محمد خان سيال
سينيئر رڪن
سوشل ميديا تي ڪنهن دوست تصوير اپلوڊ ڪئي آهي جنهن ۾ ڏاڙهي وارو هڪ شخص، هڪ نوجوان ڇوڪريءَ سان گڏ بيٺل آهي ـ ظاهري طور ان ۾ ڪوبه حرج ڪونهي ڇاڪاڻ ته گهڻا ماڻهو پنهنجن ڌيئرن، ڀينرن، ڀائٽين، ڀاڻيجن وغيره سان گڏ تصويرون سوشل ميڊيا تي ڏين ٿا پر اسان جا ڪجهه سنڌي دوست، سوچڻ سمجھڻ کانسواءِ اهڙا تبصرا ڪري رهيا آهن جو الله ڏئي پناهه ـ اهڙي ريت هو سنڌين کي گمراهه ڪري هڪ غلط لاڙي کي هٿي ڏئي رهيا آهن ـ
جيڪڏهن فوٽوءَ ۾ ڏيکاريل همراهه کي ڏاڙهي نه هجي ها ته اسان جا سنڌي اهڙا ڪريل تبصرا هرگز ڪونه ڪن ها ـ تصوير ۾ ڏيکاريل ڇوڪري ٿي سگھي ٿو سندس نياڻي هجي، ڀينر، ڀائٽي يا ڀاڻيجي ـ ڪجهه سنڌين جي ڪريل حرڪتن ۽ سندن گندي ذهنيت تي افسوس ٿئي ٿو ـ