روح جي رَڙ منهنجي مقدر جي ڪتاب ۾ لکيل هر سٽ جو فيصلو تِکي ڪاتيءَ جيان وهي چڪو هو، جيئن تنهنجي تکن لفظـن جي تيز تَرار وَهي هئي، ۽ ان ترارمنهنجن جزبن کي ۽ وجود کي رتُو رت ڪيو هو، ۽ جيڪي وجود رتُ ۾ رڳيل هوندا آهن اُهي رُوح ته ازلي اوجاڳن جا آدي هوندا آهن ۽ هر وَجود اڌَ آهي ۽ دنيا ۾ پنهنجي اڌ وجود جي ڳولها ۾ آيو آهي، ۽ هر وجود تيسين هڪ سحر ۾ مبتلا ئي رهندو آهي جيسين اهو پنهنجي اَڌ کي گولهي لهي ٿو، اها سحر اُن وقت ختم ٿئي ٿي ۽ وجود خوابن مان حقيقي سفرجي شروع ڪري ٿو، پر منهنجو نڌهڙڪو وجود توسان ملڻ کانپوءِ به تنهنجي حاصلات لاءِ خوابن جي گهري ننڊ مان جاگڻ کان پوءِ به تنهنجي ملڻ جو متلاشي آهي.، هن وجود کي سڪوتُ جوهڪ لمحو به مُيسر نه آهي ۽ نه ئي روح کي، هي وَجود آخري پسائن تائين رقـسي بـسمل ۾ ئي مبتلاءَ رهندو ۽ تنهنجو متلاشي رهندو شايد...! مگر اي ڪاش تون منهنجي روح جي رَڙِ ٻڌي پدمڙا پير ڀري آڳڻ اَچين ۽ منهنجي اکڙين جي آب کي آکڙين جي بندن وٺ ئي روڪين......، جيئين مان روڪيندو هوئسُ تنهنجا لُڙڪ ۽ سيني سان لڳائي پنهنجي ڀَر واري قبر ۾ پورين ته هن وجود جي کي سڪُوت واري ننڊ مُيسر ٿئي.