• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سان اهڙي جند اڙي جو ٻيا سڀ ناتا وسري ويا ....

نثارابڙو

نائب منتظم
دوستو! موچارن ڏهاڙن به نه بلڪ ڪجه عرصي گذريي کانپوءِ محبت ڀريو سلام ..!!
سنڌ جنهن به شئي جو نالو آهي، اها مون لاءِ مقدس ۽ احترام جوڳي آهي ... جيئن سنڌ سلامت ، نالو سنڌ ۽ مٿان وري سلامت ڳنڍيل هجي ته ان کان سهڻي ” دعا“ ٻي ڪهڙي ...!!
جڏهن سنڌ سلامت شروع ٿي ته نالي ۽ ان جي خلقيندڙن کي سلام ڪيوسون ...!!
محترم نثار ناز ۽ رشيد سمي جي سنگت کي سنڌ جي اهڃاڻ طور سڏ ۾ سڏ ڏنوسين ...!!!
بس پوءِ قافلو هلندو رهيو ۽ اوهان سڀ سنڌ جي سلامتيءَ سان چاه رکندڙ اچي گڏ ٿيا آهيو ...!!!
دوستن جي ڀرپور ڪوششن ۽ ساه منجهائڻ سبب اڄ سنڌي ٻوليءَ جي انٽرنيٽ تي سڀ کان موچاري اوطاق سنڌ سلامت آهي ... تمام سٺي ۽ ڪارائتي ڪتابن جي لائبرري آهي ... سنڌ جي مذهبن ۽ انهن جي هيٺ مٿاهين تي بحث پيل آهن ... سنڌ جي سياست ۽ سماج تي بحث ۽ نظريا پيش ٿيل آهن ... مذاح ۽ محبت جا ميدان سجايل آهن ... !!! شاعري ۽ ادب جا واهڙ پيا وهن ...

دوستو! اڄ ڪجهه واندڪائي ملي ته سوچيم سنڌ سلامت ۽ ان جي سٿ کي سلامن جون ڀريون پيش ڪريان پر ... ان ڪهاوت جيئان ” ٿورا ناهن ٿورا “ .... اوهان دوستن کي نرڙ تان ٽوپي لاهي سلام ...
اميد ته سنڌ سلامت تي ايندڙ سڀ دوست پنهنجو وار وڄائيندا رهندا ...
سنڌ سلامت ساٿ سلامت

ON8dmn.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سدا خوش هجو ....

ڪي ويجهائي ڏور ڪي ڏور به اوڏا سپرين ....

اوهان سنڌ کان پري هوندا آهيو ته سنڌ سلامت جي ويجهو ۽ دوستن سان جڙيل هوندا آهيو. پر جڏهن کان سنڌ ۾ آهيو ته سنڌ سلامت ريسٽورانٽ تي ته هر وقت آهيو پر سنڌ سلامت ويب سائيٽ کان ڏور آهيو ....

اها ٻي ڳالهه آهي ته اوهان سان روز ڀاڪر پائي ملون ٿا ۽ مرڪون وکيريون ٿا .....

شال سنڌ سلامت هجي
 
وعليڪم السلام ورحمت الله وبرڪاته . دعا آهي ته شال هي محبتي اڱڻ سنڌ سلامت ۽ ان سان گڏوگڏ سمورا مٺڙا سهڻا سنڌي شال سدا سلامت رهو . هميشه مرڪندا رهو سنڌ سلامت جو ذڪر ٿئي ۽ هنن سهڻن سنڌ سلامت جي بنياد کي محنت ۽ محبت سان بيهاريندڙن کي ڪيئن نه ياد ڪجي ڀاء ذيشان رشيد سمون . محترم سائين رحيم بخش . پيارو سليمان وساڻ ۽ محبتي نثار احمد ناز . ادا نثار احمد ابڙو ۽ علي ظفر . سنڌ سلامت جي سڀني محبتي رڪنن لاء ڌڻي در دعاء خير جو طلبگار
 
Back
Top