غفور رڍکي گهليندي پڙي تي پهتو رڍ 3500۾ کپائي جلدي جلدي موبائل واري دڪان تي پهتو جتان موبائل وٺي اچي ڳوٺ واري لاري ۾ چڙهيو.. موبائل ته ورتائين ۽ سم به پنهنجي نالي ڪرايائين پر هن مصيبت کي هلائجي ڪيئن اها خبر غفور جي ملائڪن کي به نه هئي هن سموري ڄمار رڍون چاريون هيون کيس موبائل جي شوق ماري وڌو هو، رات جو ڳوٺ واري هوٽل تي شفو ۽ ميريي جي هٿ ۾ وڏو ٽچ اسڪرين موبائل ڏسندو هو ۽ هنن کي جلال چانڊئي، ۽ ثمينه گڏي جا ڪلام ٻڌندي ڏسندو هوته سندس وات پاڻي ٿي ويندو هو ۽ نيٺ انهي شوق کيس رڍ کپائڻ تي مجبور ڪيس، اهڙو ته نڀاڳو هو جو بيمار ٿيندو هو ته ڪيتا کائي کائي وڃي ٺيڪ ٿيندو هو پر مجال آهي جو خرچ ڪري.. پر موبائل جي شوق ۾ صفا انڌو ٿي ويو هو، ميموري ڪارڊ ۾ عرس چانڊئي سميت اردو سنڌي، ۽ ماروڙي ڪلام به ڀرائي آيو هو.. پورا 3500 ڀري ورتو اٿم دڪان واري چيو ٽچ آهي.. غفور ، شفيي کي موبائل ڏيکاريندي چيو.. شفيي چيو هل هل هاڻ رڍ پان کائيندي... اڙي غفوريا ٻوٿ ڌوئي پوءِ موبائل تي ڳالهائجان جنهن سان فون تي ڳالهائيندين ان کي تنهنجي ٻوٿ مان ڌپ لڳندي ميريي ٺوڪ ڪندي چيس غفور فون کي هٿ ۾ جهلي ڏسي رهيو هو موبائل ته وٺي آيو پر سرت نه ٿي پيس ته هلائس ڪيئن!!شفيي يا ميريي کان غيرت وچان پڇي به نه پيو سگهي ان ۾ سندس بيعزتي محسوس پئي ٿي پاڻ صفا آڱوٺي ڇاپ، رات جو گهر آيو ته زال کي موبائل ڏيکاريائين ته زالهين به چئي ڏنس ته توکان اها مصيبت ڪيئن هلندي تون وڃي رڍون چار... موبائل پاسي واري کيسي ۾ هڻي سمهي پيو رات جو ڪنهن مهل اچي جو پاسي ۾ ڏڪڻي ٿيس.. پهريان ته پريشان ٿي ويو ته کک ۾ ڪا لنڊي بلا گهڙي وئي آهي سو وٺي جو دانهن ڪيائين ته بلا کائي وئي سندس رڙين تي سمورو ڳوٺ اچي مڙيو. موبائل ڪو وائبريشن تي هو سو همراه جو مانگهين ساه مٺ ۾ اچي ويو هو . ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان موبائل به کيسي ۾ پئي ڪنجهيو.. سمورو ڏينهن رڍن ۾ موبائل ماگهين مٿي جو سور بڻجي ويس، سو ٻئي ڏينهن ارادو ڪيائين ته شهر وڃي بلو ڪري ٿو اچانس سو سويري اٿي وڃي آچو واري لاري ۾ چڙهيو ان ئي دڪان تي ويو جتان ورتو هئائين دڪان واري بٽڻ ڪجھ هيٺ مٿي دٻائي سيٽ واپس ڪيس.. اڙي نڀاڳا هڪڙي پاسي ٿي بيھ دڪان پڻس جو اٿئي ڇا ڀر مان هڪ پوليس وردي پاتل همراه رڙ ڪري چيس.. غفور وائڙن وانگر هڪڙي پاسي ٿي بيٺو پوليس واري 5 سو جو نوٽ دڪان واري ڏانهن ڪندي چيس صاحب جي ميڊم واري نمبر تي لوڊ موڪل..دڪان واري هڪدم پوليس واري جي حڪم جي تعميل ڪئي هن اها ماجرا ڏسي دڪان واري کي چيو ته انهي صاحب واري مڊم جي نمبر تي ڇا موڪليو اٿئي منهنجي به نمبر تي موڪل آئون به ڏسان ته آهي ڇا؟؟ دڪان واري سندس احمڪاڻي سوال تي مزاڪ ڪندي موبائل وٺي صاحب واري بيگم جو نمبر ملائي ڏنس هي وٺ مڊم سان ڳالهاءِ هو پاڻ توسان ڳالهائيندي ته ڇا موڪليو آهي فون ڪن تي رکيائين ڪافي رنگس وڃڻ کان پوءِ اڳيان آواز نه آيس.. آخر ۾ جڏهن ڪمپيوٽر واري مائي ڳالهائڻ لڳي ته ان کي هلو هلو ڪرڻ لڳو.. اهو سمورو ڏينهن شهر ۾ خوار ٿيو.. موبائل سمورو ڏينهن گهڙي گهڙي گهنٽيون وڄائيندو رهيو پر هي بي سرتو ڪا خبر پويس ته ڪنهن سان ڳالهاءِ!!!شام جو پنج بجي سگهاڙي واري لاري جي اڳين سيٽ تي ويٺو هو ته اوچتو هڪ گينڊي جهڙي باڊي وارو همراه اچي مٿي ڪڙڪيس.. ۽ پوءِ بس ۾ لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنس .. بس مان گهلي آڻي موبائل ۾ وڌائينس پوليس موبائل ۾ به لتن مڪن جو وسڪارو ڪري ڏنائون ايترو ته ماريائونس جو نيٺ سندس اکين جي اڳيان اونداهي اچي وئي ۽ بيهوش ٿي ويو . هوش آيس ته صوبيدار سندس اڳيان بيٺو هو ۽ گهرڙي کيس ڀونڊو ڏنايئن ۽ چيائين ته وڏو ڪو مڙس ماڻهو آهين توکي دوستي رکڻ لاءِ ٻئي ڪا مائي هٿ ڪونه آئي صوبيدار موچاري خان جي ميڊم کي مسڪال ٿو هڻي.. هاڻ خبر پوندي توکي اڙي سنتري اڌ مڻ چرس لڳائي ڪيوس چالان.. صوبيدار سنتري کي حڪم جاري ڪيا.. . مائٽن سندس سموريون رڍون کپائي نيٺ جان ڇڏايس جيل من نڪرندي ئي ٻئي ڏينهن اچي ساڳي دڪان تي پهتو دڪان واري کي چيائين ته مون کي هڪ مسڪال ته هڻجان مون کي به خبر پوي ته اها آهي ڪهڙي بلا جنهن جي ڪري مون ٻه سال جيل گهاري ۽ سموريون رڍون به ويون پادر الڳ کاڌم، جنهن تي دڪان وارو وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.