غير سنڌي پارٽي ۾ ڪنهن سنڌي جو هجڻ ۽ سنڌ ۾ کٽڻ سنڌ جي بربادي لاءِ وڌيڪ هڪ قدم آهي جيئن هو اسماعيل راهو جنهن جو کٽڻ سنڌ دشمني آ ڇو ته هو ان پنجابي شائونسٽ سان گڏ آ جنهن کان سنڌ کي شڪايتون آهن جيڪو سنڌ جي پيسي جو لٽيندڙ آهي ........هي سنڌ جا ووٽ اسماعيل راهو کي ڏيڻ برباد ٿي ويا ڪجه به فائدو نه ڏيڻ جي طرف قدم آ ........هر ان سنڌ جي ماڻهو جو رستو روڪيو جيڪو ڪنهن غير سنڌي پارٽي ۾ غير سنڌي جو پولڳي ڪندي سنڌ سان سڌو دشمني پيو ڪري ....ان کي واضع ڪرڻ جي گهرج آ ....
سائين معاف ڪجو، اوهان جي سوچ سان متفق نه آهيون، ڇو جو ووٽ هميشه ان انسان کي ڏنو وڃي جيڪو ووٽ جو صحيح حقدار هجي چاهي اهو ن ليگ جو هجي يا ڪنهن ٻي جماعت جو، جيڪڏهن توهان جي چوڻ مطابق اهڙي انسان کي ووٽ ڏنو وڃي جيڪو سنڌ جي ڪنهن جماعت سان تعلق رکندو هجي ۽ هو ووٽ جو صحيح حقدار ئي نه هجي ته پوءِ ڇا چوندو ؟؟؟ يا سنڌ جي جماعت جو ماڻهو عوام جي ڪا ضرورت ئي پوري نه ڪندو هجي تڏهن به ان کي ووٽ ڏنا وڃن ؟؟؟ انسان کي گهرجي ته هو اهڙي انسان کي ووٽ ڏي جيڪو ان انسان جي ووٽ جو صحيح استعمال ڪري، جيڪو عوام جي ووٽ جو صحيح استعمال نه ڪري ان کي ووٽ ڏيڻ ئي ته سنڌ ۽ ضمير سان غداري آهي.
ادا ڀلي ڳاله پر جيڪو غير سنڌي پارٽي جو ميمبر هوندو اهو ته ان پارٽي جي پاليسي تحت سنڌ جو اڳئي دشمني تي ٻڌل سوچ سان هوندو ڇو ته هو اتي ڪمزور پڇوزيشن ۾ سنڌ جي اجتمائي ڀلي جو سوچي به نه سگهندو انسان ڇا ٿا چئو هي سيقاسي پارٽي جو ميمبر جنهن پارٽي ۾ هوندو ان جي رحم وڪرم تي هوندو ....نواز الطو يا اسفند يار جي پارٽين ۾ رهي سنڌ جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهندو بيشڪ هو روشن خيال ڪجه ڪرڻ جو جوش هوندي به ڪجه نه ڪري سگهندو هي معملو ويهي ويچاريو ......وڌيڪ مالڪ آهيو مهربان
پر نواز ليگ ۾ ڪجهه سنڌي قومپرست اڳ ۾ ئي ويٺل آهن جھڙوڪ سردارممتاز ڀٽو، شاهه محمد شاهه وغيره، انهن بابت اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟
سائين ممتاز لاءِ ته اڳ ۾ ئي چيو سين ته هي بزدل ڏهيسر ڪٿان ٿيو جنهن کي زرداري جي خوف نواز ليگ ۾ شامل ڪرايو ۽ ائين لڳو ڪتي به کاڌو ڪک به نه ڀري ۽ هي شاه محمد شاه ته هڪ قسم جو رانديڪو آهي هن سنڌ دشمني ۾ ته ڪارنامه ڪيا آهن اهڙن سنڌين سنڌ جي تباهي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي اهي ڪردار جن جي نندا ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي نڀاڳا نانءَ ......۽ هي اسمائيل راهو بڇڙو جنهن کي سنڌ دسمني ۾ ذاتي ڪم وٺڻا اهن پنجاب کان جنهن ۾ به هو مردار ٿي بي مهت ٿيندو ڪجه به نه ملندس ...انشاءَالله دانگوڙو .....
سائين.....شهيد بينظير ڀٽي جو بيان پڙهيو هوم ته پاڻ کي ڏهيسر سڏائيندڙ(ممتاز ڀٽو)، جيڪڏهن ڏهن مان هڪ سرُ به قربان ڪري ها ته شايد ڀٽو صاحب بچي پوي ها...!!