سبب توهان خلاف ته ڳالهائڻ به به گناهه سمجهيو ويندو، ٻيو وري صحافي به قلم کان وڌيڪ توهان سان وفادار ۽ پيار ڪن ٿا. سائين 8 سالن جي اقتدار ۾ توهان جوهي کي ڇا ڏنو؟؟؟؟؟؟ پاڻي بند، زرعي پاڻي چوري، ڪاڇي ۾ روڊ رستا تباهه، ٽي ايم اي جي بجييٽ ڀائرن حوالي، گورک جي اٿارٽي تي گورک ڌندو ڪري ڪجهه نوڪريون وفاداريون مٽائيندڙن ماڻهن کي ڏئي باقي سڀ پنهنجي ماڻهن کي ڏنيون ويون، 16 سالن کان بي ايڇ پي جي رائلٽي فنڊ، ٽي ايم اي جوهي ۾ هر مهيني لڳندڙ ڌاڙي، جتي ڊيوٽي لاءِ آيل ايم پي اي غلام شاهه جيلاني جي پٽ کي ڀڇائي پٽ ڪرايو ويو، ان ڪري جوهي واسين کي به هاڻ اهو حق آهي ته اهي نيب کان مطالبو ڪن ته اها تعلقي ۾ ٿيندڙ مها ڪرپشن جي جاچ ڪري..........سرڪاري پئسو لٽيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري، ان سلسلي ۾ عرض آهي ته ان لاءِ سائين جن سميت ڪنهن به ڀوتارن جي وفادار کي ناراض نه ٿيڻ گهرجي......... پاران جوهي جو عوام
 
Back
Top