آدرش نوٽ بڪ جا ورق - گهگهراڻي گهٽي - 7 (آخري قسط)

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 مارچ 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    نوٽ بڪ جا ورق - گهگهراڻي گهٽي -7 (آخري قسط)

    آدرش

    مان پنهنجي گهر ۾ ڏاڍي امن سان اُداس رهندو آهيان. اُداسيءَ جا پاڇا بيد مشڪَ جي وڻ وانگر ڊگها ٿي ويندا آهن، ته ڪو ڪتاب پڙهندو آهيان يا ڪا فلم ڏسندو آهيان.
    منجهند جا ٽي وڄڻ وارا هيا. مان انگريزي جي سگهاري ۽ سٺي ناولسٽ چارلس ڊڪنز جي ناول (Oliver Twist) تي ٺهيل فلم ڏسي رهيو هيم. هيڏانهن فلم پوري ٿي، هوڏانهن بجلي بند ٿي، ته مان گهران ٻاهر نڪري آيم.
    چارلس ڊڪنز ناول لکندڙن ۾ وڏو نالو آهي. هن لکيو به تمام سٺو آهي. هن جو جڳ مشهور ناول ”ٻن شهرن جي ڪهاڻي“ (A Tale Of Two Cities) مون پڙهيو. فرانس جي انقلاب جي پس منظر ۾ لکيل آهي. مون کي ايڏو ڪونه وڻيو. هن جا ٻه عالي شان ناول ”ڊيوڊ ڪاپر فيلڊ“ (David Copperfield) ۽ (The Great Expectation)شاهڪار ناول آهي. انهن ناولن چارلس ڊڪنز لاءِ منهنجي من ۾ محبت ۽ احترام جي جاءِ جوڙي وتي.
    روس جي مهان ليکڪ ليوٽالسٽائي جي دل ۾ پڻ چارلس لاءِ وڏي اڪير ۽ عزت هوندي هئي. جو سندس فوٽو اڄ به ليوٽالسٽائي جي ڪمري ۾ ٽنگيل آهي. ليوٽالسٽائي جو گهر اڄ به ان ئي حالت ۾ روسي سرڪار جي سار سنڀال هيٺ محفوظ آهي. توهان اهو گهمي سگهو ٿا. گهر ۾ گهڙڻ سان ائين لڳندو ڄڻ ميز تي دوستو وسڪي جو ناول ” برادرس ڪرامازوف“ (Brothers Karamazov) پڙهندي، کليل ڇڏي، هاڻي هاڻي ليوٽالسٽائيءَ هتان نڪري گهوڙي تي چڙهي ٻنيءَ جو چڪر هڻڻ ويو آهي ۽ اوهان جي هوندي ئي اچي ويندو.
    انگلينڊ ۾ چارلس ڊڪنز جو گهر به ساڳي حالت ۾ آهي. روماني شاعر جان ڪيٽس جي گهر جي رکوالي ڪندڙ مٿي رهندا آهن. هيٺ ڪيٽس جو گهر آهي. دروازي تي لکيل آهي. “Please! Come in”
    سنڌ جي مهان شاعرن جا گهر ناهن، جو انهن جي وڃڻ سان گهر به ڊهي وڃن! اسان رڳو نعرن سان پاڪ صاف ڀتين کي ناپاڪ ۽ ڪنو ڪري ڇڏيندا آهيون. پريس رليز ڪڍندا آهيون. پريس رليز ۾ ڪنهن شاعر حضرات جو نالو رهجي ويو ته ممڻ مچائي ڇڏيندو. تقريرن ۾ ”اعلِي ڙي! اياز. شيخ اياز مونکي چانهن پيئاريندو هو. ماني کارائيندو هو. ڪتابن جون ٻه ڪاپيون هونديون هيس ته هڪ مون کي ڏيندو هو.“ ”ابول! تنوير به ويو. منهنجو ڏاڏو هو. ابو هو. مون کي جيءَ ۾ جايون ڏيندو هو.“ رڙيون ڪنداسون. جيءَ ۾ جايون ڏيندڙن جون جايون ته پنهنجي جاءِ تي، سندن قبرون به سلامت ناهن.
    مهان شاعر اياز سکر وارو گهر ته پاڻ وڪڻي ويو. لائبريري جي ڪتابن کي اياز کان پوءِ اڏوهي پڙهي رهي آهي. اسان هر سال رڳو ((Formality طور ورسي ۽ سالگرھ جي تقريبن ۾ اجائي يخّي هڻندا آهيون. ثقافت کاتو هر سال ڏيڍ سئو جو پڙ چاڙهي، ڏيڍ لک جو بل ٺاهي، پنهنجي سار لهندو آهي.
    سٺي شاعر تنوير عباسي جو ميرواھ جي ڀرسان وارو ” سرمد جو گهر“، جتي هند سنڌ جا، هر وهيءَ جا ليکڪ کائي پي ويا، سو خريدڻ کا پوءِ شيخن جي بيڪري بڻجي ويو آهي. اتان توهان سڪل ڍَٻل، پاروٿا ڪيڪ ۽ پراڻا پاپا ٻيڻي اگهه تي وٺي سگهو ٿا، ڇو ته منهنجي مائٽن جي بيڪري آهي، سرمد جو گهر ناهي جو تنوير صاحب اوهان کي يعقوب بسڪوٽ فيڪٽريءَ جا تازا، خستا بسڪوٽ کارائي، ڪڙڪ ۽ گرم چانهن پيئاري. مهان شاعر اياز کي جيڪي جيئري ماري نه سگهيا، تن ڀٽ شاھ ۾ اُرھ زورائي ڪري، اتي کيس پورائي، سندس شڪارپور ۾ الف شاھ قبرستان ۾ ڀيڻ ڀرسان پورڻ واري وصيت کي پيرن هيٺان لتاڙي، مئل کي ماري ڇڏيو. اياز جي وصيت سندس آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکيل آهي.
    اياز جي جنازي ۾ سڄي سنڌ جا اديب شاعر هيا. ائڪٽر ۽ ليکڪ به هيا، جيڪي اُڀ ڦاڙ رڙيون ڪري، اکين ۾ بنا ڳوڙهن جي، اداڪاره نير سلطانه وانگر روئي رهيا هيا، ته هڪ ابليس شڪل وارو بي سُرو ڳائڻو هن جي شاعري ٻڪر واريون ٻيڪان ڪري ڳائي رهيو هو. اياز ماٺ ڪري تماشو ڏسي رهيو هو ۽ ڄڻ ته چئي رهيو هو ” هي شورُ اجايو آ پيارا!“
    روهڙي اسٽيشن تي تنوير صاحب کي اوڇنگارون ڪري الوداع ڪرڻ واري مئون ڪوبه هن جي جنازي جي نماز ۾ ڪونه هو. تنوير صاحب جي دل گهرئي سنگتي شوڪت جماڻي صاحب کانسواءِ رڳو هڪ ليکڪ غلام رباني آگرو صاحب هو. ڀٽائيءَ جي پارکو ۽ شاعر تنوير عباسي جي ڪفن تي ڀٽائي صاحب جي بيت جي سٽ لکيل هئي:” جنين ڪاڻ مياس، سي ڪانڌي ڪونه ٿيا.“
    اسلام آباد جي قبرستان ۾ اردو اديبن ۽ شاعرن جن سٺيون قبرون ٺهيل آهن. انهن مٿان سنگ مرمر جا ڪتبا لڳل آهن، تنوير صاحب جو قبر جو حال اهو آهي، جو کڏ ٿي وئي آهي. ڳولهيو نه لڀندي. ان ڳالهه جا شاهد مون کانسواءِ شاعر تاج جويو ۽ زبير سومرو به آهن.
    تنوير عباسي صاحب تي سيمينار ڪرائڻ، واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙي، مسلم مرغ کائڻ لاءِ لکين رپيا آهن پر هن جي تربت ٺهرائڻ لاءِ ڏھ هزار ناهن!
    تحقيق! تنوير صاحب جو گهر ته بيڪري بڻجي ويو. اهو ڏينهن به پري ناهي، جو هن جي کڏ ٿي ويل قبر مٿان، ڪنهن اردو شاعر جي قبر هوندي، جنهن تي ڪتبو لڳل هوندو ” محشر اڪبر آبادي.“

    ***

    سچ پچ ڪتاب جي پنهنجي دنيا آهي. مون کي ناولن تي ٺهيل فلمون جيڪي هٿ ٿي سگهيون آهن، ڏٺيون اٿم پر اُها ڳالهه ناهي جيڪا ڳڙ جي مٺاڻ ۾ آهي. ڳڙ کي کائڻ ۾ جيڪو مزو آهي، سو مزو چانهن ۾ ملائڻ سان نه ٿو رهي.
    چارلس ڊڪنز جي ناول (Oliver Twist) تي ٺهيل فلم خاص تاثر نه ڇڏيو. فلم ۾ ڊائريڪٽر رومن پولنسڪي(Roman Polanski) جي هدايتڪاري سُٺي آهي. اوڻويهين صديءَ جي انگلينڊ جا منظر ڏاڍا سهڻا آهن. فلم جي پويان موسيقي ۽ فوٽوگرافي ڪمال جي آهي. فلم ۾ اداڪار بئن ڪنگسلي (Ben Kingsley) جي اداڪاري تمام سٺي آهي. رڪارڊ ڀڃي ڇڏيا اٿائين. فلم ۾ هو ٻارڙن جي گينگ (Gang) جو سرواڻ ٿيو آهي ۽ زبردست نڀايو اٿائين. هن کي فلم ” گانڌي“ ۾ (Best Actor) جو آسڪر ايوارڊ مليو هو.

    ***

    ناولن تي ٺهيل فلمن جو حشر ڏسي، لاطيني آمريڪن نوبل انعام ماڻيندڙ ليکڪ گبرئيل گارشيا مارڪيز ڏانهن سندس ناول ”اڪيلائيءَ جا هڪ سئو سال“، جنهن جو سنڌيءَ ۾ تمام سٺو ترجمو مراد علي مرزا صاحب ڪيو آهي. لاءِ ڪيئي فلم ڊائريڪٽر ويا. لکن روپين جي آڇ ڪيائونس، پٽڪا ميڙ ڪيائونس، پر مارڪيز صاحب سڀني کي کتو جواب ڏنو ۽ نه کي نو ڪوٽ ڏنائين.

    ***

    جڳ مشهور ناول نويس جرزي ڪوزنسڪي ڏانهن هڪ فلم ڊائريڪٽر ويو. جرزي صاحب کي ناول تي فلم اسڪرپٽ لاءِ چيائين، ته هن کي ڏاڍو سٺو جملو چيو ته : ” من! مون کان اهو ڪڌو ڪم نه ٿيندو. پنهنجي ناول تي فلم لکڻ ايئن آهي، جيئن ڪو پنهنجي ڪراڙي زال کي رنڊي بڻائي.

    ***

    دنيا ۾ ڪهاڻي ڪلا جا ٽي ماسٽر ڪهاڻيڪار مڃيا ويندا آهن. فرانس جو موپاسان، روس جو انتون چيخوف ۽ آمريڪا جو اوهينري. اڄ ڏينهن تائين ڪو انهن جي جُتين ۾ پير پائڻ وارو پيدا نه ٿي سگهيو آهي.
    وليم سڊني پورٽر بئنڪ ۾ نوڪري ڪندو هو. منهنجي مائٽ اويس شيخ وانگر بئنڪ ۾ فراڊ ڪيائين. اويس صاحب ڊڪ ڊوڙ ڪري جان ڇڏائي ويو. مئنيجر مان وائيس پريزيڊنٽ ٿي ويو، هاڻي جيڪڏهن بئنڪ پريزيڊنٽ رٽائرڊ ٿو ٿئي يا هن جي پٽن پاراتن سان فوت ٿو ٿئي، ته اويس صاحب پريزيڊنٽ ٿي ويندو جو هڪ ته شيخ آهي. ٻيو سنڌ جو آهي. بدقسمتيءَ سان وليم سڊني پورٽر آمريڪي هو ۽ بئنڪ فراڊ ڪري جيل ۾ ويو. ٻه ٽي ورهيه سزا مليس. ڪاٺ ۾ ئي هن پنهنجي واندڪائيءَ جي وندر ڳولي ورتي. هو ڪهاڻيون لکڻ لڳو ۽ قلمي نالو لکي، انهن کي ڇپائڻ لڳو. هو اڳتي هلي دنيا جو ماسٽر ڪهاڻيڪار اوهينري بڻجي ويو.
    اوهينري جي هڪ ڪهاڻيءَ تي بنگالي فلم ڊائريڪٽر ريتو پارنوگهوش (Ritu Parno Ghosh) فلم برساتي ڪوٽ (Rain Coat) ٺاهي آهي ۽ ڪمال جي ٺاهي آهي.
    ريتو پارنو گهوش هڪ وڏو ۽ تخليقي فلم ڊائريڪٽر هو. هو ڪلڪتي ڄاول بنگالي ذهين فلم ڊائريڪٽر ستياجيت ري کانپوءِ سگهارو فلم ڊائريڪٽر هو. ڪيئي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيائين. هو اوڻونجاھ سالن جي ننڍي عمر ۾ ڪنهن ڇوڪر جي دل ڀڃڻ بدران، ڀڳوان هٿان دل ڀڃائي ويٺو ۽ ٽيهن مئي 2013ع ۾ ديهه انت ڪري ويو.
    گهوش صاحب جي فلم (Rain Coat) هڪ آرٽسٽڪ ۽ من جي تارن کي ڇهندڙ فلم آهي. اجي ديوگن سٺي اداڪاري ڪئي آهي. پر ايشوريا راءِ وڻ وڄائي ڇڏيا آهن.
    دنيا جا ذهين ماڻهو هڪ ته اڌ چريا هوندا آهن. ڪل مڙيو ئي ٿڙيل هوندي اٿن. پر جنسي طور به پنهنجي واٽ وارا هوندا آهن. ريتو پارنوگهوش به اُبتي سواريءَ جو شوقين هو ۽ ڪڙڪ ڇوڪري باز هو. آميريڪا ۾ رهندڙ هڪ سنڌي شاعر ان جو جوٺو پاڻي پيتو هو.

    ***

    جنس (Sex) جي به عجب دنيا آهي، ان دنيا ۾ ڇوڪري بازي وري پنهنجي الڳ منفرد بابُ رکي ٿي.
    فرانس جي جرنيل ليونارڊو ماٽو (Leonardo Mato) هڪ شڪايتي لهجي ۾ عجب ڳالهه، متل محفل ۾ ڪئي هئي: ” مان فوج ۾ هيم ته مون کي ٻه ماڻهو مارڻ تي سونو ٻلو ڏنو ويو هو پر هڪ ڇوڪر سان پيارُ ڪرڻ تي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو. عجب ناهي!“

    ***

    انگريزي ناول نويس اي.ايم.فورسٽر (Edward Morgan Forster) ته وري سڀني کان گوءِ کٽي ويو. هن کي ٽيهن سالن تائين اها ڄاڻ نه هئي ته مرد ۽ زائفان پاڻ ۾ هم بستري ڪيئن ڪندا آهن. سڄي عمر ڇوڪرن پويان رُلندو رهيو.
    هن جو ناول ” ماريس“ (Maurice) ڇوڪري بازيءَ تي سگهارو ناول آهي. جنهن ۾ هن ان رشتي جي ڪاميابي ۽ خوشيءَ کي ڏاڍو فنائتي (Artistic) نموني چٽيو آهي.

    ***

    فلم ڏسڻ کان پوءِ جيئن بجلي بند ٿي ته مان گهران نڪري، ٻاهر اچي، نور مسجد جو ڏاڪو وسايم.
    مان ويهي سگريٽ دکايم. سامهون بند دڪان جي ڀرسان هڪ ڪتو محَوِ خواب هو. ان کي ڏسي مون کي ڏاڍي سيبتي هندي ليکڪ ڪمليشوَر جو جملو ياد آهي.
    ڪمليشور سٺا ناول ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن. هن جو اهم ناول ” ڪتني پاڪستان؟“ آهي. هن جي رڳو هڪ ڪهاڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي آهي. ولي رام ولڀ صاحب ان جو ترجمو ڪيو هو. جيڪا ”پيتل لڙڪ“ جي عنوان سان ٽماهيءَ ”مهراڻ“ ۾ ڇپي هئي.
    ڪمليشور جي هڪ ناول ۾ جملو هو ته : ” ماڻهوءَ ۽ ڪتي ۾ فرق رڳو ايترو آهي جو ماڻهو ڪتو ٿي سگهي ٿو پر ڪتو ماڻهو نه ٿو ٿي سگهي.“

    ***

    مون سگريٽ پورو ڪري اُڇلايو ته مون وارو ماسات لنگهي ويو. سلام ته ڇا، کنگهيائين ئي ڪونه، الله خوش رکيس.
    رت جي رشتن ۾هاڻي رت بدران تيزاب جو پاڻي اچي ويو آهي. اڳي چوندا هياسون ته ” ماسات مٺي ذات، ڪڪڙُ ڪههُ ته رهون رات.“ هاڻي ڪڪڙ بيٺو آهي ۽ ماسات کي ڪهڻو ٿو پوي.
    مون وارو مٺو ماسات جوءِ جو مَڄُو. آچر واري ڏينهن، جوڻس چئي ته اڄ جمعو آهي ته هي آمنا صدقنا ڪري آچر ڏينهن جمعي جي نماز پڙهڻ وڃي.
    هو اهڙو نامراد جو زال جي ڪري، پنهنجي جيجل ماءُ کي ڏنڀيندو هو. ماءُ لاءِ هٽلر هو. هو نازي هو جيڪو ڄڻ ماءُ جي صورت ۾ يهوديءَ سان ظلم ڪندو هو. ڌڻي سڳوري کي هن جا ظلم ڏسي رحم آيو. اُها صابرين ۽ گڻائتي زائفان هاڻي حورن جي هنج ۾ آهي.
    همراھ سکيو ستابو آهي. وڻ وانگر سائو آهي. هن جا فرزند سُٺين نوڪرين ۾ آهن. هاڻي سونهاري رکي اٿائين. مسجد ۾ ٻهاري به ڏيندو آهي. دنيا جي عجب جهڙين ڳالهين تي ڪڏهن ڪڏهن عقل حيران ٿي ويندو آهي. امڙ سان عقوبتون ڪندڙ سکيو ستابو! مون هڪ جهوني پاڙيسريءَ کان، رنگيءَ جي ان رنگ تي حيران ٿي پڇيو: ”ڪاڪا! توهان کي ان ظالم جي پرڪارن جي خبر آهي. هي پوءِ به سائو آهي. ڪا پريشاني ڪونه اٿس. ههڙو ظالم ته دربدر هجي پر هي دلبر ته اڳ کان اڳرو آهي، ڇو؟“
    ڪاڪي مينهل اُڀ ڏانهن تڪي، ميندي لڳل ڏاڙهيءَ تي پنهنجو هٿ گهمائي، مرڪي، اک ڪڪڙي ڪري نهاريندي، سهڻو جواب ڏنو. ”من! برابر. ان بڇڙي ڇا به ڪيو، پر هن جي اشراف ۽ نيڪ دل ماءُ هن کي ڪڏهن به ڪونه پٽيو. نه ڪو پاراتو ڏنائين. ڇا به ڪندو هيو، سدائين دعائون ڏيندي هيس. سلامُ آهي مائيءَ کي. ياد رکي ڇڏِ ارشاد! جنهن لاءِ ماءُ جي دعا جو درُ کليل آهي ني! اهو سدائين سائو ئي رهندو، ماءُ جي دعا ٻڏل ٻيڙيءَ کي به تاريندي آهي“

    ***

    منهنجي گهر کان پنج کن گهر ڇڏي هڪ گهر آهي. ان ۾ هڪ اردو شاعر خليل احمد ڪيف صاحب رهندو هو. اهو لڏي ويو ته جاءِ هڪ سنڌي ڪهاڻيڪار کي وڪڻي ويو. اُهو ڪراچيءَ ۾ رهندو آهي. جاءِ کي ڪلف لڳل آهي. گهر جي دڪي پاڙي وارن لاءِ گند جي پيٽي بڻيل آهي.
    ڪهاڻيڪار انڪم ٽئڪس کاتي مان اعليٰ عهدي تان رٽائرڊ آهي. ڏهاڪو سال اڳ همراھ ڪرسيءَ تي هو ته ڪهاڻين جو ڪتاب ڇپرايائين. تڏهن سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جو سيڪريٽري ڪهاڻيڪار رزاق سهتو صاحب هجي. صاحب موصوف، ڪتاب جي مهورتي پروگرام لاءِ ساڻس رابطو ڪيو ۽ کيس آفيس اچڻ جي دعوت ڏنائين.
    رزاق سهتو صاحب پنهنجي پر ۾ ڏاڍو خوش ته ٻيلي! ڪهاڻيڪار انڪم ٽيڪس ۾ ڪمشنر بهادر آهي. ڪنهن پنج ستاره هوٽل ۾ پروگرام ٿيندو. صاحب خرچ پکو ڀريندو. ٺٺ ٿي ويندا. چار چنڊ لڳي ويندا. شاخ جو شانُ وڌندو.
    رزاق ميان کي ڪل ئي ڪونه، صاحب دل جو اهڙو سوڙهو آهي، جو جسم جي رت کي ئي دل ۾ داخل ٿيڻ نه ڏيندو آهي. سٿڻ ۾ اڳٺ بدران سستو رٻڙ هوندو اٿس.
    هڪ ڏينهن رزاق سهتو صاحب پنهنجي سنگتي ۽ شاعر رمضان نوَل کي ساڻ ڪري، صاحب جي آفيس ويو.
    ڪهاڻيڪار صاحب هنن جو سٺو آڌر ڀاءُ ڪيو. کلي ڳالهائي، سهڻو سلوڪ ڪيائين. حالي احوالي ٿيندي، صاحب جو پٽيوالو، هنن ٻنهي اڳيان چانهن جا ٻه ڪوپ ۽ هڪ پليٽ ۾ ڇهه بسڪوٽ رکي ويو.
    ساڻن ڳالهائيندي ڳالهائيندي صاحب موصوف جي اوچتو نظر ڪا بسڪوٽن جي پليٽ تي پئي، ته سڪتو طاري ٿي ويس. پٽيوالي لاءِ گهنٽي وڄايائين. هو اندر اچي ”جي سر!“ ڪري، هن اڳيان ادب سان ٿي بيٺو. صاحب موصوف رومڙ ڪري پٽيوالي کي دٻ پٽي ته : ” اڙي! مان جو توکي چيو ته پليٽ ۾ چار بسڪوٽ کڻي اچجانءِ، تون ڇهه بسڪوٽ ڇو کڻي آئين؟ هان!“

    ***

    انساني دماغ به عجب شي آهي. ماڻهوءَ جي مغز ۾ ڪڏهن فرشتو ٿو اچي رهي ته ڪڏهن شيطان اچي پلٿي ماري ويهي ٿو.
    ڪجهه عرصو اڳ مون کي پيشاب گهڻا ٿي پيا. ڊاڪٽر رفيق احمد ڏهر ڏانهن ويم. صلاح ڏنائين ته لئباريٽري مان پيشاب جي چڪاس ڪرايو. وائيٽل لئبارٽري ۾ چڪاس ڪرايم ته مٿئين سطح (High Level) جي شگر نڪتي. جيستائين ڊاڪٽر ملي. ٻارهن ڪلاڪ شيطان ديرو ڄمايو. ويٺو ڦٿڪان. ويٺو لڇان. عجيب وهم وسوسا رولو ٻار وانگر دماغ ۾ رلڻ لڳا. الاڙي! شگر ٿي وئي.
    شام جو ڊاڪٽر صاحب مليو. دلجاءِ ڏنائين ته ”سائين! لئبارٽري وارا انڌا به هوندا آهن. غلط رپورٽ به ڏيندا آهن، توهان وسوسا نه ڪيو. صبحاڻي ڪنهن ٻئي ليبارٽري مان رت جي چڪاس ڪرايو. الله ڀلي ڪندو.“
    ٻئي ڏينهن صبح جو محمدي ليبارٽري تي ڪم ڪندڙ پاڙيسري ڇوڪرو آيو. هٿ ۾ چڪاس جي پني جو لفافو ڏئي ويو.
    پني ۾ لکيل رپورٽ پڙهيم ته ڏاڍو سرهو ٿيم جو شگر ڪونه هئي. مون کي ائين لڳو ڄڻ ڦاهيءَ جي سزا رد ٿي وئي هجي.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 2و مارچ 2016ع


     

هن صفحي کي مشهور ڪريو