ٿر هڪ اهڙو خطو آهي، جنهن هر دور ۾ ڌرتي کي ڪجهه نه ڪجهه اهڙو ڏنو آهي، جنهن هميشه مٽي جو مان مٿانهون ڪيو آهي. اڄ آئون جنهن شخصيت جو ذڪر ڪندس اها ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. اهو ٿر جو مشهور اديب، سگهڙ ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي. غلام محمد جنجهي ٿرپارڪر جي وڏي ڳوٺ وڪڙيي ۾، محمد عثمان جنجهي جي گهر ۾، 1921ع ۾ جنم ورتو. سندن وڏا اصل ۾ جيسلمير جا ڀاٽي هئا. چون ٿا ته سندن وڏن فيروز شاھ تغلق جي وقت ۾ اسلام قبول ڪيو. غلام محمد جنجهي سنڌي ٻه درجا پڙهيا گجراتي ۽ هندي ۾ فائنل ڪرڻ کانپوءِ ذاتي مطالعي جي آڌار تي مختلف علمن تي عبور حاصل ڪيو. جن ۾ جاگرافي، تاريخ، اينٿراپالاجي، علم فلڪيات، ادب ۽ طب شامل آهن. غلام محمد جنجهي هند ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ماڳن جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪيو. غلام محمد جنجهي راڳ جو وڏو ڄاڻو هو. سنڌي کانسواءِ هندي، اردو، فارسي، انگريزي، پارڪري ۽ ڍاٽڪي جي به پرک هئي. 1934ع کان شاعري جو باقائدا آغاز ڪيو سندن شاعري جو گهڻو حصو بيت، وائي ۽ ڪافي جي صنفن تي مشتمل آهي. غلام محمد جنجهي جي شاعري جو مجموعو ”ويجها ٿيا وصال کي“ سندن وفات کانپوءِ ڇپجي پڌرو ٿيو. غلام محمد جنجهي ننڍي هوندي کان ئي سياست جي ميدان ۾ سرگرم هو. پاڪستان جي قيام کانپوءِ مقامي سياست ۾ حصو وٺي علائقي جو ڪائونسلر ۽ چيئرمن رهيو. 16 جون 2010ع تي وفات ڪيائون. سندن آخري آرام گاھ پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي اباڻي مسجد ۾ آهي. غلام محمد جنجهي جو اولاد به پڙهيل لکيل ۽ سلجهيل آهي. جنهن سندن فرزند نوراحمد علم ۽ لطيف جو پارکو آهي. غلام محمد جنجهي جو ڪيترو ئي مواد غلام محمد جنجهي فائونڊيشن جي پليٽ فارم تان ڇپائي جي هيٺ آهي....... نه سي ووئڻ وڻن، نه سي ڪاتاريون، پسيو مون بازاريون، هيئڙو لوڻ ڪڻو ٿي