محمد خان سيال
سينيئر رڪن
ٽنڊي محمد خان ۾ زهريلي شراب واپرائڻ سبب مري ويلن جو انگ 48 تائين پهچي ويو آهي پر سنڌ جي ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن واري وزير گيانچند ايسراڻيءَ مري ويلن مان هر هڪ لاءِ رڳو 2 ـ 2 لک روپيا معاوضيَ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته عام طور زخمي ٿيندڙن کي به انهيءَ کان گھڻو وڌيڪ معاوضو ملندو آهي پر اهي حرڪتون شايد انهيءَ ڪري ڪيون ويون آهن جو سمورا مرندڙ 48 ڄڻا سنڌي آهن ـ
هجن ها ڪراچيءَ جي ايم ڪيو ايم جي علائقي وارا ته صوبائي وزير گيانچند ته ٺهيو پر وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي گيسين جو ٺڪاءَ هجي ها ـ مٿان وري وزير ايسراڻيءَ جو چوڻ آهي ته منشيات جو عملو گھٽ آهي، سو وفاق مدد ڪري ـ سوال آهي ته اوهان ڪهڙي مرض جي دوا آهيو، رڳو مال ميڙڻ ۽ سکڻا بيان ڏيڻ لاءِ ويٺا آهيو ڇا؟
منهنجي خيال ۾ 48 سنڌين جي مرڻ جو مقدمو، واسطيدار صوبائي وزير گيانچند ايسراڻيءَ خلاف داخل ڪرڻ گھرجي، وري ڏسجو ته اسان جا ڪوڙا سنڌي قومپرست، صوبائي وزير جي کاتي جي لاپرواهيءَ سبب وزير خلاف ڪو خاص بيان ڪونه ڏيندا ڇاڪاڻ ته صوبائي وزير هندو آهي ۽ ٿورائيءَ سان واسطو رکي ٿو تنهن ڪري ظاهري طور 48 مري ويلن سان کين ڪا خاص همدردي ڪونه هوندي جيتوڻيڪ اهي سمورا سنڌي آهن ـ
اسان جو مطالبو آهي ته ڪيس جي ميرٽ جي بنياد تي 48 مري ويل سنڌين جو مقدمو، واسطيدار صوبائي وزير گيانچند ايسراڻيءَ خلاف داخل ڪيو وڃي ۽ کيس ترت گرفتار ڪري مٿس اهڙو مقدمو هلايو وڃي ـ