عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
هولي
سنڌ جو زرعي تھوار
سنڌيءَ ۾ هولو چوندا آهن
ڪڻڪ جي داڻي جي ابتدائي شڪل کي
جڏهن ان جو رنگ ڪڻڪائون ٿي ويندو آ،
لذت اچي ويندي اٿس ۽ نرم هوندو آ رسيل
شڪل بلڪل ڪڻڪ جي داڻي جي وٺي چڪو هوندو آ بس رس سڪڻ جي دير هوندي آ
سڪل رس واري حالت ۾ داڻو نرم هوندو آهي ۽ ان وقت سنگ کي آڀون چئبو آهي
ڪڻڪ جا هولا ڪچا کائبا آهن تريءَ تي مھٽي ڦوڪ ڏئي ۽
آڀون وري پچائي يا باه تي سيڪي تريءَ تي مھٽي ڦوڪي کائبا آهن
اسان ٻاراڻي توڙي جوانيءَ ۾ اهي. ٻئي مزا ماڻيا آهن
ڪونج ڪڻڪ جا هولا ۽ آڀون ڪهڙي ڳالھ ڪيان
هي تھوار ٻوڏ ۽ وٺي تي آبادي ڪندڙ هاري پنھنجي ڪڻڪن ۾ اَنُ (هولو) پچڻ جي خوشيءَ ۾ ملھائيندا هئا
جنھن هاريءَ جي ڪڻڪ ۾ هولا تيار ٿيندا هئا ان کي داڻن جو آسرو هوندو هو
هتان جا اڪثر شھري غير مسلم هئا ۽ اڪثر مسلم علائقن ۾ اها ريت ڪونه هئي انڪري ٻاهران آيل ماڻھن لاءِ هي تھوار اوپرو هيو نتيجي ۾ اسان جي زرعي تھوار کي مذهبي رنگ ڏئي پرائو ڪيو ويو
اچو ته پنھنجا تھوار ورايون
نوان تھوار قائم ڪرڻ سٺي ڳالھ آهي
پر پراڻن کي ياد رکڻ پڻ اسان جو فرض آهي