خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / اڱارو 22 مارچ 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* پاڪستان خلاف فتح باوجود ويرات جو دل نه ٺريو: ڪاوش جي هيڊنگ (خبر)
* * شايد ڪاوش وارن کي خبر ناهي ته دل مونث آهي، سنڌيءَ جو قتلام ته نه ڪريو (تبصرو)

* ڪولڪتي ۾ قومي ترانو پڙهڻ ۾ 2 غلطين تي شفقت امانت علي معافي ورتي (خبر)
* * قومي ترانو آهي فارسيءَ ۾، سو پڙهڻ ۾ ته غلطي ٿي سگھي ٿي (تبصرو)

* اسان جي عورت اڄ به پٿر جي دور ۾ آهي: حيدرآباد عورت ڪنوينشن (خبر)
* * ڪرپٽ آصف زرداريءَ جي سوکڙي سيد قائم علي شاهه به پٿر جي دور جو آهي (تبصرو)

*حڪومت مشرف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏئي احسان لاٿو آهي: مولابخش چانڊيو (خبر)
* * مولوُ ڄٽ! زرداريءَ سنڌ کي ڪرپشن ۾ ڦٽو ڪري، ڪنهنجو احسان لاٿو آهي؟ (تبصرو)

*سنڌ ۾ مندرن ۽ گرجا گھرن جون 500 کان وڌيڪ اسڪيمون رولڙي جو شڪار(خبر)
* * زرداريءَ ۽ قائم علي شاهه جي بدترين حڪمراني هوندي ته ائين ئي ٿيندو نه (تبصرو)

*فضيلا سرڪيءَ جي وڇوڙي زندهه لاش بڻائي ڇڏيو آهي: والدا (خبر)
* * هڪڙو زندهه لاش گذريل 8 ورهين کان سنڌ جو حڪمران آهي (تبصرو)

*مشرف جي پرڏيهه روانگي خلاف پ پ پ يوٿ ونگ طرفان مظاهرا، بک هڙتالون (خبر)
* * آصف زرداريءَ جي ملڪ نه موٽڻ تي، هڪڙو ڀيرو ته احتجاج ڪريو(تبصرو)

* ٻيلن جو عالمي ڏينهن: سنڌ ۾ لکين ايڪڙ ٻيلن جي زمينن تي قبضا، ماحوليات جي تباهي (خبر)
* * آصف زرداري ۽ قائم علي شاهه، ڄاوا ئي رڳو سنڌ ۾ تباهيون ڦهلائڻ آهن (تبصرو)

* ٺل ويجھو چلھه کان چڻنگ اٿڻ تي 7 گھر الهه تلهه سميت سڙي ويا (خبر)
** آصف زرداريءَ نالي چڻنگ اٿڻ تي، ساري سنڌ ڪرپشن ۾ سڙي رک ٿي وئي آهي (تبصرو)

* ميهڙ ۾ ڪروڙن روپين جون سولر لائيٽون بيڪار مواد سبب لاڀ نه ڏئي سگھيون (خبر)
** اڙي بابا، ڪرپٽ سنڌ سرڪار کان چڱائيءَ جي اميد نه رکو؟ (تبصرو)
 
Back
Top