ڊاڪٽر قاسم راڄپر: انوکو، نرالو صحافي ۽ محقق

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 مارچ 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڊاڪٽر قاسم راڄپر: انوکو، نرالو صحافي ۽ محقق
    (جنم ڏينهن جي موقعي ٿي)

    مٺل جسڪاڻي

    پاڻ جنهن ماحول ۾، جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، ان ۾ اڪثر قاسم، قاسوُ ٿي ويندا آهن، ڪو ڪو قاسم رهندو آهي، پر قاسم راڄپر جهڙا ڪي ٿورڙا، قاسم مان ڊاڪٽر قاسم ٿي پوندا آهن.
    قاسم مان ڊاڪٽر قاسم، بظاهر تمام سولو، پر عمل ۾ ايترو ته ڏکيو آهي، جنهن جو اندازو صرف انهن کي ئي ٿي سگهي ٿو، جن پنهنجي نالي اڳيان ڊاڪٽر لاءِ ڪوشش ڪئي.
    ڊاڪٽر قاسم کي آئون گهڻو ڪو نه سڃاڻان. اسان صرف هڪ دفعو، چند منٽن لاءِ، هڪ اهڙي ڀرئي ميڙ ۾ مليا هئاسين، جنهن ۾ ڊاڪٽر قاسم مصروف هو. ڪجهه ڪم سندس بلي هو ۽ مون سميت ٻيا به ڪيترا ئي ساڻس حالي احوالي ٿيڻ جي آس ۾ هئا.
    ڊاڪٽر قاسم اڃا قاسم هو، ته مون کيس روزاني عوامي آواز اخبار ۽ ان جي سنڊي ميگزين ۾ ڏٺو ۽ اتان پوءِ عالمي اوطاق (فيس بوڪ) تي اسان ملاقاتي ٿياسين، ۽ سلسلو هلندو رهيو. موبائيل رابطا به ٿيا.
    ڪن ماڻهن سان گڏ هجڻ باوجود به کين بلڪل به نه ٿو سڃاڻي سگهجي، پر ڪن ماڻهن کان ڪوهين ڏور هجڻ باوجود، ساڻن نه ملڻ باوجود، کين تمام گهڻو سڃاڻي سگهجي ٿو.
    ڊاڪٽر قاسم راڄپر انهن مان آهي، جن کي مڪمل طور سڃاڻ خود ڊاڪٽر قاسم لاءِ به تمام گهڻو ڏکيو ٿيندو، پر ساڻس روبرو ملاقات ٿئي به يا نه، ڪي ساڳيا دوست هجن يا نه، سندس ڪنهن عزيز سان ويجهڙائي هجي يا نه، پر کين گهڻو سڃاڻي سگهجي ٿو.
    ڊاڪٽر قاسم پهرين عام رواجي صحافي هو، صحافين ۾ لڪل هو، کيس تمام ڪي ٿورا سڃاڻندا هئا، پوءِ ڊاڪٽر قاسم، پنهنجي سڃاڻپ جي ڪوشش ڪئي، هن ٻين صحافين کان مختلف رهڻ شروع ڪيو ۽ صحافت دوران ئي قاسم مان ڊاڪٽر قاسم ٿي ويو. ڊاڪٽر قاسم بظاهر تمام ننڍڙو ۽ مختصر نانءُ ۽ مختصر شخص آهي، پر ائين نه آهي.
    ڊاڪٽر لاءِ نيڪ تمنائون ۽ ڊاڪٽر مان اهي ئي اميدون، ته هي مستقبل ۾ پڻ انوکو، نرالو صحافي رهندي، محقق به رهندو. سندس تحقيق، جيڪا هونئن ته صرف ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ گهربل هئي، پر مون کي جيستائين خبر آهي، مون جيئن سندس تحقيقي مقالن ۾ پڙهيو آهي، منهنجي سوچ ۽ سمجهه مطابق ڊاڪٽر قاسم جي تحقيق به هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي.
    ڪاش! سندس پي ايڇ ڊي لاءِ گهربل سندس مقالو ڪتابي صورت ۾ اچي سگهي ۽ ڪاش ٻيا پي ايڇ ڊي ڪندڙ به اهڙو ڪم ڪري سگهن، جنهن لاءِ پڻ خواهش پيدا ٿئي، ته اهي به عام معلومات لاءِ ڇپجڻ گهرجن.

    ڊاڪٽر قاسم کي جنم ڏينهن مبارڪ...

    (سندر، انچارج: حيات علي شاهه بخاري، روزاني عبرت حيدرآباد، اڱارو 22 مارچ 2016ع)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو