خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / خميس 24 مارچ 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* مخدوم پ پ پ جا ٺاهيندڙ آهن، پارٽي نه ڇڏيندا: نثارکھڙو(خبر)
* * جيڏي به زرداريءَ جي چمچاگيري ڪر پر وڏو وزير ٿي ڪونه سگھندين (تبصرو)

* مقدس ڳئون اڄ به قانون کان بالاتر آهي: آصف زرداري (خبر)
* * مثال: آئين ۽ قانون کان، دبئي فرار ٿيندڙ ڪرپٽ آصف علي زرداري....!! (تبصرو)

* لياريءَ يونيورسٽيءَ جي وي سي اختر بلوچ خلاف نيب طرفان ڪرپشن جي جاچ، 90 غيرقانوني آفيسر 16 کان 20 گريڊ تائين ڀرتي ڪيائين (خبر)
* * ڪرپٽ اختر بلوچ جھڙا، لياري يونيورسٽيءَ کي بابي جي جاگير سمجھندا رهيا آهن، اهڙن کي لياريءَ جي 8 چوڪ تي ڦاهيءَ تي لٽڪايو وڃي (تبصرو)

* 3 صوبا ڪالاباغ ڊيم جا مخالف آهن، وحدت جو خيال آهي: عابد شيرعلي (خبر)
* * وحدت جو خيال سو به تو جھڙي بدتميز کي؟ کوڙو ئي ڪونه ٿو لڳي (تبصرو)

* فضيلا کي 9 سال گذري ويا، ڌاڙيل سرڪار کان ڏاڍا (خبر)
* * هر ڪرمنل، کائو ۽ ڌاڙيل، قائم علي شاهه جي هيڻي سرڪار کان ڏاڍو آهي (تبصرو)

* سنڌ سرڪار، اسڪولن ۾ جنسي تعليم ڏيڻ جو ايم ڪيو ايم جو ٺهراءُ روڪي ڇڏيو(خبر)
* * ايم ڪيو ايم کي جنسي تعليم جو شوق آهي ته ڪارڪنن لاءِ الڳ بندوبست ڪن (تبصرو)

* زهريلي شراب ٽنڊومحمد خان ۾ 48 حياتيون کسي ورتيون (خبر)
* * تڏهن ته سنڌ سرڪار جا حڪمران زهريلي شراب بدران ڀنگ کي زور وٺرائن ٿا (تبصرو)

* نصرت ڀٽو کي عوامي جدوجهد جي اڳواڻ طور ياد ڪيو ويندو: زرداري (خبر)
* * ....۽ آصف زرداريءَ کي وري ڪنگ آف ڪرپشن طور ياد ڪيو ويندو(تبصرو)
 
* * جيڏي به زرداريءَ جي چمچاگيري ڪر پر وڏو وزير ٿي ڪونه سگھندين (تبصرو)
ممڪن آ ٿوري وڌيڪ چمچاگيري سان ٿي به وڃي.. ڇوته ڪائي نَلِي ڇاھ* (قائم علي شاھ) به ڄاڻ ته ويو، ٿي سگهي مستقبل جو وزير اهو ٿئي..
* * هر ڪرمنل، کائو ۽ ڌاڙيل، قائم علي شاهه جي هيڻي سرڪار کان ڏاڍو آهي (تبصرو)
سڀ سچ.. :)

*اسان جي ڳوٺ جي هڪ جهور پوڙهي کي سندس نالو اُچارڻ نٿو اچي تنهنڪري اِئين چوندو آ، ڪائي نَلِي ڇاھ
 
Back
Top