مسلم ليگ (ن) مشرف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏئي پاڻ تان احسان لاٿو آهي:

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Salma Naz طرفان آندل موضوعَ ‏21 مارچ 2016۔

  1. Salma Naz

    Salma Naz
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏19 آگسٽ 2015
    تحريرون:
    32
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    نيوز ڪاسٽر
    [​IMG]

    حيدرآباد:سنڌ جي اطلاعات کاتي واري صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته مسلم ليگ ن پرويز مشرف کي پرڏيهه موڪلي پاڻ تان احسان لاٿو آهي ۽ اهڙي طرح ٻنهي هڪ ٻي جي جان بخشي ڇڏي.حيدرآباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مولابخش چانڊيو چيو ته جمهوريت جيڪڏهن تسلسل سان هلي ته ڪلچر بڻجي ويندي آهي،جمهوري ڪلچر ۾ هڪ ٻئي جي ڳالهه کي برداشت ڪيو ويندو آهي،سنڌ جو جهموري مزاج پنجاب کان بهتر آهي،پاڪستان ۾ جڏهن به جمهوريت آئي ته اها ڏڪندي ۽ ڊرڄندي آئي آهي.ملڪ ۾ جڏهن به جهموريت جي طاقت ۽ چهرو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ته انه جو ڳلو دٻائي چهرو خراب ڪيو ويندو آهي.پيپلز پارٽي پنهنجي حڪومتي دور ۾ پرويز مشرف کي پروٽوڪول اڳوڻي آرمي چيف ۽ صدر جي حيثيت ۾ ڏنو هو،مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ پيپلز پارٽي جي سياسي حڪمت عملي هئي.سنڌ جي اطلاعات کاتي واري صلاحڪار مولابخش چانڊيو جو چوڻ هو ته قانون ٽوڙڻ ۽ ملڪ کي نقصان پهچائڻ واري کي ٻاهر وڃڻ جي جازت ڏئي جمهوريت جي لاءِ خطرو پيدا ڪيوويوآهي.اسانجواحتجاج مشرف جي ٻاهر وڃڻ تي نه پر مسلم ليگ (ن) جي منافقت تي آهي، مسلم ليگ نه پرويز مشرف کي ٻاهر ڀڄائي پاڻ تان احسان لاٿو آهي ۽ اهڙي طرح ٻنهي هڪ ٻئي جي جان بخشي ڇڏي.سندس چوڻ هو ته مان ايئن نه ٿو چوان ته مسلم ليگ نه جا وزير ڪوڙا آهن، پر سندن بيان ڪوڙا ۽ منافقت سان ڀريا پيا آهن.هڪ وزير ڪوڙو بيان ڏنو آهي ته مشرف کي عدالت جي حڪم تي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني هي،جڏهن احمد رضا قصوري بيان ڏنو آهي ته پرويز مشرف حڪومت سان ٺاهه ڪري ٻاهر ويو آهي ۽ اهو ئي سچ آهي
    مزيد خبرن لاءِ وزٽ ڪيو sindhi news
     
  2. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    منھنجو خيال آ مولا بخش چانڊيي کئون سياسي ڀل ٿي آهي۰ مشرف نواز کي لکت ۾ معافي نامي جي عيوض ڇڏيو۰ اهو احسان آ۰ جڏهن ته مشرف کي نواز ناهي ڇڏيو۰ اهو ايئن آ جيئن نواز طالبان کي بگڙيل ٻار سڏيو۰ وري جڏي ضرب عزب شروع ٿي چڪي پوء نواز چيو ته اسان ضرب عزب شروع ڪئي آ۰
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو