خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / سومر 21 مارچ 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* آئين ٺاهيندڙکي ڦاهي ۽ ٽوڙيندڙ کي پرڏيهه موڪلڻ، سمجھه کان ٻاهر آ: وڏو وزير (خبر)
* * جن وٽ ميڄالو هوندو تن کي سمجھه ۾ ضروراچي ويندو(تبصرو)

* وڏي وزير جي اسٽاف، وزيرن جي بورڊنگ ڪارڊن تي سفر ڪيو: پي آءِ اي ذريعا (خبر)
* * قائم علي شاهه جي اسٽاف پي آءِ اي کي به ڪرپٽ سنڌ سرڪارسمجھيو آهي ڇا؟ (تبصرو)

* ٻوڏ متاثرن جي فنڊ ۾ 20 ڪروڙ روپين جون گھوٻيون: سي ايم انسپيڪشن ٽيم (خبر)
* * سنڌ سرڪار يعني هر طرف گھوٻيون...!گھوٻيون.. ! !گھوٻيون...!!! (تبصرو)

* نوابشاهه ۾ 7 ۽ 8 ڪلاسن لاءِ ساڳيو پيپر، امتحان به ٿي ويو (خبر)
* * نوابشاهه ۾ انڌير نگري، چرٻٽ راجا...!! (تبصرو)

*سنڌ ۾ ڪميشن ذريعي 600 ڊاڪٽر ڀرتي ڪنداسون: صوبائي وزير مهتاب ڏهر(خبر)
* * پ پ پ دور ۾ سمورا سفارشي هوندا يا هڪ ٻه سيڪڙو ميرٽ تي به؟ (تبصرو)

* مشرف کي ٻاهر موڪلي، جمهوريت کي ڪمزور ڪيو ويو آهي: مولابخش چانڊيو(خبر)
* * مُولو ڄٽ، اوهان ڪرپشن ڪري، جمهوريت کي ڪهڙو سگھارو ڪيو آهي؟ (تبصرو)

* اسلام امن ۽ شانتيءَ جو مذهب آهي، تشدد جو حامي ناهي: نريندرا مودي (خبر)
* * پر اها ڳالهه ڪوڙن سنڌي قومپرستن کي سمجهه ۾ ڪانه ٿي اچي، نڪي ايندي(تبصرو)

* ڪرپشن جي خاتمي کانسواءِ ملڪ ترقي ڪري ڪونه ٿو سگھي: سراج الحق(خبر)
* * پر سنڌ سرڪار جي سکڻن فائيلن ۾ ترقي کوڙ ٿيل آهي (تبصرو)

* وڏي وزير جي مخدوم جميل کي فون، دبئي کان موٽ تي ملاقات ٿيندي (خبر)
* * قائم علي شاهه جو وعدو؟هڪ ڏينهن وعدوڪندو ته ٻئي ڏينهن وسري ويندو(تبصرو)
 
Back
Top