دوستو جيئن ته آئون هڪ سنڌي ويب سائيٽ ٺاهي رهيو آهيان ان سلسلي ۾ مونکي سنڌي ڊڪشنري پنهنجي ويب سائيٽ تي هڻڻي آهي. ڇا مونکي اهي لفظ ڊيٽابيس فارميٽ يا سافٽ ڪاپي ۾ ڪنهن به پليٽ فارم تان ملي سگھن ٿا. مهرباني ڪري رهنمائي ڪندا. قرب؟
ڀاءُ اعجاز ابڙو صاحب ..!!! ڪمپيوٽر جي دنيا جا دوست رشيد سمون، عبيد الله يا وري سليمان وساڻ جن اوهانکي سٺي صلاح ڏئي سگهن ٿا ... آءُ جيڪا سنڌي ڊڪشنري استعمال ڪندو آهيان اها يا ته لهاڻا سنڌي ٽو انگلش ٽو سنڌي يا وري جامع سنڌي لغات سنڌي ليگيوج اٿارٽي وارن جي ويب سائيٽ تي موجود آهي ... اوهان پاڻ ڏسو جيڪڏهن ڪمپيوٽر جي جوڙ جڪ سان واقفيت اٿوَ ته ممڪن اوهان ان جي لنڪ يا پوري ڊڪشنري رکي سگهو ...!!! لنڪ آءُ اوهانکي ڏيانٿو ... ممڪن اوهانجو ڪم ٿي وڃي ... لک قرب لهاڻا جي لنڪ ... http://iqbalkalmati.blogspot.com/2015/01/luhana-sindhi-to-english-and-english-to.html جامع سنڌي لغات جي لنڪ http://www.sindhila.org/Index.php?dflt=Software