روز ڪڪرن سان گڏجي گھمان ٿو پنهنجي وارن وڏن کان پڇو صبح سانجھي شفق کي چمان ٿو ڳالھ ڳاڙهن ڳلن کان پُڇو کلندي کلندي ڇڏيو ٿا کنڊيڙي مان به ٿڪجان نه ٿو ميڙي ميڙي روز موتين سان جھوليون ڀريان ٿو پنهنجي سهڻن ڏندن کا پڇو چيٽ جي هير کان آهي سُرهو ريشمي طول کان آهي ڪنئرو ڪا خبر ناهي ڇا کي ڇهان ٿو پنهنجي بخمل بدن کان پُڇو جي ٿو توسان نگاهون ملايان سون چاندي جا ڪشته ٿو کاوان روز امرت جا پيالا پيان ٿو چاھ ڏيندڙ چپن کان پڇو رات سياري جي پوئين پهر جو سيءَ ڪڙڪي پوي ٿو قهر جو عشق ” استاد “ ٻاريون ٻران ٿو منهنجي من جي مچن کان پڇو (استاد بخاري / منظور سخيراڻي)